اورنگي ضلعو
اورنگي ضلعو ضلع اورنگي | |
|---|---|
ڪراچي ڊويزن جو ضلعو | |
| Motto(s): عزم، محنت ۽ ترقي | |
اورنگي ضلعي جو نقشو | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ڊويزن | ڪراچي ڊويزن |
| قائم ٿيو | 1972 |
| هيڊ ڪوارٽر | اورنگي |
| ختم ڪيو ويو | 2001 (سي ڊي جي ڪي) |
| بحال ڪيو ويو | 11 July 2011 |
| بنياد رکندڙ | ممتاز ڀٽو (وزيراعليٰ) |
| انتظاميا[1] | ڊي ايم سي ويسٽ |
| انتظامي سب ڊويزنون | |
| حڪومت | |
| • طرز | ضلعي انتظاميه |
| • باڊي | ڪراچي حڪومت |
| • تڪ | اين اي-244 ڪراچي ويسٽ-1 اين اي-245 ڪراچي ويسٽ-2 اين اي-246 ڪراچي ويسٽ-3 |
| • ڪراچي ڊويزن جو ڪمشنر | سيد حسن علي نقوي (ايم ڪيو ايم پاڪستان) |
| • ڊپٽي ڪمشنر اورنگي ضلعو | احمد علي صديقي (ايم ڪيو ايم پاڪستان) |
| • ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر | زاهد علي ڀٽي (ايم ڪيو ايم پاڪستان) |
| • قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڪوڊ | 42401 |
| ايراضي | |
| • ڪراچي ڊويزن جو ضلعو | 370 چورس ڪلوميٽر (140 چورس ميل) |
| آبادي | |
| • ڪل | 2,679,380 |
| • ڪثافت | 7241.6 في چورس ڪلوميٽر |
| • شهري | 2,430,428 |
| • ٻهراڙي | 248,952 |
| رهاڪو نالو | ڪراچي واسي |
| خواندگي | |
| وقتي علائقو | UTC+05:00 (پي ڪي ٽي) |
| • اونهارو (ر.ب.و) | ڊي ايس ٽي لاڳو نه آهي |
| پوسٽل ڪوڊ | |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 021 |
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | PK-SD |
| موٽرويز ۽ اهم شرياني روڊ | Lua error in ماڊيول:Jct at line 204: attempt to concatenate local 'link' (a boolean value). & منگهوپير روڊ شاهراهه قذافي ناردرن باءِ پاس – اورنگي لنڪ روڊ نئون ڪراچي – اورنگي لنڪ روڊ خواجه شمس الدين عظيمي روڊ حب ڊيم روڊ |
| اورنگي ضلعي جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڪوڊ | 42401-XXXXXXX-X |
اورنگي ضلعو (اڳوڻو ڪراچي ويسٽ ضلعو، Urdu: ضلع اورنگی؛ پڻ ڪراچي غربي)، ڪراچي ڊويزن جو هڪ انتظامي ضلعو آهي، جيڪو 1972ع ۾ قائم ڪيو ويو. هي ضلعو ڪراچي جي اولهندي حصي ۾ سنڌ، پاڪستان ۾ واقع آهي. 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري موجب ضلعي جي آبادي 26,79,380 (26.8 لک) هئي.
تاريخ
[سنواريو]اورنگي ضلعو (اڳوڻو ڪراچي ويسٽ ضلعو) 1972ع ۾ ڪراچي ڊويزن جي هڪ ضلعي طور قائم ڪيو ويو. سال 2000ع ۾ سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي جي قيام کان پوءِ ضلعي کي ختم ڪيو ويو. وفاقي حڪومت 2000ع ۾ مقامي حڪومتن جون سڌارا متعارف ڪرايون، جن تحت اڳوڻي ”ٽئين درجي جي حڪومت“ (انتظامي ڊويزنن) کي ختم ڪري ”چوٿين درجي جي حڪومت“ (ضلعن) سان تبديل ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾ 2001ع ۾ اڳوڻي ڪراچي ڊويزن کي ختم ڪري ان جي پنجن ضلعن کي ضم ڪري نئين سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي جوڙي وئي، جيڪا ارڙهن خودمختيار ٽائونن تي مشتمل هئي. ان عمل دوران ڪراچي ويسٽ ضلعو کي هيٺين پنجن ٽائونن ۾ ورهايو ويو:
11 جولاءِ 2011ع تي سنڌ حڪومت ٻيهر ڪراچي ويسٽ ضلعو بحال ڪيو.[5]
2015ع ۾ لياري ٽائون کي ڪراچي ڏکڻ ضلعو ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته منگهوپير ۽ مومن آباد جون نيون سب ڊويزنون ڪراچي ويسٽ ضلعي ۾ شامل ڪيون ويون.
2020ع ۾ ڪياماڙي ضلعو، ڪراچي ويسٽ ضلعو مان الڳ ڪري نئون ضلعو قائم ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾ بلديه ٽائون، ڪياماڙي ٽائون، موري پور ٽائون ۽ سائيٽ ٽائون ڪياماڙي ضلعي جو حصو بڻجي ويا.[6][7][8]
2023ع کان ڪراچي ويسٽ ضلعو جو نالو تبديل ڪري اورنگي ضلعو رکيو ويو.
آباديات
[سنواريو]| Year | Pop. | ±% p.a. |
|---|---|---|
| 1961 | ... | — |
| 1972 | ... | — |
| 1981 | ... | — |
| 1998 | 2,127,765 | — |
| 2017 | 3,907,065 | +3.25% |
| 2023 | 2,679,380 | −6.09% |
| ذريعا:[9] | ||
2023ع جي پاڪستاني آدمشماري موجب اورنگي ضلعي ۾ 4,64,756 گهر ۽ 26,79,380 جي آبادي هئي.[10] ضلعي ۾ هر 100 عورتن جي مقابلي ۾ 112 مردن جو تناسب هو، جڏهن ته خواندگي جي شرح 67.43٪ هئي، جنهن مان مردن ۾ 69.75٪ ۽ عورتن ۾ 64.79٪ خوانده هئا.[3][11] 6,73,559 ماڻهو (سروي ڪيل آبادي جو 25.14٪) ڏهن سالن کان گهٽ عمر جا هئا.[12] ضلعي جي 24,30,428 آبادي (90.71٪) شهري علائقن ۾ رهندي هئي.[3]
مذهب
[سنواريو]اورنگي ضلعي ۾ اڪثريتي مذهب اسلام آهي، جنهن جا پيروڪار 26,19,785 هئا. ان کان علاوه 50,192 عيسائي، 7,744 هندو، 361 احمدي، 105 شيڊيول ڪاسٽ سان تعلق رکندڙ، 603 سک، 222 پارسي ۽ 368 ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهندا هئا.[13]
ٻوليون
[سنواريو]| ٻولي | درجو | 2023ع جي آدمشماري[14] | ڳالهائيندڙ | 2017ع جي آدمشماري (ڪياماڙي ضلعو خارج) |
ڳالهائيندڙ | واڌ جي شرح (2017–2023) |
|---|---|---|---|---|---|---|
| اردو | 1 | 55.4٪ | 1,484,395 | 50.27٪ | 1,044,223 | |
| پشتو | 2 | 24.4٪ | 653,129 | 26.19٪ | 544,054 | |
| پنجابي | 3 | 4.9٪ | 130,596 | 6.13٪ | 127,352 | |
| سنڌي | 4 | 3.9٪ | 103,826 | 3.57٪ | 74,226 | |
| سرائيڪي | 5 | 3.5٪ | 92,741 | 3.82٪ | 79,547 | |
| بلوچي | 6 | 2.70٪ | 73,542 | 2.70٪ | 56,189 | |
| هندڪو | 7 | 2.4٪ | 64,030 | 1.61٪ | 33,547 | |
| ٻيون | 8 | 2.87٪ | 77,121 | 2.60٪ | 54,077 | |
| ڪل | 9 | 100٪ | 2,679,380 | 100٪ | 2,077,228 |
2023ع جي پاڪستاني آدمشماري وقت ضلعي جي 14,84,395 ماڻهن جي مادري ٻولي اردو، 6,53,129 جي پشتو، 1,30,596 جي پنجابي، 1,03,826 جي سنڌي، 92,741 جي سرائيڪي، 73,542 جي بلوچي، 64,030 جي هندڪو، 5,434 جي ڪشميري، 19,374 جي براهوي، 772 جي شِنا، 1,765 جي بلتي، 6,714 جي ميواٽي، 131 جي ڪلاشا ۽ 2,058 جي انڊس ڪوهستاني هئي، جڏهن ته 40,873 ماڻهن ٻين ٻولين کي پنهنجي پهرين ٻولي طور ظاهر ڪيو.[15]
جاگرافي
[سنواريو]اورنگي ضلعو ڪراچي ڊويزن جي اتر-اولهندي حصي ۾ واقع آهي. ضلعي جي اتر ۾ ملير ضلعو جو گڏاپ ٽائون واقع آهي. اوڀر ۾ ناظم آباد ضلعو جا نئون ڪراچي ٽائون ۽ اتر ناظم آباد ٽائون واقع آهن. اولهه ۾ ڪياماڙي ضلعو جو موري پور ٽائون واقع آهي. ڏکڻ-اولهه ۾ ڪياماڙي ضلعو جو بلديه ٽائون ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪياماڙي ضلعو جو سائيٽ ٽائون واقع آهي.
اورنگي ضلعي جي انتظامي ورهاست
[سنواريو]اورنگي ضلعي ۾ ڪُل ٽي انتظامي سب ڊويزنون (ٽائون) آهن، جن جي آبادي هيٺ ڏجي ٿي:
| سب ڊويزن / ٽائون | آبادي |
|---|---|
| مومن آباد سب ڊويزن | 1,081,753 |
| منگهوپير سب ڊويزن | 1,000,708 |
| اورنگي سب ڊويزن | 596,919 |
| ڪُل آبادي | 2,679,380 |
يونين ڪاميٽين جي فهرست
[سنواريو]29 سيپٽمبر 2022ع تي سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اورنگي ضلعي جي ٽنهي ٽائونن جون يونين ڪاميٽيون ۽ انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
منگهوپير ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪاميٽي نمبر | يونين ڪاميٽي جو نالو |
|---|---|
| يو سي-01 | مائي گهاري |
| يو سي-02 | منگهوپير |
| يو سي-03 | پختون آباد |
| يو سي-04 | سرجاڻي |
| يو سي-05 | يوسف ڳوٺ |
| يو سي-06 | رحيم ڳوٺ |
| يو سي-07 | ڪي ڊي اي فليٽ |
| يو سي-08 | ڀٽي ڳوٺ |
| يو سي-09 | خدا جي بستي |
| يو سي-10 | لياري ايڪسپريس وي ري سيٽلمينٽ پراجيڪٽ |
| يو سي-11 | حسن ڳوٺ |
| يو سي-12 | گلشن معمار |
| يو سي-13 | ملا حسين بروهي |
| يو سي-14 | ڪواري ڪالوني |
| يو سي-15 | ايم پي آر ڪالوني |
| يو سي-16 | گبول ڪالوني |
مومن آباد ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪاميٽي نمبر | يونين ڪاميٽي جو نالو |
|---|---|
| يو سي-01 | فريد ڪالوني |
| يو سي-02 | هريانا ڪالوني |
| يو سي-03 | بسم الله ڪالوني |
| يو سي-04 | اسلام نگر |
| يو سي-05 | مومن آباد |
| يو سي-06 | فرنٽيئر ڪالوني |
| يو سي-07 | بنارس ڪالوني |
| يو سي-08 | پيرآباد |
| يو سي-09 | قصبه ڪالوني |
اورنگي ٽائون
[سنواريو]| يونين ڪاميٽي نمبر | يونين ڪاميٽي جو نالو |
|---|---|
| يو سي-01 | گلشن ضياءُ |
| يو سي-02 | بينظير ڪالوني |
| يو سي-03 | مسلم نگر ڪالوني |
| يو سي-04 | جناح ڪالوني |
| يو سي-05 | اقبال بلوچ ڪالوني |
| يو سي-06 | نعيم شاهه بخاري ڪالوني |
| يو سي-07 | شاهه ولي الله نگر |
| يو سي-08 | داتا نگر |
اهم روڊ
[سنواريو]اورنگي ضلعي مان گذرندڙ اهم شاهراهن ۽ رابطا روڊن ۾ ايم-10 موٽروي ۽ منگهوپير روڊ، شاهراهه قذافي، ناردرن باءِ پاس – اورنگي لنڪ روڊ، نئون ڪراچي – اورنگي لنڪ روڊ، خواجه شمس الدين عظيمي روڊ ۽ حب ڊيم روڊ شامل آهن. اهي روڊ ضلعي کي ڪراچي جي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ سان گڏ واپار، صنعت، آمدورفت ۽ روزاني سفري سرگرمين لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا.
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "ADMINISTRATIVE DISTRICTS". Commissioner, Karachi Division. اصل نسخو مان 14 January 2019 تي محفوظ ڪيل. 9 June 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Under SC judgement: Sindh govt repatriates 32 officials of Karachi DMC to parent depts". The News International (newspaper). 22 February 2021. 11 January 2022 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 1" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- ↑ "Literacy rate, enrolments, and out-of-school population by sex and rural/urban, CENSUS-2023, SINDH" (PDF).
- ↑ سانچو:Usurped, Published in The News Tribe on 11 July 2011, Retrieved on 7 August 2012
- ↑ "Karachi fits seventh district into its mix – Keamari | SAMAA". Samaa TV (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Ruckus in Sindh Assembly as opposition protests Kemari district decision | Pakistan Today". www.pakistantoday.com.pk. 2020-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Sindh Cabinet approves division of Karachi into seven districts". The Nation (انگريزي ۾). 2020-08-21. 2020-08-23 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Population by administrative units 1951-1998" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 20" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 12" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- ↑ "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 5" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- 1 2 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 9" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- 1 2 "7th Population and Housing Census - Detailed Results: Table 11" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
- ↑ "Pakistan Census 2023" (PDF).
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Articles containing Urdu-language text
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- ڪراچي
- اورنگي ضلعو
- سنڌ جا ضلعا
- ڪراچي جا ضلعا