گلشن اقبال سب ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گلشن اقبال
گلشن
سنڌ جو تعلقو
گلشن اقبال سب ڊويزن
عزيز ڀٽي پارڪ ، گلشن اقبال
عزيز ڀٽي پارڪ ، گلشن اقبال
گلشن اقبال is located in سنڌ
گلشن اقبال
گلشن اقبال
گلشن اقبال is located in Pakistan
گلشن اقبال
گلشن اقبال
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°55′N 67°05′E / 24.917°N 67.083°E / 24.917; 67.083مڪانيت: 24°55′N 67°05′E / 24.917°N 67.083°E / 24.917; 67.083
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
پکيڙ
 • ڪل 45.8 ڪ.م2 (17.7 ميل2)
آبادي (.[1]2017)
 • ڪل 644,362

گلشن اقبال سب ڊويزن:(انگريزي: Gulshan Iqbal Sub Division) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي ضلعي ڪراچي اوڀر جي ھڪ سب ڊويزن يا تعلقو آهي. گلشن اقبال جي معني آهي اقبال جو باغ. اھو نالو مشھور شاعر علامہ اقبال سان منصوب ٿيل آھي.

ھن تعلقي ۾ واقع علائقن جا نالا پي آء بي ڪالوني، سوڪ سينٽر، عيسا نگري، گلشن اقبال فيز I, گلشن اقبال فيز II, بکر ڳوٺ ، عباس ٽائون، قائد اعظم ڪالوني، گيلاني ريلوي اسٽيشن وارو علائقو، شانتي نگر، جميل ڪالوني، حاجي ليمون ڳوٺ، اياز ٽائون، ضياء ڪالوني، اسٽاف ڪالوني، ھزارا گلگت ڳوٺ، پرل ريزيڊنسي، گلستان جوهر، خاصخيلي ڳوٺ، گلشن عمير، بختاور ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ، واقع آھن. تعلقي جي حدن واري روڊن ۾ لياري ايڪسپريس وي، سر شاھ محمد سليمان روڊ، يونيورسٽي روڊ شامل آهن. گلشن منجھان گذرندڙ مشھور روڊن ۾ راشد منھاس روڊ، علامه شبير احمد عثماني روڊ، يونيورسٽي روڊ شامل آهن. ھي تعلقو ڪراچي اوڀر جي واپار جو پڻ مرڪز آھي. گلشن باغن جو تعلقو آهي. 2000 ۾ ھي سب ڊويزن گلشن ٽائون ۾ شامل ڪئي وئي ھئي پر 2013 ۾ سنڌ حڪومت ٽائون سسٽم ختم ڪري ھن سب ڊويزن کي بحال ڪري ڇڏيو.

ٿاڻا[سنواريو]

ھن سب ڊويزن ۾ ٽي ٿاڻا واقع آھن:

  • گلشن اقبال ٿاڻو
  • گلستان جوهر ٿاڻو
  • مبينا ٽائون ٿاڻو

مشھور جايون[سنواريو]

ھن تعلقي جي مشھور جاين ۾ حسن اسڪوائر، سوڪ سينٽر، عزيز ڀٽي پارڪ، سنڌ بادس وانڊرز لينڊ، الادين پارڪ، سفاري جونيئر پارڪ، سفاري پارڪ، سر سيد انجنيئرنگ يونيورسٽي، بحريه فائونڊيشن ڪاليج، اقرا يونيورسٽي گلشن ڪيمپس، ناصر حسين شھيد فيملي پارڪ، جامعه عربيه احسن العلوم، ديوا اڪيڊمي، افتخار سيد اسپورٽس پارڪ، نيپا چورنگي، نئشنل انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ، مسجد اويس قرني، انسٽيٽيوٽ آف ڪلينيڪل سائڪولاجي يونيورسٽي، گلشن چورنگي، جوھر موڙ، ايڪسپو سينٽر ڪراچي، سرڪلر ريلوي تي نيپا اسٽيشن ڪراچي، وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪسٽم آفيسرز ميس، بمبئي بيڪري، قبا مسجد، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گلشن اقبال، انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مينيجمينٽ, سينٽرل جيل ڪراچي، واقع آھن.

گلشن اقبال سب ڊويزن جون يونين ڪاميٽيون[سنواريو]

گلشن اقبال سب ڊويزن جون يونين ڪاميٽيون
1 يو سي 18
سوڪ سينٽر
2 يو سي 19
پي آء بي ڪالوني
3 يو سي 20
عيسا نگري
4 يو سي 21
گلشن اقبال ون
5 يو سي 22
گيلاني ريلوي اسٽيشن
6 يو سي 23
شانتي نگر
7 يو سي 24
جمالي ڪالوني
8 يو سي 25
گلشن اقبال ٽو
9 يو سي 26
نيو ڍوراجي

آبادي[سنواريو]

ھن سب ڊويزن جي آبادي ۾ مھاجر ، سنڌي ، پنجابي ۽ بلوچ شامل آهن. ھتان جي آدمشماري 1998 ۾ 3,47,377 ھئي جيڪا 2017 جي آدمشماري ۾ 6،44،362 تائين وڌي وئي. 45.8 چورس ڪلوميٽرن جي پکيڙ تي مشتمل ھن تعلقي جي آبادي جي گھاٽائي 14066 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي [1].ھن سب ڊويزن جي آبادي 100 سيڪڙو شھري آهي. ھن سب ڊويزن جي 99 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي ۽ باقي ھڪ سيڪڙو م ھندو ۽ عيسائي شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 https://www.citypopulation.de/php/pakistan-karachi.php