گلشن اقبال ٽاؤن، ڪراچي
ڏيک
(گلشن ٽائون کان چوريل)
| گلشن ٽائون گلشن ٹاؤن | |
|---|---|
| ڪراچي جو ٽائون | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ڊویزن | ڪراچي ڊويزن |
| ضلعو | گلشن ضلعو |
| قومي اسيمبلي جو تڪ | این اي-236 (ڪراچي ایسٽ-2) |
| قائم ٿيو | 1972 |
| ٽائون بنايو ويو | 14 آگسٽ، 2001ع |
| ٽائون ختم ڪيو ويو | 11 جولائي، 2011ع |
| ٻيهر بحال ٿيو | 2022ع |
| يونين ڪميٽيون | 08
|
| حڪومت | |
| • قسم | ڪراچي جي مقامي حڪومت |
| • ٽائون چيئرمين | فواد احمد |
| پکيڙ | |
| • ڪل | 29 ڪ.م2 (11 ميل2) |
| آبادي (2023ع) | |
| • ڪل | 973,314 |
گلشن ٽائون (اردو: گلشن ٹاؤن) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي جي اتر اوڀر واري ضلعي گلشن جو هڪ ٽائون آهي. هي ٽائون سال 2001ع ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع جي حصي طور قائم ڪيو ويو ۽ ان کي 11 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو. سال 2011ع ۾ ٽائون سسٽم ختم ڪيو ويو ۽ گلشن ٽائون کي سال 2015ع ۾ ڪراچي اوڀر ضلعي جي هڪ سب ڊويزن جي طور تي ٻيهر منظم ڪيو ويو.[1][2] سال 2022ع جي شروعات ۾ ڪراچي جا ٽائون بحال ڪيا ويا.[3] هاڻي اهو 8 يونين ڪميٽين ۾ ورهايل آهي. سال 2023ع جي پاڪستاني آدمشماري موجب، گلشن ٽائون جي آبادي 973,314 آهي.
ان جي اتر ۾ گڏاپ ٽائون، اوڀر ۾ فيصل ٽائون ۽ ملير ڪينٽ، ڏکڻ-اولھه ۾ جمشيد ٽائون ۽ اولھه ۾ گلبرگ ٽائون ۽ لياقت آباد ٽائون آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Gulshan Town, Karachi", City Government of Karachi website, اصل کان 13 June 2006 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 1 June 2022۔
- ↑ KARACHI: Rs1,085m budget for Gulshan Town Dawn (newspaper), Published 27 June 2006, Retrieved 1 June 2022
- ↑ Siddiqui, Tahir (8 January 2022). "Division of Karachi into 26 towns, 233 UCs notified". Dawn (newspaper). https://www.dawn.com/news/1668180.