قمبر شهدادڪوٽ ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
قمبر شهدادڪوٽ
ضلعو
سنڌ جي نقشي ۾ قمبر شھدادڪوٽ ضلعو نمايان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ قمبر شھدادڪوٽ ضلعو نمايان ڏيکاريل
قمبر شهدادڪوٽ is located in Sindh
قمبر شهدادڪوٽ
قمبر شهدادڪوٽ
سنڌ ۾ مقام
قمبر شهدادڪوٽ is located in Pakistan
قمبر شهدادڪوٽ
قمبر شهدادڪوٽ
قمبر شهدادڪوٽ (Pakistan)
مڪانيت: 27°44′N 67°57′E / 27.733°N 67.950°E / 27.733; 67.950مڪانيت: 27°44′N 67°57′E / 27.733°N 67.950°E / 27.733; 67.950
ملڪپاڪستان Pakistan
صوبوسنڌ
ڊويزنلاڙڪاڻو ڊويزن
تعلقا7
ايراضي
 • ڪُل5,599 ڪلوميٽراسڪوائر (2,162 اسڪوائر ميل)
آبادي (2017)
 • ڪُل[1]1,341,022
ٽائيم زونپاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)

قمبر شهدادڪوٽ ضلعو (انگريزي: Kamber Shahdadkot District )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام قمبر شھر آھي. ھن ضلعي جون حدون لاڙڪاڻو ضلعو، جيڪب آباد ضلعو ۽ دادو ضلعو ۽ بلوچستان صوبي سان ملن ٿيون. ھي ضلعو پھرين لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھيو ان وقت وارھ، قمبر شھدادڪوٽ ۽ ميروخان تعلقن تي مشتمل ھيو جن کي ڊاڪٽر ارباب رحيم جي حڪومت 13 ڊسمبر 2004 تي لاڙڪاڻي کان ڌار ڪري وارھ مان نصير آباد ، ميروخان مان سجاول جوڻيجو، شھدادڪوٽ مان قبو سعيد خان ڌار ڪري ٽي نوان تعلقا جوڙي نئون ضلعو قمبر شھدادڪوٽ نالي سان ٺاھيو ويو. ھن ضلعي جي پکيڙ 5675[2] يا 5599[1] چورس ڪلوميٽر آھي

معيشت[سنواريو]

2013 جي انساني ترقيءَ جي اشاريئي (HDI) مطابق ھن ضلعي جي ترقي جي شرح 0.35 ھئي . جڏھن تہ سنڌ جي جملي ٿلھي ليکي شرح 0.59 ھئي جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ھي ضلعو سنڌ جي ترقي پذير شرح کان بہ تمام گھٽ شرح تي ھيو [3] ترقي جي گھٽ شرح ڪري ھتي سھولتن جو فقدان آهي. خاص ڪري تعليم ۽ صحت ۾ ھي ضلعو پٺتي پيل آهي.ساڳي سال جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي شرح 0.40 ۽ دادو جي 0.45 سيڪڙو ھئي جنھن مان ظاهر ٿيو پئي تہ ھي ضلعو ترقي ۾ انھن کان پوئتي پيل ھيو[3]. يورپي يونين جي PINS سروي مطابق ھن ضلعي جي 81.5 سيڪڙو خاندانن جي ماھوار آمدني 10,000 روپين کان گھٽ آھي. 16.3 سيڪڙو خاندانن جي آمدني 10,000 کان 15,000 روپين تائين آهي ۽ 2.2 سيڪڙو خاندانن جي آمدني 15,000 کان مٿي آھي. اھڙي طرح ھن ضلعي ۾ رھندڙ خاندانن جي سراسري ماھوار آمدني 9،150 روپيا آهي[3]. ان سروي مطابق 83 سيڪڙو خاندانن جو ماھوار خرچ 10,000 روپين تائين يا ان کان گھٽ آھي.11.3 سيڪڙو خاندانن جو ماھوار خرچ 10,000 روپين کان 15,000 روپين تائين آهي ۽ باقي 5.7 سيڪڙو خاندان ماھوار 15،000 کان وڌيڪ خرچ ڪن ٿا[3]. ھن ضلعي ۾ 2016 جي شمارياتي ڪاٿن مطابق 97.4 سيڪڙو خاندانن ۾ ڪفالت ڪندڙ ھڪ ڪمائيندڙ فرد آھي ۽ 2.6 سيڪڙو خاندانن ۾ 2 ڪمائيندڙ فرد آھن[3]. ان ڪاٿن مطابق ضلعي جو ڪل مزدورن ۾ 50 سيڪڙو غير ھنرمند ڏھاڙي وارا مزدور 32.1 سيڪڙو ھنرمند ڏھاڙي وارا مزدور، 2.3 سيڪڙو ھنرمند زرعي مزدور، 1 سيڪڙو غير ھنرمند زرعي مزدور، 1.6 سيڪڙو وڏي يا وچولي درجي جا ھاري، 1.3 سيڪڙو مال پاليندڙ، 10.4 سيڪڙو خود روزگار ڪندڙ ڌنڌن وارا، 1.3 سيڪڙو سرڪاري نوڪري ڪندڙ آھن[3].

زراعت[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ سانوڻ جا وسڪارا جون يا جولائي کان سيپٽمبر تائين پوندا آهن. ھر سال ھتي پوکي جون ٻہ موسمون ربيع ۽ خريف ھونديون آھن. زرعي پوکي جي ڪم ۾ مرد ۽ عورتون گڏجي محنت ڪندا آهن. ربيع جي فصلن جي موسم سياري جي ھوندي آھي جيڪا آڪٽوبر کان شروع ٿئي ٿي ۽ مارچ ۾ ختم ٿئي ٿي. خريف جي موسم وري گرمين ۾ اپريل کان شروع ٿي سيپٽمبر ۾ ختم ٿئي ٿي اھڙي طرح سانوڻ جي برسات خريف ۾ ٿيندي آهي. ھتي ربيع ۾ ڪڻڪ جي پوکائي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين ھلندي آھي ۽ ڪڻڪ جو لابارو مارچ ۽ اپريل ۾ ٿيندو آهي. مرچن جي پوکائي اپريل ۾ ٿئي ٿي ۽ ڪٽائي سيپٽمبر کان نومبر تائين ٿيندي آهي. جون ۽ جولائي کان علاوه باقي سمورو سال زرعي ڪم زور سان ٿيندو آهي.

ضلعي جي آبادي[سنواريو]

ھن ضلعي جي موجوده علائقي جي آبادي 1972 جي آدمشماري مطابق 460722 ھئي. 1981 م 566574 ھئي جيڪا 1998 جي آدمشماري ۾ وڌي 924294 ٿي وئي. ان وقت ھن ضلعي جو موجوده علائقو لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھيو . 2005 ۾ ھن ضلعي جي وجود ۾ اچڻ بعد پھرين آدمشماري 2017 ۾ ٿي جنھن مطابق ضلعي جي آبادي 1341022 تائين پھچي چڪي هئي[1]. جنھن مان 943478 ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھئا ۽ باقي 397564 ماڻھو شھري آبادي ۾ رهندڙ هئا[1]. ان آبادي ۾ 682859 مرد ۽ 658148 عورتون ۽ 35 کدڙا شامل آھن[1]. ھن ضلعي جي 98 سيڪڙو آبادي سنڌين جي آهي جن ۾ بلوچي ۽ سرائڪي ڳالهائيندڙ سنڌي پڻ شامل آهن، ۽ باقي 2 سيڪڙو ۾ مھاجر، پنجابي ۽ پٺاڻ شامل آهن.

تعليم[سنواريو]

2016 ۾ ھن ضلعي ۾ سرڪاري اسڪولن جو تعداد 1631 ھيو جن مان 93 سيڪڙو يعني 1516 پرائمري اسڪول، 3.4 سيڪڙو يعني 55 مڊل اسڪول، 0.2 سيڪڙو يعني 4 ايليمينٽري اسڪول، 2.8 سيڪڙو يعني 46 سيڪنڊري اسڪول ۽ 0.6 يعني 10 ھاء اسڪول واقع ھيا.[3] انھن اسڪولن ۾ 18 سيڪڙو ڇوڪرين جا اسڪول ۽ 33.1 سيڪڙو ڇوڪرن جا ۽ باقي 48.9 سيڪڙو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنھي لاء ھيا. استادن ۾ 20.9 سيڪڙو ماسترياڻيون ۽ 79.1 سيڪڙو ماستر ھيا[3].2016 جي سروي مطابق پرائمري اسڪولن ۾ ڇوڪرن جي حاضري 38 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين جي حاضري 26.2 سيڪڙو رھي. سيڪنڊري اسڪولن ۾ حاضري جو تناسب ڇوڪرن جو 28.7 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين جو 16.8 سيڪڙو رھيو[3]. ضلعي ۾ 2016 ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح 29.4 سيڪڙو ھئي جنھن ۾ 15 کان 24 سالن جي عمر جون عورتون شامل هيون[3].

صحت[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ قمبر شھر ۾ سرڪاري سول اسپتال ۽ تعلقن ۾ سرڪاري تعلقا اسپتالون واقع آھن. ان کان علاوه ٻھراڙين ۾ بنيادي صحت مرڪز قائم ٿيل آھن جتي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.


عورتن جي صحت[سنواريو]

2016 جي سروي مطابق ھن ضلعي جي عورتن جو سراسري ٻار ڄڻڻ جي شرح 6.1 آهي. 18.4 سيڪڙو عورتون ٻار روڪڻ جون دوائون استعمال ڪن ٿيون. شادي شده ڳورھارين عورتن مان 72.4 سيڪڙو عورتون ٻار ڄڻڻ کان اڳ واري صحت جون سهولتون حاصل ڪن ٿيون[3]. 2014 ۽ 2015 جي MICS سروي مطابق ڳورھارين عورتن جون 51.1 سيڪڙو ويم صحت جي مرڪزن يا ويم گھرن ۾ ٿيا جن مان 10.4 سرڪاري صحت مرڪزن تي ۽ 40.7 پرائيويٽ صحت مرڪزن تي ٿيا ، باقي 48.9 سيڪڙو ويم گھرن جي اندر ٿيا[3].ھن ضلعي جي 80.5 سيڪڙو عورتن تائين خانداني منصوبا بندي ۽ زناني صحت بابت ڄاڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ذريعي ملي ٿي[3].

ٻارن جي صحت[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ نون ڄاول ٻارن مان 62.9 سيڪڙو ٻارن کي ميڊيڪل چڪاس جي صحولت ملي ٿي[3].

قومي ۽ صوبائي تڪ[سنواريو]

ھن ضلعي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا چار تڪ اچن ٿا جن ۾ پي ايس 39 قمبر شھدادڪوٽ 1، پي ايس 40 قمبر شھدادڪوٽ 2، پي ايس 41 قمبر شهدادڪوٽ 3 ۽پي ايس 42 قمبر شهدادڪوٽ 4 شامل آهن. جڏھن ته قومي اسيمبليءَ جا ٻہ تڪ اٿس جن ۾ اين اي 202 قمبر شهدادڪوٽ 1 (پراڻو نالو: اين اي 206) ۽ اين اي 203 قمبر شهدادڪوٽ 2 (اين اي 207) شامل آهن.

پي ايس 39 (قمبر شهدادڪوٽ 1)[سنواريو]

ھي تڪ پھرين لاڙڪاڻو 5 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي قيام بعد قمبر شهدادڪوٽ 1 ٿي ويو. ھن تڪ ۾ 2002 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اميدوار غلام مجتبیٰ اسراڻ 14200 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار علي حسن ھڪڙو ھيو جنھن 12400 ووٽ کنيا هئا. 2008 جي عام چونڊن ۾ وري غلام مجتبیٰ اسراڻ 27000 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو نواب سردار خان چانڊيو ھيو جنھن 12900 ووٽ کنيا هئا. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان وري غلام مجتبیٰ اسراڻ کٽي آيو جنهن 29400 ووٽ کنيا. مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار علي حسن ھڪڙو ھيو جنھن 13800 ووٽ کنيا[4].

پي ايس 40 (قمبر شهدادڪوٽ 2)[سنواريو]

ھي تڪ پھرين لاڙڪاڻو 6 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي قيام بعد قمبر شهدادڪوٽ 2 ٿي ويو. ھن تڪ ۾ 2002 جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار سلطان احمد کھاوڙ 16100 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار غلام اڪبر مگسي ھيو جنھن 15200 ووٽ کنيا هئا ۽ ان جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان ھيو. 2008 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مير نادر علي مگسي 32500 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار مسلم ليگ (ق) جو مير عبدالوحيد بروهي ھيو جنھن 3200 ووٽ کنيا هئا. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان وري مير نادر خان مگسي کٽي آيو جنھن 36900 ووٽ کنيا. مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو غيبي خان مغيري ھيو جنھن 14600 ووٽ کنيا ھيا[4].

پي ايس 41 (قمبر شهدادڪوٽ 3)[سنواريو]

ھي تڪ پھرين لاڙڪاڻو 7 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي قيام بعد قمبر شهدادڪوٽ 3 ٿي ويو. ھن تڪ ۾ 2002 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار عزيز احمد جتوئي 21800 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو الله بخش انڙ ھيو جنھن 19100 ووٽ کنيا هئا. 2008 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عزيز احمد جتوئي 37600 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار مسلم ليگ (ق) جو عبدالغفار بروهي ھيو جنھن 6500 ووٽ کنيا هئا. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان عزيز احمد جتوئي کٽي آيو جنھن 19700 ووٽ کنيا. مقابلي ۾ ھارائيندڙ آزاد اميدوار پاڪستان عادل الطاف انڙ ھيو جنھن 7900 ووٽ کنيا ھيا[4].

پي ايس 42 (قمبر شهدادڪوٽ 4)[سنواريو]

ھي تڪ پھرين لاڙڪاڻو 8 جي نالي سان سڏبو هو پر نئين ضلعي جي قيام بعد قمبر شهدادڪوٽ 4 ٿي ويو. ھن تڪ ۾ 2002 جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار نجم الدين ابڙو 20200 ووٽ کڻي اليڪشن کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ آزاد اميدوار فقير پرويز احمد ھيو جنھن 5100 ووٽ کنيا هئا. 2008 جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نجم الدين ابڙي 21300 ووٽ کڻي چونڊ کٽي ھئي ۽ ان وقت مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار مسلم ليگ (ق) جو برھان چانڊيو ھيو جنھن 12100 ووٽ کنيا هئا. 2013 جي عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان وري پاڪستان پيپلز پارٽي جي مير غيبي خان سردار چانڊيو کٽي آيو جنھن 47500 ووٽ کنيا. مقابلي ۾ ھارائيندڙ اميدوار قومي عوامي پارٽي جو سرتاج احمد چانڊيو ھيو جنھن 2300 ووٽ کنيا ھيا[4].

اين اي 202 (قمبر شهدادڪوٽ 1)[سنواريو]

ھي تڪ ضلعي جي چئن تعلقن تي مشتمل آهي جن ۾ شھدادڪوٽ تعلقو ، ميروخان تعلقو، قبو سعيد خان تعلقو ۽ سجاول جوڻيجو تعلقو شامل آهن. 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو آفتاب شعبان ميراڻي 72159 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. ان سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ ايم ايم اي جو اميدوار ناصر محمود ھيو جنهن 36040 ووٽ کنيا ۽ ان کان پوءِ ٽئين نمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مسرت شاھ 9631 ووٽ کنيا[5].

اين اي 203 (قمبر شهدادڪوٽ 2)[سنواريو]

ھي تڪ ضلعي جي ٽن تعلقن تي مشتمل آهي جن ۾ قمبر تعلقو ، وارھ تعلقو ۽ نصيرآباد تعلقو شامل آهن. 25 جولاءِ 2018 تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ھن تڪ مان پاڪستان پيپلز پارٽي جو مير عامر خان مگسي 80060 ووٽ کڻي چونڊ کٽي آيو. ان سان مقابلو ڪندڙ ھارائيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار سخاوت علي ھيو جنهن 13008 ووٽ کنيا ۽ ان کان پوءِ ٽئين نمبر تي جي ڊي اي جي فيض محمد 6857 ووٽ کنيا[5].

قمبر شھدادڪوٽ جا تعلقا[سنواريو]

هن ضلعي ۾ هيٺيان 7 تعلقا شامل آهن.

  1. قنبر علي خان تعلقو
  2. شهدادڪوٽ تعلقو
  3. وارهه تعلقو
  4. ميرو خان تعلقو
  5. نصيرآباد تعلقو
  6. قبو سعيد خان تعلقو
  7. سجاول جوڻيجو تعلقو

يونين ڪائونسلون[سنواريو]

قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ھيٺيون 52 يونين ڪائونسلون آهن[6]:

حوالا[سنواريو]

عدالتي نظام[سنواريو]

ھن ضلعي جون حدون سنڌ ھاء ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي اختيار ۾ اچن ٿيون جنھن ڪري ھاء ڪورٽ جا ڪيس لاڙڪاڻي واري رجسٽري ۾ داخل ٿيندا آهن. ضلعي عدالتن جي نظام ۾ ھتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت قمبر شھر ۾ واقع آهي جنھن سان گڏ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن جون ٻہ عدالتون پڻ ڪم ڪن ٿيون. ھڪ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت شھدادڪوٽ شھر ۾ ڪم ڪري ٿي. اھي عدالتون ساڳي وقت ننڍين عدالتن جو اپيلون پڻ ٻڌنديون آھن. ٻہ سينئر سول ججن جون عدالتون قمبر ۽ شھدادڪوٽ ۾ واقع آھن. ان کان علاوه قمبر، شھدادڪوٽ، وارھ، ميروخان ۾ جوڊيشل ماجسٽريٽن جون پڻ عدالتون واقع آھن. ضلعي ۾ قمبر شھر ۾ ھڪ ڪنزيومر ڪورٽ پڻ ڪم ڪري ٿي. ضلعي اندر وڪيلن جي ضلعي بار ايسوسيئيشن پڻ قائم آهي جيڪا سنڌ بار ڪائونسل جي نگراني ۾ ڪم ڪري ٿي.

آبپاشي ۽ پاڻي جا ذخيرا[سنواريو]

ھن ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ حمل ڍنڍ آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ ڳوٺ غيبي ديرو جي لڳ واقع آهي.

روڊ رستا[سنواريو]

ھن ضلعي مان گوادر ويندڙ ايم 8 ھاء وي سجاول جوڻيجو، شھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن مان گذري بلوچستان ۾ داخل ٿئي ٿو. شھدادڪوٽ ۽ قمبر شھر جي وچ ۾ 29 ڪلوميٽرن تي مشتمل اين 455 ھاء وي واقع آهي جيڪو اڳتي ھلي قمبر شھر کي لاڙڪاڻي شھر سان پڻ ملائي ٿو. ھن ضلعي ۾ نصيرآباد تعلقي واري حد کان اين 55 ھاء وي، جنھن کي انڊس ھاء وي پڻ چون ٿا ، داخل ٿي وڱڻ شھر کان ٿيندو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نڪري ٿو جيڪو ضلعي اندر گذرندڙ ھڪ مصروف ترين رستو آھي. ضلعي اندر تعلقن جي صدرمقامن وچ ۾ روڊن ۽ انھن جي لنڪ روڊن جو ھڪ وڏو نظام موجود آهي جن تي پبلڪ ۽ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ جو باقاعدي گذر ٿئي ٿو.

حوالا[سنواريو]