جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمشيد ڪواٽرز
سنڌ جو تعلقو
جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن[1]
جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع مزار قائد
جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع مزار قائد
جمشيد ڪواٽرز is located in سنڌ
جمشيد ڪواٽرز
جمشيد ڪواٽرز
جمشيد ڪواٽرز is located in Pakistan
جمشيد ڪواٽرز
جمشيد ڪواٽرز
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′N 67°02′E / 24.867°N 67.033°E / 24.867; 67.033مڪانيت: 24°52′N 67°02′E / 24.867°N 67.033°E / 24.867; 67.033
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو

جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن:(انگريزي: Jamshed Quarters Sub Division ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ڪراچي ڊويزن جي ضلعي ڪراچي اوڀر جو هڪ تعلقو آهي جيڪو 2001 جي ناظمن واري نظام قائم ٿيڻ کان اڳ ڪراچي سائوٿ جو حصو ھيو. ان جو نالو ڪراچي جي برٽش انڊيا دؤر واري پارسي سماج سڌارڪ ۽ ميئر جمشيد نسروانجي مھتا جي نالي تي رکيل آهي. 2001 ۾ ڪراچي م ضلعن جي خاتمي ۽ شھري حڪومت جي قيام سان ڪراچي شھر کي 18 ٽائونن م تقسيم ڪيو ويو اھڙي طرح ھن سب ڊويزن کي جمشيد ٽائون ۾ تبديل ڪيو ويو [2]. 2013 ۾ شھري حڪومت ۽ ٽائونن واري نظام جي خاتمي سان پراڻا ضلعا بحال ٿيا تہ ڪراچي ايسٽ ضلعي کي ٽوڙي ڪورنگي ضلعي جي قيام سان ڪراچي سائوٿ جي ھن تعلقي کي ڪراچي ايسٽ ۾ شامل ڪيو ويو[3]. ھن تعلقي جي اتر ۾ لياري ايڪسپريس وي ۽ ڪراچي سينٽرل ضلعو، اوڀر ۾ ڪراچي سائوٿ ، ڏکڻ ۾ ڪراچي سائوٿ ۽ اولھ ۾ فيروز آباد سب ڊويزن واقع آھن.

مشھور روڊ ۽ گھٽيون[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ گذرندڙ ۽ ان جي اندر واقع روڊن ۾ ايم اي جناح روڊ، نظام روڊ، ايمپريس اسٽريٽ، ثاقب شھيد روڊ، بسم الله روڊ، زينبيه روڊ، مدينه روڊ، حسن علي جعفري روڊ، شاھراھ قائدين، ڪشمير روڊ، دادا ڀائي نئوروجي روڊ، ڪڇي پاڙا-لائينز ايريا روڊ، بلال روڊ، ھتي شيخ عبداتواب روڊ، طارق روڊ، شھيد ملت روڊ، دھلي سوداگر روڊ، سراج الدولا روڊ، دادا ڀائي نوروجي روڊ، شاھراھ قائدين، جناح پارڪ، جگر مراد آبادي روڊ، اينيبيسنٽ روڊ، محمد فاروق موٽلاڻي روڊ، انصاري روڊ جمشيد ڪوارٽرز روڊ، جھانگير روڊ، قريشي روڊ، فيروز شاھ ڪوٽلا روڊ، نائڊو روڊ، جمشيد روڊ، سيڪريٽريٽ چورنگي، گلوب چورنگي، سوسائٽي آفيس چورنگي، بيگم عائشه عزيز روڊ، اومان روڊ، جمشيد روڊ، آدم سومار اسٽريٽ، تين ھٽي فلاء اوور، مرزا عبدالعزيز روڊ، جيل روڊ، گھوڪلي روڊ، بحرين روڊ، مارٽن روڊ، نشتر روڊ، بريٽو روڊ، نسروانجي روڊ، گلابي اسٽريٽ، ٽالپر اسٽريٽ، ڊي ڪروز روڊ، بزنس رڪارڊر روڊ، ڊاڪٽر ابڙو روڊ، مدينه روڊ، سولجر بازار روڊ، ڪليٽن روڊ، انڪل سريا ھاسپيٽل، ميجر بڪلنڊ روڊ، ڀرڳڙي روڊ، نزرٿ روڊ، سچل فقير روڊ، شاھاڻي اسٽريٽ، منگھو پير روڊ، اورينج اسٽريٽ، جگو مائي ڀگو مل اسٽريٽ، ادئي رام اسٽريٽ، ڊي سلوا اسٽريٽ واقع آھن.

علائقا ۽ پاڙا[سنواريو]

ھن تعلقي جي پاڙن ۾ جمشيد ڪوارٽرز، شڪارپور ڪالوني، مارٽن ڪواٽرز، مسلم آباد، علامہ بنوري ٽائون، ڪليٽن ڪواٽرز، خدادا ڪالوني، عامل ڪالوني، محمدي ڪالوني، حيدرآباد ڪالوني وغيره شامل آهن.

تعليم جي سھولت[سنواريو]

تعليمي سهولتن م ھن سب ڊويزن ۾ گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جٽ لينڊ لائينز، انڌن۽ ٻوڙن جي اڊا ريئو ڪاليج، گورنمينٽ ڊي ايم ايس سيڪنڊري اسڪول، سينٽ لارنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، ڪراچي پبلڪ اسڪول مسلم آباد ڪيمپس، گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج ( جمشيد ڪوارٽرز)، سينٽ پيٽرز ھاء اسڪول، دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، بيڪن سٽي اسڪول مين ڪيمپس ( جمشيد ڪوارٽرز)، سينٽ لارنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، ڪراچي پبلڪ اسڪول مسلم آباد ڪيمپس، گورنمينٽ اسلاميه سائنس ڪاليج ( جمشيد ڪوارٽرز)، سينٽ پيٽرز ھاء اسڪول، دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، بيڪن سٽي اسڪول مين ڪيمپس ( جمشيد ڪوارٽرز)، سينٽ لارنس ڪانوينٽ اسڪول (گارڊن ايسٽ)، ڪراچي گرلس ڪاليج (نزد نشتر پارڪ)، سينٽ لارنس ڪانوينٽ گرلس اسڪول (گارڊن ايسٽ) ، فاطمه ڪاليج، آدمجي گورنمينٽ سائنس ڪاليج (گارڊن ايسٽ)، نور ڪاليج آف پروفيشنل ايجوڪيشن، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن فار وومين ( پاڪستان ڪوارٽرز)، ايس ايم بي فاطمه جناح گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۽ کوڙ ٻيا اسڪول واقع آھن.

صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن سب ڊويزن م صحت جي سھولتن ۾ تاج ميڊيڪل ڪامپليڪس، ھمدرد يونيورسٽي ھاسپيٽل، ھاشماني جنرل سينڊ آئي ھاسپيٽل، حجاما ميڊيڪل سينٽر، خيرالنساء آئي ھاسپيٽل، انڪل سريا ھاسپيٽل، ڪراچي نيشنل پرائيويٽ ھاسپيٽل ۽ ٻيون اسپتالون شامل آهن.

باغ ۽ وندر[سنواريو]

چاليس ڪا گرائونڊ، واٽر ٽنڪي گرائونڊ، شاھد شھيد گرائونڊ، موسا گرائونڊ، ڇوٽو ڪا گرائونڊ مدني عيدگاهه گرائونڊ، ڪي جي اي گرائونڊ، لائينز ايريا والي بال گرائونڊ، باغ قائد، افزا الطاف پارڪ، خواجه غريب نواز پارڪ، قائداعظم پارڪ، جناح پارڪ، ھاسا سنگھ پارڪ، چائنا گرائونڊ، ياسين زبيري پارڪ، ڪي ڊي اي آفيسرز ڪلب، ڪي ايم سي فٽبال گرائونڊ، ڪشمير پارڪ، ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس، پردہ پارڪ (شڪارپور ٽائون)، آغاخان پارڪ، آغا خان جيمخانه، گارڊن جيمخانه، ٺارو لين پلي گرائونڊ، پاڪستان ڪوارٽرز پارڪ ۽ مشھور نشتر پارڪ واقع آھن.

مشھور جايون[سنواريو]

ھن تعلقي جون مشهور جايون قائداعظم جي مزار ، ڪشمير پارڪ، ڪي ايم سي آفيسرز ڪلب، علامه اقبال لائبريري، بنوري ٽائون مسجد، آج ٽي وي ھيڊ آفيس، ابراھيم شاھ درگاه گرومندر، پنچمکي ھنومان مندر، ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ، برگيڊ ٿاڻو، اشرف طائي ڪراٽي ڪلب، ٿانوي مسجد، جامع مسجد دارالفلاح، ھنر فائونڊیشن، الخدمت ڪراچي ھيڊ ڪوارٽر، ڪورٽ ريزيڊنسي، آل پاڪستان ميمڻ فائونڊيشن آفيس، ميٽرو ڪلب ۽ ڪراچي راڻي باغ شامل آهن.

حوالا[سنواريو]