لياقت آباد سب ڊويزن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لياقت آباد
تعلقو
لياقت آباد سب ڊويزن
لياقت آباد ٽائون جي يونين ڪائونسلن جو نقشو[1]
لياقت آباد ٽائون جي يونين ڪائونسلن جو نقشو[1]
لياقت آباد is located in سنڌ
لياقت آباد
لياقت آباد
لياقت آباد is located in Pakistan
لياقت آباد
لياقت آباد
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°54′N 67°02′E / 24.900°N 67.033°E / 24.900; 67.033مڪانيت: 24°54′N 67°02′E / 24.900°N 67.033°E / 24.900; 67.033
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي سينٽرل ضلعو
يونين ڪاميٽيون 10


  1. يو سي شريف آباد 37
  2. يو سي بنڌاني ڪالوني 38
  3. يو سي قاسم آباد 39
  4. يو سي ڪمرشل ايريا لياقت آباد 40
  5. يو سي ڊاڪخانه 41
  6. يو سي ابن سينا 42
  7. يو سي لياقت آباد 43
  8. يو سي حاجي مريد ڳوٺ 44
  9. يو سي ھادي مارڪيٽ 45
  10. يو سي عباسي شھيد 46
پکيڙ[2]
 • ڪل 7.48 ڪ.م2 (2.89 ميل2)
آبادي (2017)[2]
 • ڪل 4,49,497


لياقت آباد سب ڊويزن پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جي جاگرافيائي بيھڪ 67.0472374 لانگيٽيوڊ ۽ 24.9046605 ليٽيٽيوڊ تي آھي، ۽ ان جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 21 ميٽر يا 69 فوٽ آھي[3]. نئين لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2003 تحت شھري علائقن م يونين ڪاؤنسل جو نالو تبديل ڪري يونين ڪميٽي رکيو ويو آهي[4]. ھن تعلقي م 10 يونين ڪاميٽيون واقع آھن. ھي ڪراچي جو ھڪ پراڻو تعلقو آهي. جنرل پرويز مشرف جي آندل سڌارن م جڏهن ڪراچي جي ضلعن کي ختم ڪري شھري حڪومت وارو نظام آندو ويو تہ ھن تعلقي کي پڻ ختم ڪري لياقت آباد ٽائون جو درجو ڏنو ويو 11 جنوري 2011 م سٽي گورنمينٽ نظام جي خاتمي سان پراڻا ضلعا ء تعلقا بحال ڪيا ويا تہ ھن تعلقي جي پڻ لياقت آباد سب ڊويزن جي نالي سان بحالي ٿي. ھي سب ڊويزن ڪراچي جي گھاٽي آبادي وارو تعلقو اھي جتي صحت ء تعليم جون وڏيون سھولتون ميسر اھن. ھن تعلقي م پنج پوسٽ آفيسون ۽ ست ٿاڻا واقع آھن جن م شريف آباد ٿاڻو، لياقت آباد ٿاڻو ۽ گلبھار ٿاڻو، سپر مارڪيٽ ٿاڻو، ناظم آباد ٿاڻو، رضويه ٿاڻو، اينٽي ڪار لفٽنگ سيل وارو ٿاڻو شامل آهن. ھڪ ريلوي اسٽيشن پڻ واقع آهي جيڪا استعمال ۾ ناھي. ھن تعلقي جي تڪ مان مان 2018 جي عام چونڊن ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو خالد مقبول صديقي ايم اين اي چونڊجي آيو ۽ ايم پي اي پڻ ساڳي پارٽي سان تعلق رکندڙ آهي.

آبادي[سنواريو]

ھي تعلقي جي 1998 م آدمشماري 379058 ھئي. 15 مارچ 2017 جي آدمشماري واري تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي وڌي 449497 ٿي وئي[2]. ان ڪاٿي مطابق ھن تعلقي جي في چورس ڪلوميٽر م 60093 ماڻھو رھن ٿا. تعلقي جي 100 سيڪڙو آبادي شھري آھي[2]. آبادي جي غالب اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي. اقليتي نسلي گروهن م پنجابي، پٺاڻ، سرائڪي ۽ سنڌي اچي وڃن ٿا.

تعلقي جا تعليمي ادارا[سنواريو]

ھن تعلقي جي مشھور تعليمي ادارن ۾ عورتن جي جناح يونيورسٽي، جناح گورنمينٽ ڪاليج، بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن اينڊ ٽيڪنالوجي، جناح پوليٽيڪنڪ ڪاليج، سر سيد چلڊرين اڪيڊمي، عثمانيه گرلس ڪاليج، گورنمينٽ وحيد آباد سيڪنڊري اسڪول، آڪسبرج فائونڊيشن اسڪول، گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج قاسم آباد[5]، قائد ملت گورنمينٽ بوائيز اسڪول قاسم آباد، رياض گورنمينٽ گرلس ڪاليج لياقت آباد شامل آهن.

تعلقي ۾ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن شھر ۾ واقع اسپتالن ۽ صحت جي مرڪزن ۾ عباسي شھيد اسپتال، بقائي سٽي ڊينٽل ھاسپيٽل، بقائي ڪڊني سينٽر، بقائي انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن اينڊ ٽيڪنالوجي، لياقت نيشنل اسپتال جي ھڪ شاخ، امام زين العابدين اسپتال، اي او (AO) اسپتال، بقائي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيائڪ ڊزيز نظام آباد، سنڌ گورنمينٽ ھاسپيٽل شريف آباد شامل آهن

باغ ۽ وندر[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ واقع باغن ۽ پارڪن ۾ تنوير شھيد پارڪ، الازھر پارڪ، انو ڀائي پارڪ، تڪونا پارڪ ناظم آباد، نيازي پارڪ شريف آباد، نرسري پارڪ لياقت آباد، ڪراچي اسپورٽس فٽبال گرائونڊ، راجپوت بنڌاني گرائونڊ، محمدي پلي گرائونڊ قاسم آباد، اصغر علي شاھ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، عورتن لاءِ مخصوص پرده پارڪ قاسم آباد شامل آهن

تعلقي جون مشھور جايون[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ واقع مشھور عمارتن ۽ جاين م بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جي آفيس، فٽبال جي نيشنل ساڪر اڪيڊمي، اي آر واء نيوز ھيڊ آفيس، لالوکيت پکين واري مارڪيٽ، شريف آباد نرسري، اسٽيٽ بينڪ جي شاخ، بختياري يوٿ سينٽر شامل آھن.

ٿاڻا[سنواريو]

شريف آباد ٿاڻو، لياقت آباد ٿاڻو, سپر مارڪيٽ ٿاڻو،

روڊ ۽ چوڪ[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ گذرندڙ مشھور روڊن م نواب صديق خان روڊ، طابش دھلوي روڊ، الطاف علي بريلوي روڊ، شاھراھ پاڪستان، سر شاھ محمد سليمان روڊ، حسين آباد روڊ، خلافت چوڪ، شامل آهن.

تعلقي م لائبريريون[سنواريو]

ھن تعلقي م مشهور ڪتبخانن م سپر مارڪيٽ لائبريري، حسرت موھاني لائبريري، عثمانيه لائبريري، الحدا لائبريري، نادر لائبريري، غالب لائبريري ۽ زين لائبريري شامل آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. ھن نقشي ۾ يونين ڪاؤنسل ڊاڪخانه جي بيھڪ غلط ڏيکاري وئي آهي جيڪا در حقيقت يو سي قاسم آباد جي ڏکڻ ۾ نہ پر اولھ م واقع آهي.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 - https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=80604
  3. https://elevation.maplogs.com/poi/liaquatabad_town_karachi_karachi_city_sindh_pakistan.422221.html
  4. https://www.dawn.com/news/1055943-
  5. https://mobile.facebook.com/GDSCLK/?_rdc=1&_rdr