قمبر تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قمبر
قنبر
تعلقو
قمبر تعلقه
قمبر is located in سنڌ
قمبر
قمبر
قمبر is located in Pakistan
قمبر
قمبر
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°35′N 68°00′E / 27.583°N 68.000°E / 27.583; 68.000مڪانيت: 27°35′N 68°00′E / 27.583°N 68.000°E / 27.583; 68.000
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
صدر مقام قمبر شھر
پکيڙ
 • ڪل 2,701 ڪ.م2 (1,043 ميل2)
آبادي (2017)
 • ڪل [1]395,206

قنبر علي خان تعلقو يا قمبر تعلقو (انگريزي: Taluka Kamber )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جو صدر مقام قمبر شھر آھي. ھن تعلقي جي ننڍڙن شھرن ۽ مشھور ڳوٺن جا نالاٻير شريف، غيبي ديرو، ڳوٺ ڇڄڙا، ڳوٺ حني آھن. ھن تعلقي جي اولھ واري سرحد کيرٿر جبلن سان ملي ٿي جتي جو علائقو ڪاڇو سڏبو آهي. قمبر شھر کي پھريون ڀيرو تعلقي جو درجو 1862ع ۾ برٽش انڊيا جي دؤر ۾ مليو. تعلقي جي پکيڙ ايڪڙن ۾ 5,22,462 ايڪڙ آھي[2].

آبادي[سنواريو]

ھن تعلقي جي آبادي 1998ع جي آدمشماري ۾ 268934 ھئي، جيڪا 2017ع جي آدمشماري مطابق وڌي 395206 ٿي وئي. جنھن مان 101474 شھري آبادي ۽ 293732 ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ آبادي ھئي. شھري آبادي اھڙي طرح ڪل آبادي جو 25.7 سيڪڙو ۽ ٻھراڙيءَ واري آبادي 74.3 سيڪڙو آھي[1].

سياسي نظام[سنواريو]

تعلقي جي حيثيت سب ڊويزن واري آهي ۽ اُن جو انتظامي نگران اسسٽنٽ ڪمشنر آھي. اُن کان سواءِ روينيو کاتي جو مُختيارڪار پڻ ھتي ويھي ٿو. پوليس جو تعلقي جو نگران سب ڊويزنل پوليس آفيسر آھي. ھتي پبلڪ ھيلٿ، آبپاشي ۽ تعليم کاتي جا سب ڊويزنل آفيسر پڻ ڪم ڪن ٿا. قمبر تعلقي جي پکيڙ 5224062 چورس ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ اُن ۾ 16 يونين ڪائونسل، 4 سرڪل، 18 تپا ۽ 105 ديھون واقع آھن[3][4].

يونين ڪائونسلون[سنواريو]

قمبر تعلقي ۾ 16 يونين ڪائونسلون آهن:

  1. يو سي 12 راونتي
  2. يو سي 13 لشڪري چانڊيو
  3. يو سي 14 جيئن ابڙو
  4. يو سي 15 ڇڄڙا
  5. يو سي 16 آبڙي
  6. يو سي 17 خيرپور جوسو
  7. يو سي 18 گٽھر
  8. يو سي 19 ٻير
  9. يو سي 20 بوھڙ
  10. يو سي 21 پنھوارو
  11. يو سي 22 نواب شبير چانڊيو
  12. يو سي 23 غيبي ديرو
  13. يو سي 24 ڪور ڪمال
  14. يو سي 25 دوست علي
  15. يو سي 26 ڪلر
  16. يو سي 27 لاکا

ٿاڻا[سنواريو]

  • قمبر سٽي ٿاڻو
  • قمبر صدر ٿاڻو
  • قمبر تعلقو ٿاڻو
  • دوست علي ٿاڻو
  • کاھي مينھون ٿاڻو
  • پکو ٿاڻو
  • مھي مڪول ٿاڻو
  • ڊگھ ٿاڻو
  • دينار ٻرڙو ٿاڻو
  • غيبي ديرو ٿاڻو

تپا[سنواريو]

قمبر تعلقي جون تپا[5]
# تپو # تپو # تپو # تپو
1 تپو دوست علي 2 تپو ڪور سليمان 3 تپو پنھوارو 4 تپو ڦتوھل واھ
5 تپو باغ 6 تپو غيبي ديرو 7 تپو ڪاروھار 8 تپو وڪڙو
9 تپو آبڙي 10 تپو قمبر 11 تپو باگو ديرو 12 تپو ٻير
13 تپو بوھڙ 14 تپو ڪلر 15 تپو خيرپور جوسو 16 تپو دوآبو
17 تپو جيئڻ ابڙو 18 تپو لاکا 19 تپو ميھون 20 تپو رانوتي

ديھون[سنواريو]

قمبر تعلقي ۾ 105 ديھون واقع آهن.

قمبر تعلقي جون ديھون[5]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آبڙي 2 آچا 3 باغ جاگير 4 اھير
5 باگوديرو 6 ٻير 7 ڀڏا 8 ڀنگر آچا
9 ڀرمي 10 ڀولا ڪلھوڙا 11 بوھڙ 12 چچا
13 ڇڄڙا 14 چنڱڙو 15 ڏيرا 16 ڌيرو
17 دوست علي 18 ڊرٻ مٺو 19 دوآبو 20 ايلچي
21 عيسو 22 فيض محمد سيال 23 فتوحل واھ 24 گھٽھڙ
25 گھوگھارو 26 ھَنِي 27 حاصلا 28 ھليا
29 غيبي ديرو جاگير 1 30 غيبي ديرو جاگير 4 31 غيبي ديرو جاگير 5 32 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 1
33 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 2 34 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 3 35 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 4 36 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 5
37 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 6 38 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 7 39 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 8 40 غيبي ديرو جاگير 6 چڪ 9
41 غيبي ديرو 6 چڪ 10 42 غيبي ديرو 6 چڪ 11 43 غيبي ديرو 6 چڪ 12 44 غيبي ديرو 6 چڪ 13
45 غيبي ديرو 6 چڪ 14 46 , غيبي ديرو 6 چڪ 15 47 غيبي ديرو 6 چڪ 16 48 غيبي ديرو 6 چڪ 17
49 غيبي ديرو 6 چڪ 18 50 غيبي ديرو 6 چڪ 19 51 غيبي ديرو 6 چڪ 20 52 غيبي ديرو 6 چڪ 21
53 غيبي ديرو 6 چڪ 22 54 غيبي ديرو 6 چڪ 23 55 غيبي ديرو 6 چڪ 24 56 غيبي ديرو 6 چڪ 25
57 غيبي ديرو 6 چڪ 26 58 غيبي ديرو 6 چڪ 27 59 غيبي ديرو 6 چڪ 28 60 غيبي ديرو 6 چڪ 29
61 غيبي ديرو 6 چڪ 30 62 غيبي ديرو 6 چڪ 31 63 غيبي ديرو 6 چڪ 32 64 غيبي ديرو 6 چڪ 33
65 غيبي ديرو نمبر 6 چڪ 34 66 غيبي ديرو 6 چڪ 35 67 غيبي ديرو 6 چڪ 36 68 غيبي ديرو 6 چڪ 37
69 غيبي جاگير نمبر 3 70 ڪلر (قمبر) 71 جيئڻ ابڙو 72 جوڻيجا
73 غيبي ديرو جاگير 2 74 ڪمال خان 75 قمبر 76 ڪنور
77 ڪڙيو مراد علي 78 ڪاروھر جاگير 79 کٻريڙو 80 کاھي مينھون
81 خيرپور جوسو 82 ڪوھستان 83 ڪور حسن 84 ڪور ڪمال
85 ڪور سليمان 86 لاکا 87 لکٽيا 88 لشڪري چانڊيو
89 مھيون 90 ميڻا 91 محبت بليدي 92 ننگر ھڪڙو
93 نٿر 94 نوزمان 95 پَکو 96 پنھوارو
97 پيروز ڀٽي 98 پوٺو ابراهيم 99 پُنَا 100 رانوتي
101 رتوڪوٽ 102 شريفاڻي 103 وڌا 104 وڪڙو
105 وارياسو

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82401
  2. [1]-
  3. ww.ndma.gov.pk › plansPDF Kambar & Shahdadkot DRM Plan - NDMA
  4. [2] آرڪائيو ڪيا ويا 2019-12-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. [سنڌ زمين ڊاٽ ڪام]
  5. 5.0 5.1 › ...PDFWeb resultsList of Dehs in Sindh