ڪچو قلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪچو قلعو
Katcho Qilo

ڪچي قلعي جو منظر
جاگرافيائي بيهڪ 25°23′3.98″N 68°22′21.67″E / 25.3844389°N 68.3726861°E / 25.3844389; 68.3726861مڪانيت: 25°23′3.98″N 68°22′21.67″E / 25.3844389°N 68.3726861°E / 25.3844389; 68.3726861
نوعيت قلعو
نشاندهي ڪندڙ


ڪچو قلعو ڪچو قلعو حيدرآباد جي ڏکڻ ۾ اسٽيشن جي ويجهو هڪ ننڍي پهاڙي دڙي تي ٺهيل آهي. هي قلعو ٽڪنڊي جهڙي شڪل جو آهي، سندس ڀتيون ڪچين سرن جون ٺهيل آهن، جن جي هيٺيان ڪجهه فٽن تائين پڪين سرن جا بنياد به لڳل آهن. ڪچيون سرون زماني جي دست برد، مينهن ۽ هوا جي حملن ڪري ڪافي زبون ٿي چڪيون آهن. ۽ منجهن گهارا پئجي ويا آهن. قلعي کي اڌ گول جي شڪل جا نَوَ کن برج آهن، جن جي مٿان اوٽ وارو ڪٽهڙو، جيڪو ڪنهن وقت موجود هو، ختم ٿي ويو آهي. ساڳئي وقت قلعي جا ڪنگرا به اچي پٽ تي پيا آهن. قلعي ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ پڪين سرن جون موريون آهن. هن قلعي جي ڏکڻ ۾ ٻه دروازا آهن. هڪ مکيه دروازو ۽ ٻيو شاهه مڪي جي مزار ۾ داخل ٿيڻ وارو ننڍو دروازو. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي ڏاڪا چڙهڻا پون ٿا. مکيه دروازي کي ٻين قلعن جيان ڪابه اڙ يا رڪاوٽ نه ڏني وئي آهي. چون ٿا ته ڪوٽ کي هڪ چور دروازو به هو، جيڪو هاڻي بند ڪيو ويو آهي. قلعي اندر شاهه مڪي جي مزار آهي، سيد محمد مڪي ڇنڇر رات 22 محرم 510ھ ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو. نبي ڪريم ﷺ جن جي بشارت موجب سندس ڄائي ڄم جو نالو حمزه رکيو ويو، پر محمد توڙي محمود کيس سڏيندا هئا. نيٺ هو محمد مڪي جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ سنڌ طرف هجرت ڪيائين. اندازو آهي ته هن چاليهن سالن جي عمر ۾ هجرت ڪئي. انهي لحاظ کان سندس سنڌ ۾ اچڻ 560ھ يا بعد ۾ ٿيو هوندو. هتي پهچڻ کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جو سير ڪيائين. هڪ روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته سندس تڪيا لاهور ۽ لڌياني طرف به گهڻا آهن. پاڻ 8 ذوالحج 658ھ ۾ وفات ڪيائين. شاهه مڪي جي مزار اندران جئيپور جي سنگ مرمر جي ٺهيل آهي. قلعي اندر ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون ڪجهه قبرون آهن.

’لُب تاريخ سنڌ‘ ۾ خداداد خان هن قلعي جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”پڪي قلعي جي ڀت ڀرسان هڪڙو ٻيو به قلعو هو، جنهن جو ولي الله محمد مڪي بنياد وڌو هو. جيئن ته هي قلعو غلام شاهه جي قلعي کان اوچائي ۾ وڏو هو، تنهنڪري 1185ھ (1771ع) ۾ ان قلعي کي ڊهرايائين. انهي روزي مبارڪ ۾ لڳل ڪتبو جي تاريخ هيٺين بيت مان نڪري ٿي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هي قلعو ميان غلام شاهه جي بنايل قلعي کان اڳ جو آهي. جڏهن ته شعر جي آخري مصرع مان ابجد جي حساب سان ان جي تعمير جو سال 1083ھ نڪري ٿو، جيڪو وڃي 1671ع بيهي ٿو. اُهو بيت اڄ به شاهه مڪي جي مزار جي سامهون واري ڀت ۾ لڳل آهي. غلام رسول مهر ’تاريخ سنڌ‘ ۾ رقمطراز آهي ته؛ ” هڪ روايت آهي ته ميان غلام شاهه حيدرآباد جي قلعي جي تعمير لاءِ راڄا ليکي جي صلاح مطابق شيخ محمود انصاري عرف پير مڪي جو قبرستان ڊهرائي ڇڏيو. هي قبرستان نيرون ڪوٽ جي هڪ دڙي تي هو. اتان مُردن جا هڏا نهايت بي رحمي سان ڪڍرايا ويا.“ مرزا قليچ به ذڪر ڪيو آهي ته: ” 1772ع ۾ حيدرآباد جي قلعي جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ دڙي تي هڪ ڪچي قلعي جو بنياد رکيو ويو، ته جيئن وڏي قلعي جي حفاظت لاءِ چوڪي جو ڪم به ڏئي سگهي. انهي دڙي تي پير محمد مڪي جي تربت جي آسپاس هڪ وڏو قبرستان هو. ڪيتريون ئي قبرون قلعي ٺهرائڻ جي خيال کان ڊهرايون ويون.“ ’جنت السنڌ‘ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي ٻُڌائي ٿو ته: ” ميان غلام شاهه پڪي قلعي جي ڀرسان شاهه محمد مڪائي جي مقبري جي چؤڌاري پڻ ڪچين سرن جو قلعو تعمير ڪرايو.“.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. اشتياق انصاري؛ مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛ مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن: پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ