سعيدآباد تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نيو سعيد آباد
تعلقو
پاڪستان جي نقشي ۾ سعيدآباد تعلقي جو مقام
پاڪستان جي نقشي ۾ سعيدآباد تعلقي جو مقام
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو مٽياري
آبادي
 • ڪُل 15,000
ٽائيم زون پي ايس ٽي (UTC+5)

سعيدآباد تعلقو يا نيو سعيدآباد انگريزي ٻولي: New Saeedabad پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جو هڪ تعلقو آهي. ھن تعلقي ۾ نيو سعيدآباد ۽ پراڻو سعيدآباد ، تاريخي ڳوٺ پير جھنڊو، جمالين ۽ راھو ذاتين جا ڳوٺ واقع آھن.ھن تعلقي جون سنڌي ٽوپيون ڏاڍيون مشھور آھن. ھتان جي معيشيت زراعت آھي. ڪڻڪ، ڪپھ، ڪمند ۽ ڪيلي جا فصل ڪثرت سان پوکجن ٿا. سنڌو درياءَ سان لڳو لڳ ھجڻ ڪري ھتي ٻيلا پڻ آھن. ھتان جو مصروف ترين روڊ نيشنل ھاء وي اين-5 آھي جيڪو ھالا تعلقي ۽ سڪرنڊ تعلقي جي وچ ۾ ھن تعلقي مان گذري ٿو. ھڪ ٽال پلازه بہ ھن تعلقي جي شھر نيوسعيد آباد ۾ واقع اٿس. [1]

حوالا[سنواريو]