نارٿ ناظم آباد ٽائون
ڏيک
نارٿ ناظم آباد ٽائون شمالی ناظم آباد ٹاؤن | |
---|---|
ٽائون | |
North Nazimabad Town | |
![]() نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ اي-او ڪلاڪ | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ڊويزن | ڪراچي ڊويزن |
ضلعو | ناظم آباد ضلعو، ڪراچي |
يونين ڪائونسلون | 10 يونين ڪائونسلون |
انتخابي تڪ | اين اي-250 (ڪراچي سينٽرل۔4) |
ٽائون جو درجو ڏنو ويو | 14 آگسٽ، 2001ع |
ختم ڪيو ويو | 11 جولائي، 2011ع |
ٻيهر ترتيب ڏنو | 15 جولاء، 2013ع |
بحال ڪيو ويو | جنوري، 2022ع |
حڪومت | |
• قسم | ٽائون ڪونسل |
• ٽائون چيئرمين | عاطف علي خان |
پکيڙ | |
• ڪل | 23 ڪ.م2 (9 ميل2) |
آبادي (2023ع) | |
• ڪل | 920,476 |
نارٿ ناظم آباد ٽائون (اردو: شمالی ناظم آباد ٹاؤن) صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي جي اترئين حصي ۾ واقع هڪ تعلقو آهي ۽ ان جو نالو نارٿ ناظم آباد جي مضافات جي نالي تي رکيو ويو آهي. نارٿ ناظم آباد ٽائون سال 2001ع ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع جي حصي طور قائم ڪيو ويو، ان کي 10 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو، 15 جولاء 2013ع تي سنڌ حڪومت مقامي حڪومت جو نظام ختم ڪري ضلعن واري نظام جي بحالي سان نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن ۾ تبديل ڪيو، نارٿ ناظم آباد ٽائون کي سال 2015ع ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعي (هاڻي ناظم آباد ضلعو) جي حصي طور ٻيهر منظم ڪيو ويو. جنوري 2022ع ۾، سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن ذريعي ٽائون جو نظام بحال ڪيو ويو جنهن ڪراچي کي 26 شهرن ۽ 233 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو.[1][2]
سال 2023ع جي آدمشماري جي مطابق سب ڊويزن جي آبادي 920,476 آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Tahir Siddiqui (2022-01-08). "Division of Karachi into 26 towns, 233 UCs notified (by the government)" (en-US ۾). Dawn (newspaper). https://www.dawn.com/news/1668180.
- ↑ "North Nazimabad Town". City District Government of Karachi website. وقت 13 June 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 December 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)