مواد ڏانھن هلو

شجاع آباد تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شجاع آباد
تعلقو
تعلقه شجاع آباد
شجاع آباد is located in سنڌ
شجاع آباد
شجاع آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
شجاع آباد is located in پاڪستان
شجاع آباد
شجاع آباد
شجاع آباد (پاڪستان)
Coordinates: 25°18′N 69°03′E / 25.300°N 69.050°E / 25.300; 69.050
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوميرپورخاص ضلعو
قيامڊسمبر 2083
يونين ڪاؤنسلون3
آبادي
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


شجاع آباد تعلقو (اُچار: شُجاباد تالُڪو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپور خاص جو هڪ تعلقو آهي. هن تعلقي کي ڊسمبر 2013 ۾ بڻايو ويو، جڏهن ته شجاع آباد نالي ڪوبه ڳوٺ يا ديهه هن تعلقي ۾ موجود ناهي. بلڪه هي تعلقو سنڌ جي اڳوڻي زراعت جي وزير سيد علي نواز شاهه جي والد شجاع محمد شاهه جي نالي تي پيپلز پارٽي جي جيالن جي مطالبي سان جوڙيو ويو آهي.[1] هن تعلقي جو وڏو شهر ميرواھ گورچاڻي آهي، پر تنهن جي هوندي به علي نواز شاه جي جي مطالبي سان تعلقي جو گاديءَ جو هنڌ علي نواز شاهه ڳوٺ کي ڪيو ويو آهي.

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

شجاع آباد تعلقي ۾ 3 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن جن جي ڪل آبادي 2015 ۾ ٿلهي ليکي 1 لک 17 هزار آهي.

شجاع آباد تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون
يونين ڪاؤنسل آبادي
1ميرواھ گورچاڻي39,039
2مکڻ سمو40,824
3جِهلورِي37,704
ڪل1,17,567

حوالا

[سنواريو]