جمشيد ٽائون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمشيد ٽائون
ٽائون
جمشيد ٽائون جو يونين ڪونسلون
جمشيد ٽائون جو يونين ڪونسلون
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ٽائون جو قيام:
خاتمو:
14 آگسٽ 2001ع
2013ع (خاتمو)
يونين ڪونسلون
حڪومت
 • قسم ٽائون ڪائونسل
 • ٽائون ناظم عھدو ختم
 • ٽائون نائب ناظم عھدو ختم
آبادي (1998)
 • ڪل 733,821

جمشيد ٽائون (انگريزي: Jamshed Town) ڪراچي ۾ 2001 م لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2001 تحت قائم ٿيل شھري حڪومت جي نظام م ڪراچي جي پنج ضلعن کي ختم ڪري 18 ٽائون قائم ڪيا ويا ھيا[1] انھن م ڪراچي سائوٿ ضلعي جي علائقي مان جمشيد ٽائون جوڙيو ويو هو. 2013 م سنڌ حڪومت سنڌ م لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2001 کي منسوخ ڪري نئون قانون سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 لاڳو ڪري شھري حڪومت جي نظام کي ختم ڪري پراڻا ضلعا بحال ڪندي 18 ٽائون ختم ڪري ڇڏيا. ساڳي وقت ڪراچي ايسٽ ضلعي کي ٽوڙي ڪورنگي ضلعو ٺاھي ختم ڪيل جمشيد ٽائون جو علائقو ضلعي ايسٽ م شامل ڪري ان جي جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو[2]. جمشيد ٽائون 100 سيڪڙو شھري علائقي تي مشتمل ھيو ان جي ورھاست 13 يونين ڪاؤنسلن ۾ ٿيل ھئي. 2013 م ٽائون جي خاتمي بعد انھن يونين ڪائونسلن جي ٿوري ڦيرڦار ڪري انھن کي يونين ڪاميٽين م تبديل ڪيو ويو ۽ يونين ڪاؤنسلن جو درجو صرف ٻھراڙيءَ جي علائقن لاء مخصوص ڪيو ويو.

تاريخ[سنواريو]

جمشيد ٽائون جو پراڻو نالو جمشيد نسيروانجه مهتا هو جيڪو 1922 ۾ پهريون ڪراچي جو ميئر مقرر ٿيو هو. ھن ٽائون جي تاريخ 2001 کان 2013 واري عرصي تي مشتمل آهي. ان وقت جي بلدياتي دؤر ۾ ھن ٽائون م سياسي غلبو ايم ڪيو ايم جو ھيو.

معيشت[سنواريو]

هتي طارق روڊ،ڀوجا ائير لائن،طباني،اي آر ٽي ٽي ء وڏا تعليمي ادارا موجود آهن.جيڪي هن ٽائون جي پي اي سي ايچ ايس ۾ موجود آهن.هتي ئي سنڌ مسلم سوسائٽي آهي.

ٽائون جي اندر ۽ ويجھو وارا علائقا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. https://www.zameen.com/area-guides/jamshed-town-karachi/
  2. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2019-01-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-15