ناظم آباد سب ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ناظم آباد
تعلقو
ناظم آباد سب ڊويزن
لياقت آباد ٽائون جو نقشو (ان جي ڏکڻ اولھ وارو حصو ڪجھ اضافي سان ھاڻي ناظم آباد سب ڊويزن سڏجي ٿو) [1]
لياقت آباد ٽائون جو نقشو (ان جي ڏکڻ اولھ وارو حصو ڪجھ اضافي سان ھاڻي ناظم آباد سب ڊويزن سڏجي ٿو) [1]
ناظم آباد is located in سنڌ
ناظم آباد
ناظم آباد
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
ناظم آباد is located in Pakistan
ناظم آباد
ناظم آباد
ناظم آباد (Pakistan)
متناسقات: 24°54′N 67°02′E / 24.900°N 67.033°E / 24.900; 67.033مڪانيت: 24°54′N 67°02′E / 24.900°N 67.033°E / 24.900; 67.033
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوڪراچي سينٽرل ضلعو
يونين ڪاميٽيون5


  1. يو سي پاپوش نگر 47
  2. يو سي اورنگ آباد 48
  3. يو سي ناظم آباد 1 49
  4. يو سي رضويه سوسائٽي 50
  5. يو سي گلبھار 51
ايراضي[2]
 • ڪُل5.29 ڪلوميٽراسڪوائر (2.04 اسڪوائر ميل)
آبادي (2017)[2]
 • ڪُل447,435
 • گھاٽائي85,000/km2 (220,000/sq mi)
ٽائيم زونپاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)


ناظم آباد سب ڊويزن(انگريزي: Nazimabad Subdivision ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جو هڪ تعلقو آهي جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0472374 لانگيٽيوڊ ۽ 24.9046605 ليٽيٽيوڊ تي آھي، ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 21 ميٽر يا 69 فوٽ آھي[3]. 2013 ۾ ضلعي نظام ختم ڪري شھري حڪومت جو نظام آندو ويو جنھن تحت ڪراچي شھر کي ارڙھن ٽائونن ۾ ورھايو ويو جن م لياقت ٽائون پڻ ھڪ ھيو . 11 جولاء 2015 ۾ شھري حڪومت واري نظام کي ختم ڪري پراڻي ضلعي نظام کي بحال ڪيو ويو تہ لياقت ٽائون مان ٻہ تعلقا جوڙيا ويا: لياقت آباد سب ڊويزن ۽ ناظم آباد سب ڊويزن. ھن تعلقي جي تڪ مان مان 2018 جي عام چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو خالد مقبول صديقي ايم اين اي چونڊجي آيو.

آبادي[سنواريو]

ھي تعلقي جي 1998 م آدمشماري 3,63,193 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري واري تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي وڌي 4,47,435ٿي وئي[2]. ان ڪاٿي مطابق ھن تعلقي جي في چورس ڪلوميٽر م 48,581 ماڻھو رھن ٿا. تعلقي جي 100 سيڪڙو آبادي شھري آھي[2]. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. اقليتي نسلي گروهن م پنجابي، پٺاڻ، سرائڪي ۽ سنڌي اچي وڃن ٿا.

مشھور روڊ ۽ گھٽيون[سنواريو]

پاپوش نگر روڊ، ناظم آباد روڊ الطاف علي بريلوي روڊ، سر شاھ محمد سليمان روڊ، نواب صديق علي خان روڊ،

مشھور تعليمي ادارا[سنواريو]

سر سيد گورنمينٽ گرلز ڪاليج ناظم آباد بلاڪ 1، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين ناظم آباد بلاڪ 1، مردن جي گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد، عبدالله گرلس ڪاليج پاپوش نگر، سر سيد چلڊرين اڪيڊمي، عثمانيه گرلس ڪاليج، گورنمينٽ وحيدآباد سيڪنڊري اسڪول، حسيني بوائيز سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس پائلٽ ھائر اسڪول ناظم آباد، اسلام آباد ھاء اسڪول واقع آھن

مشھور اسپتالون ۽ صحت مرڪز[سنواريو]

امام زين العابدين اسپتال، نعمت بيگم ھمدرد يونيورسٽي ھاسپيٽل،

باغ ۽ وندر جون جايون[سنواريو]

الفاروق ڪرڪيٽ گرائونڊ ناظم آباد 2، سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪامپليڪس ناظم آباد، رضويه ڪلب، ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، شاليمار پارڪ،

مشھور جايون[سنواريو]

گول مارڪيٽ ناظم آباد، امتياز سپر مارڪيٽ (ناظم آباد)، ڊرائيونگ لائسنس آفيس (ناظم آباد برانچ)، گوليمار قبرستان، ڊائمنڊ سپر مارڪيٽ،

ٿاڻا[سنواريو]

پاپوش ٿاڻو،

حوالا[سنواريو]

  1. ھن نقشي ۾ يونين ڪاؤنسل ڊاڪخانه جي بيھڪ غلط ڏيکاري وئي آهي جيڪا در حقيقت يو سي قاسم آباد جي ڏکڻ ۾ نہ پر اولھ م واقع آهي.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php-
  3. https://elevation.maplogs.com/poi/liaquatabad_town_karachi_karachi_city_sindh_pakistan.422221.html