ڪراچي ڏکڻ ضلعو
(ڪراچي ڏکڻ کان چوريل)
ڪراچي ڏکڻ | |
---|---|
ضلعو | |
ڪراچي سائوٿ ڊسٽرڪٽ | |
![]() ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي پراڻي آفيس | |
![]() ڪين تلوار چوڪ | |
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°50′N 67°00′E / 24.833°N 67.000°Eمڪانيت: 24°50′N 67°00′E / 24.833°N 67.000°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | ڪراچي ڊويزن |
تعلقا | #صدر سب ڊويزن (اڳوڻو: صدر ٽائون)
|
پکيڙ | |
• ڪل | ٨٥ ڪ.م٢ (٣٣ ميل٢) |
آبادي (2017) | |
• ڪل | ١٧,٩١,٧٥١[1] |
ڪراچي ڏکڻ(انگريزي: Karachi South District ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جو ھڪ ضلعو جيڪو موجوده ڪراچي شھر جي ڏاکڻي پاسي واقع آهي. ھن ضلعي جي تعلقن کي سب ڊويزن جو درجو مليل آهي. ضلعي م ھن وقت ست سب ڊويزنون ۽ ٻہ ڪينٽونمينٽ واقع آهن. جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:
- صدر سب ڊويزن (اڳوڻو صدر ٽائون)
- سول لائينز سب ڊويزن (اڳوڻو: صدر ٽائون)
- آرام باغ سب ڊويزن
- لياري سب ڊويزن (اڳوڻو: لياري ٽائون)
- گارڊن سب ڊويزن (اڳوڻو: صدر ٽائون)
- ماڙي پور سب ڊويزن
(اڳوڻو: ڪياماڙي ٽائون) - ھاربر سب ڊويزن
(اڳوڻو: ڪياماڙي ٽائون)
2000 ۾ ھن ضلعي کي ڪراچي جي ٻين ضلعن سميت ختم ڪري سٽي گورنمينٽ جي ٽائونن ۾ تبديل ڪيو ويو ھو ۽ ان وقت ھن ضلعي کي اٺن ٽائون ۾ ورھايو ويو هو جن ۾ لياري ٽائون، صدر ٽائون، سول لائينز ٽائون ۽ جمشيد ٽائون، ھاربر ٽائون، ماڙي پور ٽائون، گارڊن ٽائون ۽ آرام باغ ٽائون شامل ھيا. 11 جنوري 2011 تي سنڌ حڪومت ھن ضلعي کي ٻيھر بحال ڪيو.[2]
حوالا[سنواريو]
- ↑ https://www.citypopulation.de/php/pakistan-karachi.php
- ↑ Karachi’s district status restored, notification issued, Published in The News Tribe on 11 July 2011, Retrieved on 7 August 2012