شجاع آباد تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شجاع آباد
تعلقو
تعلقه شجاع آباد
شجاع آباد is located in سنڌ
شجاع آباد
شجاع آباد
شجاع آباد is located in Pakistan
شجاع آباد
شجاع آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°18′N 69°03′E / 25.300°N 69.050°E / 25.300; 69.050مڪانيت: 25°18′N 69°03′E / 25.300°N 69.050°E / 25.300; 69.050
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ميرپورخاص ضلعو
قيام ڊسمبر 2083
يونين ڪاؤنسلون 3


شجاع آباد تعلقو (اُچار: شُجاباد تالُڪو) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ميرپور خاص جو هڪ تعلقو آهي. هن تعلقي کي ڊسمبر 2013 ۾ بڻايو ويو، جڏهن ته شجاع آباد نالي ڪوبه ڳوٺ يا ديهه هن تعلقي ۾ موجود ناهي. بلڪه هي تعلقو سنڌ جي اڳوڻي زراعت جي وزير سيد علي نواز شاهه جي والد شجاع محمد شاهه جي نالي تي پيپلز پارٽي جي جيالن جي مطالبي سان جوڙيو ويو آهي.[1] هن تعلقي جو وڏو شهر ميرواھ گورچاڻي آهي، پر تنهن جي هوندي به علي نواز شاه جي جي مطالبي سان تعلقي جو گاديءَ جو هنڌ علي نواز شاهه ڳوٺ کي ڪيو ويو آهي.

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

شجاع آباد تعلقي ۾ 3 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن جن جي ڪل آبادي 2015 ۾ ٿلهي ليکي 1 لک 17 هزار آهي.

شجاع آباد تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون
يونين ڪاؤنسل آبادي
1 ميرواھ گورچاڻي 39,039
2 مکڻ سمو 40,824
3 جِهلورِي 37,704
ڪل 1,17,567

حوالا[سنواريو]