شاهه جو رسالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو
شاهه جو رسالو
Shah Jo Risalo.jpg
مصنف شاهه عبداللطيف ڀٽائي
اصل عنوان شاه جو رسالو
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع صوفي ازم (تصوف)
ثقافت
تاريخ
صنف شاعري
شايع ڪندڙ سنڌي ادبي بوڊ
ڇاپي جي تاريخ
1961

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو سنڌي ادب ۾ هڪ املهه خزانو آهي. شاھ جو ڪلام، مضمون جي مدنظر تي هيٺين جدا طبقن ۾ وراهي سگهجي ٿو. [1]

شاهه جو رسالو جا سُر (چيپٽر)[سنواريو]

شاهه جي رسالي جا هيٺيان سر آهن. [2] [3]

تحقيق[سنواريو]

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پهريون غير ملڪي عالم هو جنهن رسالي کي ترتيب ڏيئي جرمني جي شهر ليپسگ مان 1866ع ۾ شايع ڪيو. پيسن جي گهٽتائيءَ سبب هو رسالي جا باقي سُر ڇپائي نه سگهيو. هن رسالي متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽي لکيو ته، ”اگرچ ڇپايل نسخي ۾ گهڻيون ئي اوڻايون آهن، ته به هي ڇاپو ڪيترين ڳالهين ڪري ممتاز آهي. هن ڌارئين ڪرستان پادريءَ کي آفرين هجي، جو سرجو شي ڏيکاري اهڙو امل ماڻڪ نروار ڪري ٻين لاءِ مثال پيدا ڪيائين.[4]“.[5] ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي جي شايع ٿيڻ جي هڪ سال کان پوءِ، مطبع حيدري بمبئي جي مالڪ قاضي ابراهيم پل بندري، شاهه جو رسالو سنگي حروفن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن رسالي جي ڪتابت حاجي محمد سمي ڪئي. ڪاتب جي اڳيان ٻه يا ٽي قلمي نسخا موجود هئا، جو رسالي جي حاشين تي مختلف پڙهڻيون ڏنل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هن رسالي بابت مقدمي ۾ لکيو ته، ”هن ڇاپي جهڙو ردي نسخو هڏهين هٿ نه ايندو. سنڌ ۾ جيڪوبه ڪن ڪچري جهڙو ڪلام، جو شاهه جي نالي ڳائيندا آهن يا جيڪي بيت مسخرا مجلسن ۾ راند وجهندي چوندا ويندا آهن وغيره، سي به سڀ سواءِ ڪنهن تميز جي منجهس ٿو ڦيا ويا آهن. هن نسخي جي صورتخطي جهوني آهي، جنهن جي پڙهڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.“2. بمبئي واري رسالي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي سال 1900ع ۾، مسٽر تاراچند شو قيرام جي مدد سان نئين صورتخطيءَ ۾ شاهه جو رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي پوءِ گهڻي تنقيد ٿي. اُن ڳالهه کي مدنظر رکندي، مرزا قليچ بيگ سال 1913ع ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو. مرزا صاحب سرڪاري ڇاپي کي سامهون رکندي، بمبئي ڇاپي وارا زائد بيت ۽ وايون رسالي ۾ داخل ڪيون ته جيئن پڙهندڙن کي سڀيئي بيت هڪ هنڌ ملي سگهن. مرزا صاحب واري رسالي ۾ پڙهڻين جون تمام گهڻيون غلطيون موجود آهن. سال 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي رسالي جو صحيح ڇاپو شايع ڪرڻ جو بار پاڻ تي کنيو. ڊاڪٽر صاحب سال 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. چوٿون جلد ڪن سببن جي ڪري ڇپائي نه سگهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رسالي جا جيڪي ٽي جلد شايع ڪيا، اُنهن ۾ گهڻو ڪري اِهو خيال رکيو ويو ته ٻين سالڪن جي بيتن کي الڳ ڪري هڪ صاف سُٿرو متن شايع ڪيو وڃي. ڪنهن حدتائين ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي مقصد ۾ سڦل به ٿيو. هن جي اڳيان قلمي نسخن جو ايترو گهڻو تعداد ڪونه هو، فقط پنج قلمي نسخا ۽ پنج ڇاپي رسالا سندس اڳيان هئا، جن جي آڌار تي هن متن جو بنياد رکيو. اِهوئي سبب آهي جو هو بيتن جي گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪري نه سگهيو. ڪوشش ڪري ٻين سالڪن جا بيت الڳ ڪيائين.هُن بيتن جي معنيٰ، صحيح تلفظ ۽ لفظن جي سمجهاڻيءَ تي گهڻو زور ڏنو. سندس رسالو پنهنجيءَ جڳهه تي اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو، جتان پوءِ جي مؤلفن گهڻو لاڀ حاصل ڪيو. اڃاتائين سندس رسالي جي گهڻي مڃتا آهي ۽ رسالو سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ غلام محمد شاهواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو، جنهن جون پڙهڻيون گربخشاڻيءَ واري رسالي تان ورتل آهن. اُن جا ٽي سُر ’واصف‘ جا لکيل آهن، جيڪي الڳ الڳ سُرن جي صورت ۾ به شايع ٿيا، جيڪي پوءِ رسالي ۾ پڻ داخل ڪيا ويا. شاه واڻيءَ جي رسالي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري رسالي کان علاوه باقي جيڪي سُر آهن تن ۾ ڌاريون ڪلام گهڻو ئي آهن. اُن جو سبب اِهو آهي جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ٻيا سُر شايع ٿي نه سگهيا جو اُنهن کي خبر پئي ها ته ڪهڙا بيت ٻين سالڪن جا آهن. شاهواڻيءَ جي اڳيان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماخذ: شاهه ڪريم جو رسالو ۽ ابيات سنڌي موجود هئا پر اُن جي باوجود‘ ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جا بيت موجود آهن، جنهن مان خبر پوي ٿي ته موصوف ڪنهن به قسم جي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ بمبئيءَ واري رسالي کي اڳيان رکي باقي سُر ترتيب ڏنا. غلام محمد شاه واڻيءَ جي رسالي شايع ٿيڻ کان پوءِ هندوستان مان ڪلياڻ بول چند آڏواڻيءَ جو رسالو شايع ٿيو. اُن جو به ساڳيوئي حال آهي ۽ ڪيترن ئي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت موجود آهن. هن صاحب به تحقيق نه ڪئي، ايستائين جو شاهه ڪريم جي رسالي کي به نه ڏٺو. سڄو مدار گربخشاڻيءَ واري رسالي تي رکيو. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي کان پوءِ علامه آءِ .آءِ قاضيءَ جو رسالو شايع ٿيو . مون اِهو رسالو نه ڏٺو آهي، اِن ڪري اُن متعلق ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ڪَجهه سال اڳ عثمان علي انصاريءَ جو رسالو شايع ٿيو آهي. فاضل مصنف ديباچي ۾ گهڻي خواهش ڪئي آهي ته ڌاريون ڪلام الڳ ڪيو وڃي، پر حال ساڳيو ئي آهي. ڪافي سُرن ۾ ٻين سالڪن جا بيت ڏنل آهن. البته بيتن جون ڪي نيون پڙهڻيون سامهون آيون آهن. انصاري صاحب جي آڏو شاهه ڪريم جو رسالو، شيخ عبدالرحيم جو ڪلام ۽ خواجه محمد زمان جا بيت موجود هئا، پراُن جي باوجود ”سُرآسا“ ۾ شاهه ڪريم جابيت موجود آهن، جنهن جو ڪو جواز نٿو ٺهي. هن صاحب به اُنهن ٽنهي ماخذن ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو، جنهن مان اِهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انصاري صاحب به ٻين مـؤلفن جو رستو اختيار ڪيو ۽ تحقيق ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. افسوس جو جنهن صاحب اُن کي ايڊٽ ڪيو آهي، تنهن به اُن ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو آهي. رسالي ۾ ايترو سو ٿيو آهي، جو سڀيئي ڌاريان سُر الڳ ڪيا ويا آهن، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. شاهه جي رسالي تي جيڪا محنت سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪئي آهي سا ڪنهن کان به لڪل ڪانهي. ڊاڪٽر صاحب سالن جا سال رسالي جي متن تي نور نچويو آهي، جنهن لاءِ سنڌي ادب سندس ٿورا ڪڏهن به لاهي نه سگهندو. سنڌ جي هن اورچ عالم 1967ع کان شاهه جي رسالي جي جامع متن لاءِ تحقيق جي ڪم جو آغاز ڪيو، جنهن جي اشاعت جي شروعات 1989ع ۾ معياري متن جي پهرئين جلد جي پڌري ٿيڻ سان ٿي. هي جلد”سُر ڪلياڻ ويمن“ جي متن، مهاڳ ۽ سمجهاڻيءَ واري حصي تي مشتمل آهي. پهرئين جلد کي مرتب ڪرڻ وقت 46 قلمي نسخا ۽ 10 ڇاپي نسخا ڪتب آندا ويا آهن. ايتري ساري مواد مان بيتن کي الڳ ڪرڻ، اُنهن کي ڀيٽڻ ۽ ترتيب ڏيڻ هڪ نهايت اوکو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب وڏي خوش اسلوبيءَ سان مڪمل ڪيو آهي. هن ايڏي ساري ڪم ۾ اُهي ڪارڪن پڻ مبارڪ باد جا مستحق آهن، جن بيتن کي اُتارڻ ۽ ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو سهڻو ساٿ ڏنو ۽ سڄي ڪم ۾ ڊاڪٽر صاحب جا اڻ ٿڪ ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. اُنهن مخلص ڪارڪنن جي علمي سهڪار کان سواءِ رسالي جو ايڏو وڏو ڪم مڪمل ٿي نه سگهي ها.[6]


شاهه جون سورميون[سنواريو]

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي سورمين کي سنڌي لوڪ ڪهاڻين جي اٺ راڻين طور سڃاتو وڃي ٿو، جن کي شاهه جو رسالو ۾ شاهي جو درجو ڏنو ويو آهي.


ترجما[سنواريو]

شاهه جو رسالو جو پهريون ڀيرو 1866ع ۾ ترجمو جرمن ٻوليءَ ۾ هڪ جرمن ودوان ۽ پادريءَ پاران ارنسٽ ٽرمپ ڪيو هيو، جڏهن 1860 جي ڏهاڪي ۾ هو سنڌي ٻولي ۽ سڀيتا ۽ جوڳين ۽ ڳائڻن کان متاثر ٿيو، جن شاهه لطيف جي آيتن کي ڳايو.


پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Lateefyat/Book1/Book_page1.html
  2. WICHAAR DOT COM***** Punjabi News and Comprehensive Punjabi Journal*****
  3. http://sindhisangatuk.com/poetry/shah_jo_risalo.pdf
  4. { مضمون ۽ مقالا/ ڊاڪٽر دائودپوٽو، ص 194}
  5. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page5.html#_ftn1.  Missing or empty |title= (مدد)
  6. شاهه جو رسالو_معياري متن(جلد پهرئين جو تحقيقي جائزو) ناسف علي شيراز ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع


ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]