مواد ڏانھن هلو

نارٿ ناظم آباد ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نارٿ ناظم آباد ٽائون
شمالی ناظم آباد ٹاؤن
ٽائون
North Nazimabad Town
نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ اي-او ڪلاڪ
نارٿ ناظم آباد ٽائون ۾ اي-او ڪلاڪ
Map
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊويزن ڪراچي ڊويزن
ضلعو ناظم آباد ضلعو، ڪراچي
يونين ڪائونسلون 10 يونين ڪائونسلون
  1. يو سي-1، سر سيد
  2. يوسي-2، فاروق اعظم
  3. يوسي-3، تيموريه
  4. يوسي-4، بفر زون
  5. يوسي-5، صديق اڪبر
  6. يوسي-6 سخي حسن
  7. يوسي-7، حيدري
  8. يوسي-8 الفلاح
  9. يوسي-9، پھاڙ گنج
  10. يوسي-10، مصطفیٰ آباد
انتخابي تڪ اين اي-250 (ڪراچي سينٽرل۔4)
ٽائون جو درجو ڏنو ويو 14 آگسٽ، 2001ع
ختم ڪيو ويو 11 جولائي، 2011ع
ٻيهر ترتيب ڏنو 15 جولاء، 2013ع
بحال ڪيو ويو جنوري، 2022ع
Government
  Type ٽائون ڪونسل
  ٽائون چيئرمين عاطف علي خان
Area
  Total
23 ڪ.م2 (9 ميل2)

نارٿ ناظم آباد ٽائون (اردو: شمالی ناظم آباد ٹاؤن) صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي جي اترئين حصي ۾ واقع هڪ تعلقو آهي ۽ ان جو نالو نارٿ ناظم آباد جي مضافات جي نالي تي رکيو ويو آهي. نارٿ ناظم آباد ٽائون سال 2001ع ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع جي حصي طور قائم ڪيو ويو، ان کي 10 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو، 15 جولاء 2013ع تي سنڌ حڪومت مقامي حڪومت جو نظام ختم ڪري ضلعن واري نظام جي بحالي سان نارٿ ناظم آباد سب ڊويزن ۾ تبديل ڪيو، نارٿ ناظم آباد ٽائون کي سال 2015ع ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعي (هاڻي ناظم آباد ضلعو) جي حصي طور ٻيهر منظم ڪيو ويو. جنوري 2022ع ۾، سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن ذريعي ٽائون جو نظام بحال ڪيو ويو جنهن ڪراچي کي 26 شهرن ۽ 233 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو.[1][2]

سال 2023ع جي آدمشماري جي مطابق سب ڊويزن جي آبادي 920,476 آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Tahir Siddiqui (2022-01-08). "Division of Karachi into 26 towns, 233 UCs notified (by the government)" (en-US ۾). Dawn (newspaper). https://www.dawn.com/news/1668180.
  2. "North Nazimabad Town", City District Government of Karachi website, اصل کان 13 June 2006 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 31 December 2022۔