شھر جو ناظم
ميئر (انگريزي ٻولي: Mayor) ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهر، ڳوٺ يا ٻين بلدياتي حڪومتن جو اعليٰ ترين چونڊيل يا مقرر ڪيل عملدار هوندو آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ميئر جا اختيار، ذميواريون ۽ چونڊ جو طريقو مقامي قانونن ۽ انتظامي نظام موجب مختلف هوندو آهي. ڪن ملڪن ۾ ميئر بلدياتي حڪومت جو مکيه انتظامي سربراهه هوندو آهي، جڏهنتہ ٻين هنڌن تي هو صرف بلدياتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندو آهي يا رڳو رسمي ۽ نمائشي حيثيت رکندو آهي.
ميئر جون ذميواريون عام طور تي بلدياتي انتظاميه جي نگراني ڪرڻ، عملدارن ۽ ملازمن جي مقرري يا نگراني، شهرين کي بنيادي بلدياتي خدمتون فراهم ڪرڻ، ۽ بلدياتي ڪائونسل يا لاڳاپيل صوبائي يا قومي حڪومت طرفان منظور ڪيل قانونن ۽ ضابطن تي عمل ڪرائڻ شامل هونديون آهن. ميئر جي چونڊ سڌيءَ ريت عوام جي ووٽن سان يا بلدياتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن طرفان ڪئي ويندي آهي، جيڪو هر ملڪ جي انتظامي نظام تي دارومدار رکي ٿو.
لفظ ميئر جي لسانياتي اصل فوجي عهدي ميجر (Major) سان ساڳي آهي. اهي ٻئي لفظ فرانسيسي majeur مان نڪتل آهن، جيڪو وري لاطيني لفظ maior (وڏي يا اعليٰ) مان ورتل آهي، جيڪو magnus (وڏو) جو تقابلي روپ آهي.
تاريخ
[سنواريو]برطانيا
[سنواريو]
جديد انگلينڊ ۽ ويلز ۾ ميئر جو عهدو جاگيرداري دور جي بيليف يا ريو جي عهدي مان ارتقا ڪري وجود ۾ آيو. لنڊن جي اعليٰ بلدياتي عملدار کي نارمن فتح کان پوءِ هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين پورٽ ريو (Portreeve) سڏيو ويندو هو. هي عملدار عوام جي ووٽن سان چونڊيو ويندو هو، جيڪو حق بادشاهه جان طرفان عطا ڪيو ويو هو. ٻارهين صديءَ جي شروعات تائين لنڊن جي مکيه عملدار لاءِ پورٽ ريو جي بدران ميئر جو لقب رائج ٿي ويو، ۽ لڳ ڀڳ 1190ع ڌاري ونچيسٽر پڻ اهو لقب اختيار ڪيو. بعد ۾ ٻين شهرن پڻ ساڳيو لقب اختيار ڪيو.[حوالو گهربل]
اوڻيهين صديءَ ۾ ميونسپل ڪارپوريشن ايڪٽ 1882ع جي شق 15 تحت ميئر جي چونڊ جو قانوني طريقو مقرر ڪيو ويو. ان موجب هر سال 9 نومبر تي بلدياتي ڪائونسل پنهنجي ميمبرن يا اهڙن اهل ماڻهن مان هڪ سال لاءِ ميئر چونڊيندي هئي. ساڳيو شخص ٻيهر به چونڊيو وڃي سگهندو هو. بيماري يا غيرحاضريءَ جي صورت ۾ ميئر ڪنهن ڪائونسلر يا آلڊرمين کي پنهنجو نائب مقرر ڪري سگهندو هو. جيڪڏهن ميئر ٻن مهينن کان وڌيڪ پنهنجي حد کان ٻاهر رهندو هو ته سندس عهدو ختم ٿي ويندو هو. پنهنجي عهدي دوران ۽ ان کان پوءِ هڪ سال تائين ميئر خودبخود امن جو جج پڻ هوندو هو. کيس اهڙو معاوضو ملندو هو، جيڪو ڪائونسل مناسب سمجهندي هئي. اهي قانون هاڻي منسوخ ٿي چڪا آهن.
وچئين دور جي ويلز ۾ هائويل ڏا جي قانونن هيٺ ميئر (لاطيني: maior؛ ويلش: maer) شاهي عدالت جو عملدار هوندو هو، جنهن جي ذميواري بادشاهه جي زمينن تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي نگراني ڪرڻ هئي. شاهي اقتدار سان وفاداري برقرار رکڻ لاءِ قبيلائي سردارن کي اهو عهدو سنڀالڻ جي اجازت نه هئي.[1] ان کان علاوه ماير بسوائل (Maer Biswail) نالي هڪ ٻيو ميئر به هوندو هو، جيڪو شاهي ڍورن جي سنڀال جو ذميوار هوندو هو.[1] اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ ۾ به اهڙي نوعيت جا عهدا موجود هئا.[حوالو گهربل]
ويهين صديءَ تائين انگلينڊ ۽ ويلز جي گهڻن شهرن ۾ ميئر جو عهدو گهڻو ڪري اعزازي حيثيت رکندڙ هو ۽ ان سان اهم انتظامي اختيار وابسته نه هوندا هئا. هي عهدو عام طور مقامي خدمتن، ڊگهي عرصي تائين ڪائونسل ۾ ڪم ڪرڻ يا شهر لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف طور ڏنو ويندو هو. ميئر جون اهم ذميواريون شهري تقريبن ۾ نمائندگي ڪرڻ، عوامي ڀلائيءَ لاءِ گڏجاڻين جي صدارت ڪرڻ، پارلياماني چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر طور ڪم ڪرڻ ۽ ڪائونسل جي گڏجاڻين جي صدارت ڪرڻ هونديون هيون.
ڪنهن ڳوٺ ڪائونسل جي ميئر کي سرڪاري طور ٽائون ميئر چيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ عام ڳالهه ٻولهه ۾ ٽائون جو لفظ اڪثر حذف ڪيو ويندو آهي. ميئر جو لقب مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ ساڳيو استعمال ٿيندو آهي، جڏهنتہ مرد ميئر جي زال کي روايتي طور ميئرس (Mayoress) چيو ويندو آهي. 1972ع جو مقامي حڪومت ايڪٽ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ انگلينڊ جي انهن ضلعن ۾ پڻ ميئر مقرر ٿيڻ لڳا، جن کي برو (Borough) جو درجو حاصل آهي. اهڙين حالتن ۾ هڪ ئي علائقي ۾ ضلعي ميئر ۽ ڪنهن شهر جو الڳ ميئر موجود ٿي سگهي ٿو. جن ضلعن کي برو جو درجو حاصل نه آهي، اتي ڪائونسل جو چيئرمين ساڳيون تقريباً سڀئي ذميواريون نڀائيندو آهي، جيڪي برو وارن ضلعن ۾ ميئر جون هونديون آهن.
برطانيا ۽ دولتِ مشترڪه جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ لارڊ ميئر جو اعزازي لقب پڻ ڏنو ويندو آهي، جيڪو برطانوي بادشاهت طرفان عطا ڪيو ويندو آهي. گهڻن شهرن ۾ هي عهدو تقريبن رسمي هوندو آهي، پر بيلفاسٽ، ڪارڊف، برسبين ۽ ڊبلن جهڙن شهرن ۾ لارڊ ميئر وٽ انتظامي اختيار پڻ هوندا آهن. ڪجهه شهرن، جهڙوڪ سڊني ۾ لارڊ ميئر سڌي عوامي ووٽ ذريعي چونڊيو ويندو آهي.[2]
اسڪاٽلينڊ ۾ هن عهدي لاءِ مقامي حڪومت جي نوعيت موجب ڪنوينر (Convenor)، پرووسٽ (Provost) يا لارڊ پرووسٽ (Lord Provost) جا لقب استعمال ٿيندا آهن.
سڌيءَ ريت چونڊيل ميئر
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو انگلينڊ ۾ سڌيءَ ريت چونڊيل ميئر
2000ع جي مقامي حڪومت واري سڌارن کان پوءِ انگلينڊ جي ڪيترين ئي مقامي حڪومتن ۾ سڌي عوامي ووٽن سان ميئر چونڊڻ جو نظام متعارف ڪرايو ويو. اهڙا ميئر روايتي تقريبن واري ميئر جي حيثيت سان گڏ ڪائونسل جي اڳواڻ جا اختيار پڻ استعمال ڪن ٿا، تنهنڪري انهن وٽ اڳوڻن ميئرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انتظامي اختيار هوندا آهن.[3] هن نظام جو اطلاق شهرن، ضلعي ڪائونسلن ۽ اهڙن علائقن تي ٿيو آهي، جيڪي ڪيترن ئي شهرن ۽ ٻهراڙيءَ تي مشتمل آهن.
2014ع ۾ گڏيل انتظامي اختيارين (Combined Authorities) جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪي گريٽر لنڊن اٿارٽي وانگر ڪيترن ئي مقامي ضلعن تي مشتمل هوندا آهن. انهن جا ميئر، جيڪي ميٽرو ميئر يا علائقائي ميئر پڻ سڏجن ٿا، عام مقامي ميئرن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وسيع اختيار رکن ٿا. اهي ڪيترن ئي شهرن ۽ ضلعن تي مشتمل علائقن جي اقتصادي ترقي، آمدرفت، رٿابندي ۽ ٻين منتقل ڪيل اختيارن جا ذميوار هوندا آهن. اهي انگلينڊ جي ميئرن واري ڪائونسل ۽ قومن ۽ علائقن واري ڪائونسل جا پڻ ميمبر هوندا آهن، جتي هو برطانيا، اسڪاٽلينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ جي حڪومتن جي اڳواڻن سان گڏ ويهندا آهن.
يورپي کنڊ
[سنواريو]فرينڪن جي دور ۾ اصل ميئر يا ميجرڊومو، ويلز جي ماير وانگر، اهڙا عملدار هوندا هئا جيڪي ميرووينجي خاندان جي دور ۾ آسٽريشيا، برگنڊي جي بادشاھت ۽ نيوسٽريا ۾ بادشاهه جي جاگيرن ۽ شاهي درٻار جي انتظام جا ذميوار هوندا هئا. پيرس جي ميئر جو عهدو بعد ۾ پيپنيڊ خاندان ۾ موروثي بڻجي ويو، جنهن خاندان پوءِ ڪيرولينجي خاندان جي حڪومت قائم ڪئي.
جديد فرانس ۾ فرانسيسي انقلاب کان پوءِ ميئر (maire) ۽ سندس نائب (adjoints au maire) بلدياتي ڪائونسل پنهنجي ميمبرن مان چونڊيندي آهي. انتظامي اختيارن جو وڏو حصو ميئر ۽ سندس نائبن وٽ هوندو آهي، جڏهنتہ مڪمل ڪائونسل نسبتاً گهٽ گڏجاڻيون ڪندي آهي. هي نظام بعد ۾ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به اختيار ڪيو ويو، جهڙوڪ برطانيا جا ميئر، اٽلي جا سنڊاڪو، جرمني جي گهڻن رياستن جا برگرماسٽر ۽ پرتگال جي بلدياتي چيمبرن جا صدر.
وچئين دور جي اٽلي ۾ اهي اطالوي شهر-رياستون جيڪي پاڻ کي خودمختيار رياستون يا ڊچي نه سمجهنديون هيون، خاص طور تي شهنشاهيت جي حامي گھبلين ڌر سان لاڳاپيل شهر، انهن تي پوڊيستا حڪمراني ڪندا هئا.
يونان ۾ ميئر جي هم منصب عهدي کي ديمارخوس (δήμαρχος) چيو ويندو آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ديم (بلدياتي علائقي) جو سربراهه آهي.
اسڪينڊي نيويا
[سنواريو]ڊينمارڪ ۾ سڀني بلديات جو سربراهه بورگ ماسٽر (borgmester) سڏبو آهي، جنهن جي معنيٰ ميئر آهي. البت ڪوپن هيگن جي ميئر کي اووربورگ ماسٽر (overborgmester) يا لارڊ ميئر چيو ويندو آهي. ڪوپن هيگن ۾ ٻيا ميئر پڻ هوندا آهن، جيڪي مختلف شعبن جا ذميوار هوندا آهن ۽ لارڊ ميئر جي ماتحت ڪم ڪندا آهن، جڏهنتہ ڊينمارڪ جي ٻين بلديات ۾ صرف هڪ ئي ميئر هوندو آهي.

ناروي ۽ سوئيڊن ۾ بورگر ماسٽر (borgermester / borgmästare) جو لقب هاڻي ختم ٿي چڪو آهي. ناروي ۾ 1937ع کان پوءِ هي لقب ختم ڪري ان جي جاءِ تي رودمان (rådmann) جو لقب اختيار ڪيو ويو، جيڪو شهرن جي اعليٰ غيرسياسي انتظامي عملدار لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جڏهنتہ مقامي حڪومت جو چونڊيل سربراهه اوردفورر (ordfører) سڏبو آهي، جنهن جي معنيٰ چيئرمين يا صدر جي برابر آهي.
سوئيڊن ۾ بورگ ماسٽاري شروعاتي طور شهرن جي عدالتن جي اعليٰ جج جو لقب هو. اهي عدالتون رادهوس ريت (rådhusrätt) سڏبيون هيون، جيڪي 1971ع ۾ ختم ڪيون ويون. 1965ع تائين اهي جج مئجسٽراٽ (magistrat) جي انتظامي ذميوارين ۾ پڻ حصو وٺندا هئا. ان کان علاوه ننڍن شهرن ۾ ڪومونال بورگ ماسٽاري (kommunalborgmästare) نالي ميئر پڻ هوندا هئا، جيڪي غيرسياسي انتظامي ذميواريون نڀائيندا هئا. اهو عهدو ويهين صديءَ ۾ ان وقت متعارف ٿيو، جڏهن ڪيترن ئي ننڍن شهرن جون پنهنجون عدالتون ۽ مئجسٽراٽ ختم ٿي ويون.

سورهين صديءَ ۾ سوئيڊن جي بادشاهه گستاو واسا حڪومت کي وڌيڪ مرڪزي بڻايو ۽ ميئرن جي سڌي مقرري شروع ڪئي. 1693ع ۾ بادشاهه چارلس يارهون شهرين جي نمائندن جي مسلسل درخواستن کان پوءِ اهو طئي ڪيو ته شهر جا رهواسي مقامي گورنر جي نگرانيءَ هيٺ ميئر لاءِ اميدوار نامزد ڪندا، جنهن مان بادشاهه هڪ کي مقرر ڪندو، جيتوڻيڪ خاص حالتن ۾ بادشاهه پاڻ به سڌي مقرري ڪري سگهندو هو. اهو اصول 1720ع جي حڪومتي دستور ۾ شامل ڪيو ويو. 8 جولاءِ 1720ع تي ريڪسراد (سلطنت جي ڪائونسل) فيصلو ڪيو ته ميئر لاءِ رڳو شهر ئي اميدوار پيش ڪري سگهي ٿو، نه بادشاهه يا ٻيو ڪو ادارو. 16 آڪٽوبر 1723ع کان پوءِ اهو قاعدو مقرر ٿيو ته شهر ٽي اميدوار پيش ڪندو، جن مان بادشاهه يا سلطنت جي ڪائونسل هڪ کي چونڊيندي.[4] اهو رواج 1965ع تائين برقرار رهيو.
فنلينڊ ۾ رڳو ٽيمپيري ۽ پرڪالا ۾ ميئر جو عهدو موجود آهي. عام طور تي بلدياتي انتظام جو اعليٰ عملدار چونڊيل نه هوندو آهي، پر شهر يا بلدياتي ڪائونسل طرفان مقرر ڪيو ويندو آهي، جنهن کي شهر جو منتظم (kaupunginjohtaja) يا بلدياتي منتظم (kunnanjohtaja) چيو ويندو آهي. فنش ٻوليءَ جو لفظ پورميسٽاري (pormestari)، جيڪو سوئيڊش بورگ ماسٽاري مان ورتل آهي، تاريخي طور رجسٽري آفيس ۽ شهر جي عدالتن جي اعليٰ عملدار لاءِ استعمال ٿيندو هو، نه ڪي شهر جي منتظم لاءِ. ان کان سواءِ پورميسٽاري هڪ اعزازي لقب به آهي، جيڪو شهر جي منتظم کي نمايان خدمتن عيوض ڏنو وڃي ٿو. هيلسنڪي جي شهر جي منتظم کي تاريخي سببن جي ڪري يلي پورميسٽاري (ylipormestari) يا چيف ميئر چيو ويندو آهي.
اسپين
[سنواريو]اسپين ۾ الڪالدي (Alcalde) جو عهدو ريڪونڪيسٽا جي دور ۾ وجود ۾ آيو، جڏهن ليون جي بادشاھت ۽ ڪاسٽيل جي بادشاھت نون علائقن تي قبضو ڪري اتي نيون بستيون آباد ڪيون. ڊورو ۽ ٽيگس ندين جي وچ واري علائقي ۾ جڏهن اهي بستيون شهرن ۾ تبديل ٿيون، تڏهن انهن کي جاگيردارن يا بادشاهن طرفان بلدياتي ڪائونسلون قائم ڪرڻ جو حق مليو. انهن ڪائونسلن جي اختيارن ۾ هڪ بلدياتي جج چونڊڻ پڻ شامل هو، جنهن کي لاطيني ۾ iudex ۽ هسپانوي ۾ juez چيو ويندو هو. انهن ججن جي مدد لاءِ ڪيترائي نائب جج مقرر ڪيا ويندا هئا، جن کي الڪالدي سڏيو ويندو هو، ۽ انهن جو تعداد شهر جي پاڙن جي تعداد موجب هوندو هو.[5]
الڪالدي جو لفظ عربي لفظ قاضي مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ فيصلو ڪندڙ جج آهي.[6]
شروعاتي دور ۾ الڪالدي جو لفظ صرف ججن لاءِ استعمال ٿيندو هو، جيئن اندلسي عربي ۾ پڻ رائج هو. بعد ۾ اهو بلدياتي ڪائونسل جي سربراهه لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو.[7] ان جي اصل عدالتي معنيٰ ٻين عهدن ۾ به برقرار رهي، جهڙوڪ الڪالديز ڊيل ڪريمين (عدالتن جا جج)، الڪالديز ڊي لا ڪاسا يي ڪورتي ڊي سو ماخيستاد (شاهي درٻار جا اعليٰ جج)، الڪالدي ميئور (جنهن کي ڪوريخيدور پڻ چيو ويندو هو) ۽ الڪالدي ڊي باريو، جيڪو تقريباً برطانوي پيرش ڪانسٽيبل جي برابر هو. انهيءَ ڪري بلدياتي ميئر کي اڪثر الڪالدي اورديناريو (عام ميئر) به سڏيو ويندو هو.
ملڪن موجب ميئر
[سنواريو]آرمينيا
[سنواريو]آرمينيا ۾ ميئر بلدياتي حڪومت جي انتظامي شاخ جو سربراهه هوندو آهي. ميئر اڪثر لاڳاپيل شهر يا بلدياتي ڪائونسل طرفان چونڊيو ويندو آهي ۽ پنجن سالن جي مدي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندو آهي. ميئر بلدياتي انتظاميا جي سربراهي ڪندو آهي، مختلف عهدن لاءِ انتظاميا جي ميمبرن کي نامزد ڪندو آهي ۽ بلدياتي بجيٽ جي نگراني ڪندو آهي.[8]
آسٽريليا
[سنواريو]آسٽريليا جي مقامي ڪائونسلن ۾ ميئر عام طور ڪائونسل جو اهو ميمبر هوندو آهي، جيڪو سرڪاري تقريبن ۾ علامتي ۽ نمائندي حيثيت سان ذميواريون نڀائيندو آهي، جڏهنتہ ڪائونسل جي گڏجاڻين جي وچ واري عرصي ۾ ڪائونسل جا اختيار پڻ استعمال ڪندو آهي. گڏجاڻين جي وچ ۾ ميئر جا ڪيل فيصلا ڪائونسل جي منظوريءَ جا پابند هوندا آهن، ۽ ضرورت پوڻ تي انهن جي توثيق يا منسوخي ٿي سگهي ٿي.
آسٽريليا ۾ ميئر يا ته مقامي حڪومت جي چونڊن دوران سڌي عوامي ووٽ ذريعي چونڊيا ويندا آهن يا وري چونڊيل ڪائونسل پنهنجي ميمبرن مان ميئر چونڊيندي آهي.
مقامي حڪومتن جون رسمي نشانيون ۽ اعزاز صدين کان تقريباً ساڳيون برقرار آهن. رسمي موقعن تي ميئر مخصوص پوشاڪ، ميئر جي زنجير ۽ رسمي گُرز کڻي سگهي ٿو. پنهنجي عهدي دوران ميئر لاءِ هز/هر ورشپ (His/Her Worship) جو اعزازي لقب استعمال ڪيو ويندو آهي.
جن ڪائونسلن ۾ ڪائونسلر سياسي پارٽين جي بنياد تي چونڊيا ويندا آهن، اتي عام طور تي ميئر اُن پارٽيءَ جو اڳواڻ هوندو آهي، جنهن ڪائونسل ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون هجن. ڪوئينزلينڊ ۾ لارڊ ميئر ۽ ميئر سڌي عوامي ووٽ ذريعي چونڊيا ويندا آهن.
بنگلاديش
[سنواريو]بنگلاديش ۾ ميئر هر پنجن سالن کان پوءِ چونڊيا ويندا آهن. اهي بلدياتي حڪومت ۾ انتهائي اهم اختيار رکن ٿا ۽ ميئر بلدياتي حڪومت جو اعليٰ ترين عملدار هوندو آهي.
برازيل
[سنواريو]برازيل جي هر بلديي ۾ هڪ ميئر (پريفيٽو/پريفيٽا) ۽ هڪ نائب ميئر (وائس پريفيٽا/وائس پريفيٽو) چئن سالن جي مدي لاءِ چونڊيا ويندا آهن. اهي شهر جي انتظامي شاخ جا سربراهه هوندا آهن، جڏهنتہ بلدياتي ڪائونسل (ڪيمرا ميونسپل) قانونسازي جا اختيار استعمال ڪندي آهي. ميئر لڳاتار ٻه مدتون به چونڊجي سگهي ٿو.[9]
برازيل ۾ ميئر جون چونڊون آباديءَ جي بنياد تي ٻن مختلف طريقن سان ٿينديون آهن. جن بلديات جي آبادي 200,000 کان وڌيڪ هوندي آهي، اتي ٻن مرحلن وارو چونڊ نظام لاڳو هوندو آهي، جيئن صدارتي ۽ گورنري چونڊن ۾ ٿيندو آهي. جڏهنتہ 200,000 کان گهٽ آبادي وارن شهرن ۾ اڪثريتي ووٽ واري هڪ مرحلي جي چونڊ ٿيندي آهي.[9][10]
برازيل جو بلدياتي نظام گهڻي حد تائين آمريڪا جي ميئر-ڪائونسل حڪومت واري نظام سان مشابهت رکي ٿو.
ڪينيڊا
[سنواريو]ڪيوبيڪ ۾ اروڊسمان (بورو) جي انتظامي سربراهن کي فرينچ ۾ maire/mairesse (ميئر) چيو ويندو آهي. بورو جو ميئر هڪ ئي وقت بورو ڪائونسل جو سربراهه ۽ مرڪزي شهر ڪائونسل جو باقاعده ميمبر به هوندو آهي.
ڪينيڊا ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊيول هر صوبي ۽ علائقي جي قانونن مطابق مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻتہ هر صوبي ۽ علائقي جا مقامي حڪومت بابت پنهنجا قانون آهن.
ٻين ڪيترن ئي دولتِ مشترڪه جي ملڪن وانگر، ڪينيڊا ۾ به عهدي دوران ميئر کي هز/هر ورشپ جي خطاب سان سڏيو ويندو آهي.
رِيو
[سنواريو]اونٽاريو جي ڪجهه بلديات ۽ ٽائون شپن ۾ رِيو چونڊيل سربراهه هوندو آهي، جڏهنتہ ٻئي نمبر جي چونڊيل عملدار کي ڊپٽي ريو چيو ويندو آهي. تاريخي طور ڪجهه ننڍين ٽائون شپ ۾ ميئر بدران ريو جو لقب استعمال ٿيندو هو، ۽ ڪي هنڌن تي ميئر ۽ رِيو الڳ الڳ عهدا هوندا هئا. اڄ به اونٽاريو جي ڪجهه بلديات ۾ رِيو جو عهدو برقرار آهي. البرٽا جي اڪثر ميونسپل ضلعن ۾ پڻ رِيو ئي چونڊيل سربراهه هوندو آهي. مانيٽوبا ۽ ساسڪاچوان جي ٻهراڙيءَ وارن ميونسپل ضلعن (RM) جي چونڊيل سربراهن کي پڻ عام طور ررِيو چيو ويندو آهي.
ڪُڪ ٻيٽ
[سنواريو]هن وقت ڪُڪ ٻيٽ ۾ ڏهه ميئر آهن. ملڪ جي سڀ کان وڏي آباديءَ واري ٻيٽ راروٽونگا ۾ مقامي حڪومت موجود نه آهي، تنهنڪري اتي ڪو ميئر به ناهي. ملڪ جي غيرآباد ٻيٽن ۾ پڻ ميئر مقرر نه هوندا آهن.
ڊومينيڪن جمهوريت
[سنواريو]ڊومينيڪن جمهوريت ۾ ڪنهن بلديي جي ميئر کي الڪليڊ يا سنڊيڪو چيو ويندو آهي. سنڊيڪو جو لفظ ان ڪري به استعمال ٿيندو آهي ته جيئن ان کي الڪليڊ (جيل جي نگران) کان الڳ سڃاتو وڃي. ميئر کي سڌي عوامي ووٽ ذريعي چئن سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي.
ميئر جون ذميواريون مقامي انتظام تائين محدود هونديون آهن، جن ۾ ڪچري جي نيڪال، پارڪن ۽ عام هنڌن جي سنڀال، گهٽين جي سار سنڀال، ٽريفڪ سگنلن جو انتظام، نيڪال جو نظام ۽ ٻين بلدياتي خدمتن جي نگراني شامل آهي. وڏا رستا، پلون ۽ ٻيا اهم ترقياتي منصوبا مرڪزي حڪومت جي وزارتِ تعميرات جي نگراني هيٺ هوندا آهن، جڏهنتہ پاڻي، بجلي ۽ عوامي ٽرانسپورٽ جا معاملا پڻ مرڪزي سرڪاري ادارن جي ذمي هوندا آهن.
فرانس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو فرانس ۾ ميئر
فرانس ۾ ميئر (maire) ڇهن سالن جي مدي لاءِ بلدياتي ڪائونسل طرفان چونڊيو ويندو آهي. بلدياتي ڪائونسل جا ميمبر هر ڇهن سالن کان پوءِ ٿيندڙ مقامي چونڊن ۾ سڌي عوامي ووٽ ذريعي چونڊيا ويندا آهن.
جرمني
[سنواريو]جرمني ۾ مقامي حڪومت جا قانون هر رياست پاڻ طئي ڪري ٿي. اڄڪلهه رڳو ٽن شهر-رياستن (برلن، هامبرگ ۽ بريمن) جا ميئر لاڳاپيل رياستي پارليامينٽ چونڊيندي آهي، جڏهنتہ ٻين سڀني رياستن ۾ ميئر سڌو سنئون ووٽر چونڊيندا آهن. ميئر مقامي حڪومت جو انتظامي سربراهه هوندو آهي، ۽ هي عهدو پيشاور نوعيت جو سمجهيو ويندو آهي. وڏن شهرن ۾ ميئر جو سرڪاري لقب اوبر برگرماسٽر (Oberbürgermeister) هوندو آهي، جڏهنتہ عام ميئر ان جو نائب هوندو آهي ۽ مختلف شعبن جو ذميوار هوندو آهي.
يونان
[سنواريو]يونان ۾ ميئر (يوناني ٻولي: δήμαρχος) مقامي چونڊن ذريعي چونڊيا ويندا آهن ۽ بلدياتي حڪومت جا سربراهه هوندا آهن. 2014ع کان اڳ ميئرن جو مدو چار سال هو، پر هاڻي پنج سال آهي.
يونان جي بلدياتي نظام ۾ 1997ع ۾ ڪاپوديسترياس رٿا ۽ 2010ع ۾ ڪاليڪراتس رٿا تحت وڏي پيماني تي سڌارا ڪيا ويا، جن جي نتيجي ۾ بلديات جو تعداد گھٽايو ويو ۽ انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏني وئي.
ڀارت
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڀارت ۾ ميئر
ڀارت ۾ ميئر شهر جو پهريون شهري ۽ بلدياتي ڪارپوريشن جو سربراهه هوندو آهي. هڪ ملين کان وڌيڪ آبادي وارن شهرن ۾ بلدياتي ڪارپوريشن مقامي حڪومت جي حيثيت رکي ٿي. ميئر جون ذميواريون رسمي ۽ انتظامي ٻنهي نوعيت جون هونديون آهن.
گهڻين رياستن ۾ ميئر کي بلدياتي ڪارپوريشن جا چونڊيل ڪائونسلر پنهنجي ميمبرن مان چونڊيندا آهن، جڏهنتہ بھار، ڇتيس ڳڙھ، هريانا، جهارکنڊ، مڌيا پرديش، اوڙيسا، اتر پرديش، تلنگانا ۽ اتراکنڊ ۾ ميئر سڌي عوامي ووٽ ذريعي چونڊيو ويندو آهي.
انڊونيشيا
[سنواريو]انڊونيشيا ۾ ميئر (والي ڪوٽا) ڪنهن شهر جو علائقائي سربراهه هوندو آهي. ميئر جو درجو ضلعي جي سربراهه (بوپاٽي) جي برابر هوندو آهي. ميئر شهر جي ڪائونسل (ديوان پيرواڪلان راڪيت دائرا ڪوٽا) سان گڏجي علائقي جي پاليسين تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار هوندو آهي. ميئر ۽ نائب ميئر سڌي عوامي چونڊن ذريعي چونڊيا ويندا آهن ۽ سياسي عهديدار هوندا آهن. ان کان استثنا جڪارتا آهي، جتي ميئر سول سروس جو عهديدار هوندو آهي، جنهن جا اختيار محدود هوندا آهن ۽ کيس جڪارتا جو گورنر مقرر ڪندو آهي. جڪارتا جي اهڙن علائقن کي انتظامي شهر (ڪوٽا ايڊمنسٽريسي) چيو ويندو آهي.
1999ع کان اڳ انڊونيشيا ۾ انتظامي شهر (ڪوٽا ايڊمنسٽريٽف) پڻ موجود هئا، جن جا سربراهه انتظامي ميئر هوندا هئا.
آئرلينڊ
[سنواريو]آئرلينڊ جي جمهوريه ۾ 1840ع جي آئرلينڊ جو ميونسپل ڪارپوريشن ايڪٽ، 1840ع کان وٺي 2014ع جي مقامي حڪومت سڌارا ايڪٽ، 2014ع تائين بورو (Borough) ڪارپوريشن جي سربراهه کي ميئر چيو ويندو هو. شهرن جي ڪائونسلن جي صدر کي ميئر چيو ويندو آهي، جڏهن ته ڊبلن جو لارڊ ميئر ۽ ڪارڪ جو لارڊ ميئر کي لارڊ ميئر سڏيو ويندو آهي. مقامي حڪومت ايڪٽ، 2001ع تحت ڪجهه ڪائونٽي ڪائونسلن کي پڻ پنهنجي چيئرمين لاءِ ميئر جو لقب اختيار ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، ۽ ڪجهه ڪائونسلون ائين ڪن ٿيون. 2000ع کان وٺي ڊبلن ميٽروپوليٽن علائقي جي سڌي چونڊيل ميئر بابت تجويزون پيش ٿينديون رهيون آهن. 2019ع جي مقامي چونڊن دوران ٽن علائقن ۾ سڌي چونڊيل ميئر بابت عوامي راءِ شماري ٿي، جنهن مان ليمرڪ جو ميئر بابت تجويز منظور ٿي، ۽ ان لاءِ پهرين سڌي چونڊ 2024ع جي مقامي چونڊن سان گڏ ٿي.[11]
ايران
[سنواريو]ايران ۾ ميئر شهر جي انتظامي سربراهه هوندو آهي، جنهن کي اسلامي شهر ڪائونسل چونڊيندي آهي. ميئر جو مدو چار سال هوندو آهي.
اٽلي
[سنواريو]اٽلي ۾ ميئر کي سنڊاڪو (Sindaco) يا غير رسمي طور پهريون شهري (پرائمو سٽاڊنو) چيو ويندو آهي. هر ڪوميوني (ميونسپلٽي) جو هڪ ميئر هوندو آهي، جيڪو مقامي حڪومت جي نمائندگي ڪندو آهي. ميئر کي ميونسپلٽي جا رهواسي هر پنجن سالن لاءِ سڌي ووٽ ذريعي چونڊيندا آهن. عام طور تي ڪو به ميئر ٻن لڳاتار مدتن کان وڌيڪ عهدو نٿو سنڀالي سگهي، سواءِ انهن ميونسپلٽين جي جن جي آبادي 5,000 کان گهٽ هجي، جتي ٽن لڳاتار مدتن جي اجازت هوندي آهي.[12]
ميئر شهر جي ڪائونسل جو پڻ ميمبر هوندو آهي، جيڪا قانونساز اداري طور سندس پاليسين جي نگراني ڪندي آهي ۽ بي اعتماديءَ جي رٿ وسيلي کيس هٽائي به سگهي ٿي. ميئر کي انتظامي اداري (گيئونٽا) جي ميمبرن کي مقرر ڪرڻ ۽ هٽائڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو آهي.
جاپان
[سنواريو]جاپان جي مقامي خودمختياري قانون (1947ع) ٻي عالمي جنگ کان پوءِ مقامي حڪومتن جي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏنو ۽ ميئر کي مضبوط انتظامي اختيار ڏنا. ميئر جو لقب شهرن (Shichō)، قصبن (Chōchō)، ڳوٺن (Sonchō) ۽ ٽوڪيو جي خاص ضلعن (Kuchō) جي سربراهن لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته ٽوڪيو صوبي جو سربراهه گورنر (Chiji) هوندو آهي.
ميئر هر چار سالن لاءِ سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيو ويندو آهي. عوامي شروعات ذريعي کيس واپس به گهرايو وڃي سگهي ٿو، پر قومي يا صوبائي حڪومت کيس سڌو سنئون عهدي تان نٿي هٽائي سگهي. ميئر بجيٽ پيش ڪندو آهي، مقامي قانون تجويز ڪندو آهي، ڪائونسل طرفان منظور ڪيل قانونن تي ويٽو ڪري سگهي ٿو، جيڪو ٻه ٽهائي اڪثريت سان ختم ڪري سگهجي ٿو، ۽ بي اعتماديءَ جي رٿ يا اعتماد جي کوٽ جي صورت ۾ ڪائونسل ٽوڙي به سگهي ٿو.
قازقستان
[سنواريو]قازقستان ۾ ميئر کي اڪيم چيو ويندو آهي، جيڪو اڪيمات (ميونسپل، ضلعي يا صوبي جي حڪومت) جو سربراهه ۽ صدر جو مقامي نمائندو هوندو آهي. صوبن ۽ وڏن شهرن جا اڪيم صدر، وزيراعظم جي صلاح سان مقرر ڪندو آهي، جڏهن ته ٻين انتظامي علائقن جا اڪيم صدر جي مقرر ڪيل طريقي موجب مقرر يا چونڊيا ويندا آهن. صدر کين عهدي تان هٽائڻ جو اختيار پڻ رکي ٿو. نئين صدر جي حلف کڻڻ سان موجوده اڪيمن جا اختيار ختم ٿي وڃن ٿا، پر نئون اڪيم مقرر ٿيڻ تائين اهي پنهنجون ذميواريون جاري رکندا آهن.
ملائيشيا
[سنواريو]ملائيشيا ۾ ميئر شهر جي مقامي حڪومت جو سربراهه هوندو آهي. هن وقت ملڪ ۾ 14 سرڪاري طور تسليم ٿيل شهر آهن.
13 رياستن جي دائري ۾ ايندڙ شهرن جا ميئر لاڳاپيل رياستي حڪومتون مقرر ڪنديون آهن.[13] ڪوالالمپور، جيڪو وفاقي علائقو آهي، ان جو ميئر وفاقي حڪومت جي وفاقي علائقن واري وزارت مقرر ڪندي آهي ۽ اهو ان وزارت جي ماتحت هوندو آهي.[14]
2018ع جي عام چونڊن کان پوءِ مقامي حڪومتن جون چونڊون ٻيهر بحال ڪرڻ بابت مطالبا وڌيا، جيڪي 1965ع تائين ڪوالالمپور، جارج ٽائون، ايپو ۽ ملاڪا شهر جهڙن شهرن ۾ ٿينديون هيون. جيڪڏهن اهي چونڊون ٻيهر بحال ٿين، ته ميئر مقرر ٿيڻ بدران سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيو ويندو.[13]
مالٽا
[سنواريو]مالٽا ۾ ميئر (Sindku) مقامي ڪائونسل ۾ اڪثريت واري پارٽيءَ جو اڳواڻ هوندو آهي. مقامي ڪائونسل جا ميمبر سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيا ويندا آهن ۽ گڏيل طور تي مقامي حڪومت هلائيندا آهن.
مالدووا
[سنواريو]مالدووا ۾ ميونسپلٽي جو ميئر چار سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي.[15] ڪيشيناو ۾ گهٽ ووٽنگ سبب ميئر جون چونڊون ٽي ڀيرا ورجايون ويون هيون.
نيپال
[سنواريو]نيپال ۾ ميئر هر پنجن سالن کان پوءِ مقامي چونڊن ذريعي چونڊيا ويندا آهن. اهي ميونسپل حڪومت جا اعليٰ ترين انتظامي عملدار هوندا آهن ۽ کين وسيع انتظامي اختيار حاصل هوندا آهن.
نيدرلينڊ
[سنواريو]نيدرلينڊ ۾ ميئر (برگماسٽر) ميئر ۽ ايلڊرمينن جي انتظامي ڪاليج جو سربراهه هوندو آهي. قانوني طور ميئر کي بادشاهه مقرر ڪندو آهي، جڏهن ته عملي طور قومي ڪابينا طرفان مقرري ٿيندي آهي. مقرري کان اڳ ميونسپل ڪائونسل ۽ صوبي جي بادشاهه جي ڪمشنر جي سفارش ورتي ويندي آهي.
ميئر انتظامي اداري ۽ ميونسپل ڪائونسل ٻنهي جي صدارت ڪندو آهي، پر ووٽ ڏيڻ جو حق رڳو انتظامي اداري ۾ هوندو آهي. ميئر جي مقرري واري طريقي تي 2000ع واري ڏهاڪي ۾ ڪافي بحث ٿيو، ڇاڪاڻتہ ڪجهه سياسي پارٽين ان کي غير جمهوري سمجهيو. 2018ع کان پوءِ غير جماعتي ميئرن جو تعداد پڻ وڌيو آهي.[16]
نيوزيلينڊ
[سنواريو]نيوزيلينڊ ۾ ميئر مقامي حڪومتن جا سڌي چونڊيل سربراهه هوندا آهن. هو ڪائونسل جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندا آهن، نائب ميئر مقرر ڪري سگهندا آهن، ڪميٽيون قائم ڪندا آهن ۽ انهن جا چيئرمين چونڊيندا آهن. نيوزيلينڊ جو مقامي حڪومت ايڪٽ، 2002ع موجب ميئر جو بنيادي ڪردار مقامي نمائندن ۽ رهواسين جي اڳواڻي ڪرڻ ۽ ڪائونسل جي پاليسين جي رهنمائي ڪرڻ آهي. ميئر فرسٽ پاسٽ دي پوسٽ يا سنگل ٽرانسفريبل ووٽ نظام تحت چونڊيا ويندا آهن.
پاڪستان
[سنواريو]پاڪستان ۾ مقامي حڪومت جي اڳوڻي نظام تحت شهر يا ضلعي جو سربراهه ناظم سڏبو هو، جنهن جي مدد نائب ناظم ڪندو هو، جيڪو ضلعي ڪائونسل جو اسپيڪر پڻ هوندو هو. ضلعي ناظم کي يونين ڪائونسلن جي ناظمن، يونين ڪائونسلرن ۽ تحصيل ناظمن طرفان چونڊيو ويندو هو، جڏهن ته اهي سڀئي نمائندا سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيا ويندا هئا. مقامي چونڊون هر چار سالن کان پوءِ ٿينديون هيون.
فلپائن
[سنواريو]فلپائن ۾ ميئر (پنانگ باين، پنانگ لنگسوڊ يا الڪليڊ) شهر يا ميونسپلٽي جو انتظامي سربراهه هوندو آهي، جڏهن ته نائب ميئر ٻئي نمبر جو عهديدار هوندو آهي. ميئر هر ٽن سالن کان پوءِ ٿيندڙ قومي ۽ وچ مدتي چونڊن ۾ چونڊيو ويندو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي لڳاتار مدتون سنڀالي سگهي ٿو. عورت ميئر کي مايورا (Mayora) چيو ويندو آهي. 2012ع تائين فلپائن ۾ 1,635 ميئر هئا.[17]
پولينڊ
[سنواريو]30 اپريل 2022ع تائين پولينڊ ۾ ڪل 2,477 ميونسپلٽيون (گمينا) هيون، جن مان 1,513 ٻهراڙيءَ واريون گمينا هيون، جڏهن ته باقي 968 ۾ شهر يا قصبا شامل هئا. انهن مان 666 شهر شهري-ٻهراڙي گمينا جو حصو هئا، جڏهن ته 302 شهر ۽ قصبا آزاد شهري گمينا طور منظم هئا. انهن مان 107 شهر پريزيڊينٽ مياستا (شهر جو صدر) جي انتظام هيٺ آهن، جن مان 66 کي پوويات حقن وارو شهر جو درجو حاصل آهي. انهن مان 37 شهرن جي آبادي هڪ لک کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته 18 شهر وويووڊ يا وويووڊشپ سيمڪ جا مرڪز آهن، جن کي غير رسمي طور وويووڊشپ شهر چيو ويندو آهي.
پولينڊ جون سڀئي ميونسپلٽيون، شهر ۽ قصبا لازمي طور ميئر-ڪائونسل حڪومت جي نظام تحت هلن ٿا. انتظامي اختيار هيٺين عهدن مان ڪنهن هڪ وٽ هوندو آهي:
- شهر جو ميئر (Prezydent miasta)
- قصبي جو ميئر (Burmistrz)
- ووجٽ (Wójt)، جيڪو ٻهراڙيءَ واري ميونسپلٽي (گمينا ويئسڪا) جو سربراهه هوندو آهي.
اهي عهديدار پنجن سالن لاءِ ٻن مرحلن واري چونڊ ذريعي سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيا ويندا آهن. اهي ساڳئي وقت ميونسپل ڪائونسل، ڪائونٽي ڪائونسل، وويووڊشپ سيمڪ، پولينڊ جي پارليامينٽ يا يورپي پارليامينٽ جا ميمبر نٿا ٿي سگهن. ميئر پنهنجي نائب کي مقرر ڪرڻ جو پابند هوندو آهي. ميونسپل ڪائونسل قانونساز، بجيٽ ٺاهيندڙ ۽ نگراني ڪندڙ ادارو هوندي آهي. ڪائونسل ميئر جي منصوبن جي جاچ ڪري سگهي ٿي يا مالي سهائتا روڪي سگهي ٿي، پر ميئر کي ڪائونسل جي اعتماد جي قانوني ضرورت نه هوندي آهي. مناسب شرطن هيٺ عوامي راءِ شماري ذريعي ميئر کي عهدي تان هٽائڻ پڻ ممڪن آهي، جڏهن ته قانون جي مسلسل ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ پولينڊ جو وزيراعظم به ميئر کي برطرف ڪري سگهي ٿو.
ميئر ميونسپل ملڪيت جو انتظام، انتظامي حڪمن ۽ ضابطن جو اجرا، بجيٽ جي تياري ۽ ان تي عملدرآمد، ۽ ميونسپل آفيسن جي نگراني ڪندو آهي. هو ڪنڊرگارٽن، ابتدائي اسڪولن، هنگامي انتظام، شهري دفاع، عوامي ٽرانسپورٽ، پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي صفائي ۽ فضلي جي انتظام سميت ڪيترين ئي ميونسپل خدمتن جو ذميوار هوندو آهي. ميئر شهر يا قصبي جي عملي جي مقرري ۽ انتظام جا وسيع اختيار رکي ٿو، سواءِ شهري خزانچي جي، جنهن کي ميونسپل ڪائونسل مقرر ڪندي آهي. پوويات حقن وارن شهرن ۾ ميئر کي پوويات جي انتظامي اداري ۽ اسٽاروسٽا جا اختيار پڻ حاصل هوندا آهن.
وارسا جي انتظامي ضلعن ۾ ضلعي ميئر (بُرمِشٽش جِيلنيتسي) جو عهدو پڻ موجود آهي. جيتوڻيڪ اهي ضلعا وارسا شهر جو حصو آهن، پر کين قانوني طور ڪجهه مقامي خودمختياري حاصل آهي. هر ضلعي جي پنهنجي ڪائونسل ۽ انتظامي بورڊ هوندو آهي، جنهن جي سربراهي ضلعي ميئر ڪندو آهي. ضلعي ميئر کي شهر جي ميئر طرفان نامزد ڪيل اميدوارن مان ضلعي ڪائونسل چونڊيندي آهي.
پرتگال
[سنواريو]پرتگال ۽ ٻين ڪيترن پرتگالي ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪن ۾ ميونسپلٽي جي ميئر کي ميونسپل چيمبر جو صدر (پريزيڊنٽي ڊا ڪئمرا ميونسيپل) چيو ويندو آهي.
رومانيا
[سنواريو]رومانيا ۾ ڪميون، قصبي يا شهر جي ميئر کي پرائيمار (Primar) چيو ويندو آهي. ميئر جو مدو چار سال هوندو آهي ۽ کيس هڪ چونڊيل مقامي ڪائونسل (ڪائونسليو لوڪل) جي مدد حاصل هوندي آهي. بخاريسٽ ۾ هڪ جنرل ميئر ۽ ڇهن انتظامي ضلعن مان هر هڪ لاءِ الڳ ضلعي ميئر هوندو آهي. ميئر ۽ مقامي ڪائونسل جون ذميواريون رومانيا جي پارليامينٽ جي قانون نمبر 215/2001ع تحت مقرر ٿيل آهن.[18]
روس
[سنواريو]روس ۾ مير (Мэр) شهر يا ميونسپلٽي جي انتظامي سربراهه لاءِ استعمال ٿيندڙ لقبن مان هڪ آهي. ماسڪو، سينٽ پيٽرسبرگ ۽ سيواسٽوپول جا ميئر روس جي ٻين وفاقي رياستن جي گورنرن جي برابر حيثيت رکن ٿا، ڇاڪاڻتہ اهي ٽيئي شهر وفاقي رياستون آهن.
انهن ٽن شهرن کان سواءِ ٻين ميونسپلٽين ۾ مقامي حڪومت نمائندي ڪائونسل جي ماتحت هوندي آهي. ميئر يا ته سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيو ويندو آهي يا وري ميونسپل ڪائونسل جا ميمبر کيس چونڊيندا آهن. ميئر جو عام مدو چار سال هوندو آهي ۽ هو ميونسپل خدمتن، سرڪاري ملڪيت، باهه وسائڻ، پوليس ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي نگراني ڪندو آهي، گڏوگڏ مقامي ۽ رياستي قانونن تي عمل ڪرائيندو آهي.
سربيا
[سنواريو]سربيا ۾ ميئر شهر يا قصبي جو انتظامي سربراهه هوندو آهي ۽ شهر جي نمائندگي ڪندي انتظامي اختيار استعمال ڪندو آهي. بلغراد جو ميئر ملڪ جي اهم ترين عهدن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻتہ بلغراد سربيا جو سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ علمي مرڪز آهي. 2007ع جي مقامي انتظامي قانون موجب شهرن ۾ ميئر-ڪائونسل نظام لاڳو ڪيو ويو. شهرن جا ميئر (گراڊوناچيلنڪ) ۽ ميونسپلٽين جا سربراهه (پريڊسيڊنڪ اوپشٽيني) اڻ سڌيءَ طرح شهر يا ميونسپل ڪائونسل طرفان چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن، ۽ انهن لاءِ مدتن جي ڪا حد مقرر نه آهي.
اسپين ۽ هسپانوي آمريڪا
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو الڪالدي
الڪالدي (Alcalde) اسپيني ٻوليءَ ۾ شهر يا قصبي جي ميئر لاءِ سڀ کان عام اصطلاح آهي. هي لفظ عربي القاضي (al-qāḍī) مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ قاضي يا جج آهي. اسلامي اندلس ۾ قاضي عدالتي ۽ انتظامي ٻئي ذميواريون نڀائيندو هو، ۽ ان جو اثر عيسائي اسپين جي شروعاتي انتظامي نظام تي به پيو.
اڄڪلهه اسپين ۽ گهڻن هسپانوي ڳالهائيندڙ ملڪن ۾ الڪالدي مقامي حڪومت جي انتظامي سربراهه لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جنهن وٽ عام طور عدالتي اختيار نه هوندا آهن. ارجنٽائن ۽ پيراگوئي ۾ ساڳئي منصب لاءِ انٽيندينتي (Intendente) جو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، جڏهن ته ميڪسيڪو ۾ شهر يا ميونسپلٽي جي انتظامي سربراهه کي الڪالدي يا وڌيڪ عام طور ميونسپل صدر (Presidente Municipal) چيو ويندو آهي.
سوئيڊن
[سنواريو]سوئيڊن ۾ بورگميستاري (Borgmästare) جو لقب 1971ع جي عدالتي سڌارن دوران ختم ڪيو ويو، جڏهن سوئيڊن جا شهر به سرڪاري طور ختم ڪيا ويا.
سوئٽزرلينڊ
[سنواريو]سوئٽزرلينڊ ۾ ميئر جا اختيار ۽ لقب هر ڪينٽن ۾ مختلف هوندا آهن. عام طور ميئر ڪيترن ئي ميمبرن تي ٻڌل انتظامي ڪائونسل جي صدارت ڪندو آهي، جيڪا ميونسپلٽي هلائيندي آهي.
استعمال ٿيندڙ لقب هي آهن:
تائيوان
[سنواريو]تائيوان (رسمي نالو: چين جي جمهوريه) ۾ ميئر شهر جي حڪومت جو سربراهه هوندو آهي، جڏهن ته شهر جي ڪائونسل قانونسازيءَ جي ذميوار هوندي آهي. ميئر ۽ شهر ڪائونسل جا ميمبر الڳ الڳ عوامي ووٽ ذريعي چونڊيا ويندا آهن.
ترڪي
[سنواريو]ترڪي ۾ ميئر (بيلديئي باشڪاني) ميونسپل ڪائونسل سان گڏ هر پنجن سالن لاءِ سڌي عوامي ووٽ سان چونڊيو ويندو آهي. هر صوبي ۽ ضلعي جي مرڪز ۾ ميونسپلٽي هوندي آهي، جڏهن ته 2,000 کان وڌيڪ آبادي وارن ڪيترن ئي قصبن (Belde) ۾ پڻ ميونسپلٽيون قائم آهن. 1983ع کان وڏن شهرن لاءِ ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي جو نظام رائج ڪيو ويو، جتي هڪ ئي ميٽروپوليٽن علائقي ۾ ڪيترائي ضلعي ميئر پڻ هوندا آهن.
يوڪرين
[سنواريو]يوڪرين ۾ شهر جو سربراهه (مسڪي ھولووا) جو عهدو 1999ع ۾ متعارف ٿيو. ان کان پوءِ ميئر کي شهر جا رهواسي سڌي ووٽ سان چونڊين ٿا. ان کان اڳ شهر جي ڪائونسل جا ميمبر کيس چونڊيندا هئا. خاص حيثيت رکندڙ شهرن، جهڙوڪ ڪيف ۽ سيواسٽوپول، بابت قانون الڳ آهن.
2015ع کان هيٺين انتظامي سطح تي اسٽاروسٽا (Starosta) جو عهدو پڻ قائم ڪيو ويو، جنهن جا اميدوار مقامي برادري (ھروماڊا.) جي ميمبرن طرفان چونڊيا ويندا آهن.
آمريڪا گڏيل رياستون
[سنواريو]آمريڪا گڏيل رياستون ۾ ميئر شهر يا ٻي ميونسپلٽي جو اعليٰ ترين سول انتظامي سربراهه هوندو آهي. مقامي حڪومت جي نظام موجب ميئر جا اختيار مختلف هوندا آهن. ٻه بنيادي نظام رائج آهن: ڪائونسل-مينيجر حڪومت ۽ ميئر-ڪائونسل حڪومت.
ڪائونسل-مينيجر نظام ۾ ميئر شهر ڪائونسل جو برابرن ۾ پهريون هوندو آهي. ڪائونسل قانونساز اداري طور ڪم ڪندي آهي، جڏهن ته روزمره جو انتظام مقرر ڪيل سٽي مينيجر سنڀاليندو آهي. هن نظام ۾ ميئر جا اختيار گهڻو ڪري رسمي هوندا آهن.
ميئر-ڪائونسل نظام ۾ ميئر ۽ شهر ڪائونسل الڳ ادارا هوندا آهن. مضبوط ميئر واري نظام ۾ ميئر مڪمل انتظامي سربراهه هوندو آهي ۽ مختلف کاتن جي نگراني لاءِ اعليٰ عملدار مقرر ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪائونسل قانونسازي ڪندي آهي. ڪمزور يا رسمي ميئر واري نظام ۾ ميئر جا اختيار محدود هوندا آهن ۽ هو ڪائونسل سان گڏيل طور انتظامي ڪم سرانجام ڏيندو آهي. وڏن شهرن ۾ مضبوط ميئر وارو نظام وڌيڪ عام آهي.
آمريڪا ۾ ڪيترن ئي ميئرن کي عهدي دوران هز آنر يا هر آنر' جي خطاب سان سڏيو ويندو آهي.
يوراگوئي
[سنواريو]يوراگوئي ۾ پهرين درجي جي انتظامي ورهاست 19 کاتن تي ٻڌل آهي، جن جي سربراهي 1908ع کان انٽيندينتي ميونسپل ڪندو هو، جيڪو کاتي ۽ ميونسپل حڪومت ٻنهي جون ذميواريون نڀائيندو هو.
13 سيپٽمبر 2009ع تي قانون نمبر 18567 تحت ٻئي درجي جي انتظامي ورهاست، يعني ميونسپيو، قائم ڪئي وئي، جنهن جي سربراهي الڪالدي ڪندو آهي.[19] بعد ۾ قانون نمبر 19272 (2014ع) موجب 2,000 کان وڌيڪ آبادي وارن آبادين ۾، مخصوص شرطن هيٺ، ميونسپلٽي قائم ڪرڻ جو قانوني طريقو مقرر ڪيو ويو.[20]
ان سان گڏ پهرين درجي جي انتظامي سربراهه جو لقب انٽيندينتي ڊپارٽامينٽل رکيو ويو. موجوده ميونسپل نظام بابت يوراگوئي ۾ بحث جاري آهي، جتي ڪجهه ناقدن موجب هن نظام سبب خرچ وڌيو، خدمتن جي معيار ۾ گهٽتائي آئي، شهري شرڪت جا اختيار غير واضح رهيا ۽ بيوروڪريسي وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي.[21]
گهڻ سطحي مقامي حڪومت
[سنواريو]ڪيترن ئي ملڪن ۾، جتي مقامي خودمختياري موجود نه هوندي آهي، اتي ميئرن کي قومي يا علائقائي حڪومت جي ڪنهن اداري طرفان مقرر ڪيو ويندو آهي. ڪجهه شهرن ۾ انتظامي ذيلي ورهاستون، جهڙوڪ برو، پنهنجا الڳ ميئر پڻ رکنديون آهن. اهڙو نظام پيرس جي ارونڊسمانن، مونٽريل ۽ ميڪسيڪو سٽي ۾ موجود آهي. بيلجيم ۾ برسلز وفاق جي ٽن علائقن مان هڪ آهي ۽ ٻين علائقن جي ابتڙ ان ۾ صوبائي سطح موجود نه آهي، پر اهو 19 ننڍين ميونسپلٽين ۾ ورهايل آهي. انهن مان هڪ برسلز جو شهر، جيڪو ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، پنهنجي چونڊيل (رسمي طور مقرر ٿيل) برگوماسٽر (ميئر) جي سربراهي هيٺ هوندو آهي، جيڪو پنهنجي چونڊيل ميونسپل ڪائونسل آڏو جوابده هوندو آهي. ساڳئي وقت انٽورپ، جيڪو ٻيو وڏو ميٽروپوليٽن علائقو آهي، هڪ وڏي شهر تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شامل اڳوڻيون ميونسپلٽيون هاڻي برو بڻيل آهن ۽ محدود اختيارن سان پنهنجا مقامي نمائندا چونڊين ٿيون، جڏهن ته ڀرپاسي جون ننڍيون ميونسپلٽيون برسلز وانگر پنهنجي پنهنجي برگوماسٽر جي سربراهي هيٺ هونديون آهن.
چين جي عوامي جمهوريه ۾ ميئر (市长) ڪنهن به ميونسپلٽي، صوبي جي سطح واري شهر، پريفيڪچر سطح واري شهر يا ڪائونٽي سطح واري شهر جو انتظامي سربراهه ٿي سگهي ٿو. ميئر عام طور شهر جو سڀ کان وڌيڪ سڃاتل سرڪاري عملدار هوندو آهي، پر مقامي چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري کان پوءِ سندس عهدو ٻئي نمبر تي هوندو آهي. اصولي طور ميئر، جيڪو شهر جي ڪميونسٽ پارٽي جو ڊپٽي سيڪريٽري پڻ هوندو آهي، شهر جي انتظامي معاملن جو ذميوار هوندو آهي، جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري عام پاليسين ۽ پارٽي جي بيوروڪريسي جي نگراني ڪندو آهي. عملي طور ٻنهي جي اختيارن ۾ گهڻو تداخل هوندو آهي، جنهن سبب ڪڏهن ڪڏهن تڪرار به پيدا ٿيندا آهن.
قائم مقام ميئر
[سنواريو]قائم مقام ميئر (Acting mayor) ڪجهه ميونسپل حڪومتن جي بنيادي قانون يا چارٽر تحت قائم ڪيل هڪ عارضي عهدو هوندو آهي.
گهڻن شهرن ۽ قصبن ۾ جيڪڏهن موجوده ميئر وفات ڪري وڃي، بيمار ٿي پوي، استعيفا ڏئي، يا عهدي تان هٽايو وڃي، ته چارٽر يا ان جهڙي بنيادي قانون موجب ٻيو ڪو سرڪاري عملدار عارضي طور ميونسپلٽي جي سربراهي سنڀاليندو آهي. مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ اهو مدو مختلف ٿي سگهي ٿو؛ ڪٿي اهو ڪجهه ڏينهن يا مهينن لاءِ هوندو آهي، ته ڪٿي خصوصي چونڊ ٿيڻ تائين يا اڳوڻي ميئر جي مدو پورو ٿيڻ تائين جاري رهندو آهي.
ڪجهه شهرن ۾ جيڪڏهن موجوده ميئر عارضي طور پنهنجي ذميوارين کان محروم هجي، جهڙوڪ بيماري يا شهر کان ٻاهر هجڻ سبب، پر اڃا تائين عهدي تي برقرار هجي، ته ڊپٽي ميئر کي عارضي طور قائم مقام ميئر مقرر ڪيو ويندو آهي. اهڙي حالت ۾ قائم مقام ميئر جو بنيادي ڪم شهر جي حڪومت جا روزمره انتظام جاري رکڻ هوندو آهي، ۽ هن کي قانوني طور مستقل ميئر نه سمجهيو ويندو آهي. بهرحال، ڪجهه ملڪن يا علائقن ۾ جيڪڏهن ميئر استعيفا ڏئي يا عهدي دوران وفات ڪري وڃي، ته سندس جانشين کي قائم مقام نه، پر مڪمل اختيارن وارو نئون ميئر تصور ڪيو ويندو آهي.
ميئر-ڪائونسل حڪومت واري نظام ۾ قائم مقام ميئر جو عهدو خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻتہ اهڙي نظام ۾ ميئر شهر جي روزاني انتظامي قيادت ڪندو آهي. ان جي ابتڙ ڪائونسل-مينيجر حڪومت يا ڪميٽي نظام ۾، جتي روزاني انتظام شهر جو منتظم يا مقامي ڪائونسل جون ڪميٽيون هلائينديون آهن ۽ ميئر جو عهدو گهڻو ڪري رسمي هوندو آهي، اتي قائم مقام ميئر جي عملي اهميت نسبتاً گهٽ هوندي آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]لاڳاپيل تصور
[سنواريو]مقامي حڪومت
[سنواريو]تاريخي عهدا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 Wade-Evans, Arthur. Welsh Medieval Law. Oxford Univ., 1909.
- ↑ "Lord Mayor and councillors". City of Sydney (انگريزي ۾). 2024-07-30 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Directly-elected mayors". www.commonslibrary.parliament.uk. 14 December 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ The article Borgmästare (in Swedish) آرڪائيو ڪيا ويا 5 June 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. in Nordisk Familjebok.
- ↑ O'Callaghan, A History of Medieval Spain, 269–271.
- ↑ The second L in alcalde evolved from the Castilian and Portuguese attempts at pronouncing the emphatic consonant ḍād. The old Portuguese cognate alcalde was never applied to the presiding municipal officer and retained its original meaning of "judge". "Alcalde" in Corominas, Diccionario crítico, Vol. A-CA (1), 127.
- ↑ Corominas, "Alcalde", 127.
- ↑ "Eastern Partnership Country" (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 20 June 2023 تي محفوظ ڪيل. 5 May 2023 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Constituição da República Federativa do Brasil". www.senado.leg.br (برازيلي پرتگالي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 5 August 2020 تي محفوظ ڪيل. 2021-10-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Eleições 2020: 95 municípios com mais de 200 mil eleitores poderão ter 2º turno em novembro". www.tse.jus.br (برازيلي پرتگالي ۾). اصل نسخو مان 3 October 2021 تي محفوظ ڪيل. 2021-10-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Martyn, Petula (6 February 2024). "Limerick prepares to vote for directly elected mayor". RTÉ News (انگريزي ۾). 8 March 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ (in Italian) No ai tre mandati dei sindaci. Principio di legalità batte disobbedienti آرڪائيو ڪيا ويا 4 February 2019 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
- 1 2 "Elect local leaders". www.thesundaily.my (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 17 June 2018 تي محفوظ ڪيل. 17 June 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Teresa Kok: Federal Territories Ministry should be abolished". The Edge Markets. 13 June 2018. اصل نسخو مان 17 June 2018 تي محفوظ ڪيل. 15 July 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Electoral Code of the Republic of Moldova. Chisinau: Central Electoral Commission. 2015.
- ↑ "Partijloze burgemeester in opmars: Korpschef Schouten voorgedragen in Alkmaar". NRC. 16 April 2021.
- ↑ Jazul, Leanne (May 2021). "Powers and Duties: City Mayor, Vice Mayor, Councilor in the Philippines". RAPPLER. اصل نسخو مان 8 August 2022 تي محفوظ ڪيل. 8 August 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ APD-Timișoara. "Legea nr. 215/2001".
- ↑ "Ley N° 18567".
- ↑ "Ley N° 19272".
- ↑ Freigedo, Martín; Milanesi, Alejandro; Rodríguez, José Raúl (2023). "Decentralizing Under Uncertainty: Informal Relations and Results-Based Management in the Municipalization Process in Uruguay". Public Organiz Rev 23: 927–944.
- Fairlie, John Archibald (1910). Municipal Administration. New York: Macmillan.
- Lowell, A. Lawrence (1908). The government of England. New York: Macmillan.
- Redlich, Josef [in جرمن]; Hirst, Francis Wrigley (1903). Local government in England. London: Macmillan. جلد پهريون؛ جلد ٻيون
- Shaw, Albert (1895). Municipal Government in Continental Europe (انگريزي ۾). New York: Century.
- Webb, Sidney; Webb, Beatrice (1908). English Local Government from the Revolution to the Municipal Corporations Act: The Manor and the Borough. London: Longmans, Green.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| شھر جو ناظم جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Mayors. |
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Articles containing انگريزي-language text
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from June 2025
- Articles with invalid date parameter in template
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون from February 2013
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 برازيلي پرتگالي-language sources (pt-br)
- Articles containing Greek-language text
- Articles with Italian-language sources (it)
- Articles containing Italian-language text
- Articles containing Chinese-language text
- CS1 interwiki-linked names
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ميئر
- سرڪاري عهدا
- آمريڪا ۾ مقامي حڪومت
- انتظامي پيشا
- اختيار وارا عهدا
- لقب
- مقامي حڪومت جا سربراهه