تعلقو
تعلقو (Tehsil) ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ هڪ انتظامي ذيلي ورهاست آهي جيڪا عام طور تي ضلعي (District) جي هيٺيان هوندي آهي.
اها ھڪ روينيو انتظامي وحدت آهي. برٽش انڊيا جي دور ۾ اتر انڊيا جي صوبن ۾ ضلعن کي ريونيو ۽ انتظام لاء جنھن ذيلي حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو ان کي اتر انڊين صوبن جي روينيو ڪوڊن ۽ قانونن ۾ تحصيل جو نالو ڏنو ويو ۽ ان جي انتظامي سربراھه کي تحصيلدار جو نالو ڏنو ويو. جڏھن تہ برٽش انڊيا جي ڏاکڻن صوبن ۽ پريزيڊنسين (جن ۾ بمبئي پريزيڊنسي پڻ شامل ھئي) جي روينيو ڪوڊ ۽ قانون ساڳئي تقسيم کي تعلقي جو نالو ڏنو ۽ تعلقي جي عملدار کي مختيار ڪار سڏيو ويو. موجوده پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ اتر ھندوستان جي روينيو ڪوڊن جي اثر ھيٺ ضلعي جي ان ذيلي تقسيم کي تحصيل جو نالو مليو. سنڌ بمبئي جو حصو ھجڻ ڪري بمبئي روينيو ڪوڊ جي ڏنل نالي "تعلقو" جو استعمال ڪيو. بمبئي کان سال 1937ع ۾ الڳ ٿيڻ بعد سنڌ روينيو ڪوڊ بمبئي پريزيڊنسي واري نالي کي جاري رکيو. پاڪستان جي ٽن صوبن پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ ھن تقسيم کي سرڪاري طور تي تحصيل ۽ سنڌ ۾ تعلقو سڏين ٿا. ساڳيو فرق ٻين وڌيڪ ذيلي تقسيمن جي نالن بابت پڻ آھي. سنڌ ۾ روينيو جي ننڍڙي ترين ذيلي تقسيم "ديھه" آھي پر باقي ٻين صوبن ۾ ساڳئي ننڍڙي تقسيم کي "موزہ" سڏبو آھي. تعلقن جو انتظامي صدر مقام ان جو صوبائي سرڪار پاران سرڪاري گزيٽ ۾ پڌرو ڪيل شھر ھوندو آھي جتي تعلقي جون آفيسون ڪم ڪنديون آھن. مڪاني نظام مطابق پاڪستان جي ڄاڻايل ٽن صوبن ۾ تحصيلن ۽ سنڌ ۾ تعلقن جي ٻھراڙيءَ واري علائقن کي يونين ڪائونسلن (ننڍڙا شھر يا وڏا ڳوٺ) ۽ شھري علائقن کي يونين ڪاميٽين (وڏي شھر جا پاڙا) ۾ ورھايو ويو آھي. انتظامي ورھاست ۾ تحصيل يا تعلقو صوبي جي ڊويزن اندر يا تہ سب ڊويزن ھوندي آھي يا وري سب ڊويزن جو حصو. روينيو تقسيم مطابق تعلقو ضلعي جي سڀ کان وڏي ذيلي ورھاست ھوندي آھي. ان کان ننڍين ورھاستن ۾ سنڌ ۾ تعلقي کان ننڍو "تپو" ۽ باقي صوبن ۾ تحصيل کان ننڍي "پٽوار" ھوندي آھي جنھن جو ريوينيو انتظامي عملدار سنڌ ۾ تپيدار ۽ باقي ٻين صوبن ۾ پٽواري سڏيو وڃي ٿو.
ھر تحصيل يا تعلقي جي ٻھراڙيءَ جي اندر وڏي تعداد ۾ ڳوٺ پڻ شامل هوندا آهن.[1] ڀارت ۾ هنن اصطلاحن اڳين اصطلاحن، جهڙوڪ پرڳڻو (پرگنه) ۽ ٿاڻو جي جاءِ ورتي آهي.[2]
آنڌرا پرديش ۽ تلنگانا ۾، منڊل (دائرو) نالي هڪ نئين انتظامي وحدت تحصيلي نظام جي جاءِ والاري آهي. منڊل عام طور تحصيل کان ننڍو هوندو آهي ۽ پنچايتي راڄ جي نظام هيٺ مقامي خود حڪومتي انتظام کي آسان بڻائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.[3] اولهه بنگال، بيهار ۽ جهارکنڊ ۾ ڪميونٽي ترقياتي بلاڪ (CDB) تحصيلن جي جاءِ تي بنيادي انتظامي وحدت طور ڪم ڪن ٿا.
تحصيلي آفيس جو بنيادي ڪم زميني روينيو جي انتظام سان گڏ چونڊن ۽ انتظامي ذميوارين کي نڀائڻ آهي. اها زميني رڪارڊ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامي معاملن جي آخري انتظامي اداري طور ڪم ڪري ٿي. ان جو اعليٰ عملدار تحصيلدار سڏبو آهي، ڀارتي تناظر ۾ تحصيل يا تعلقو ذيلي ضلعو سمجهيو وڃي ٿو. ڪجهه حالتن ۾ تحصيلون بلاڪن (پنچايت يونين بلاڪ، پنچايت ترقياتي بلاڪ يا CDB) سان هڪجهڙي جاگرافيائي حدن ۾ هونديون آهن. تحصيلون زمين ۽ روينيو کاتي هيٺ هونديون آهن، جن جي سربراهي تحصيلدار ڪندو آهي، جڏهن ته بلاڪ ڳوٺاڻو ترقي کاتي هيٺ هوندا آهن، جن جي سربراهي بلاڪ ترقياتي آفيسر ڪندو آهي، ۽ اهي ساڳئي يا ملندڙ جلندڙ علائقي ۾ مختلف سرڪاري انتظامي ڪم سرانجام ڏيندا آهن.[4]
جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن اهي روينيو ڊويزن جي هڪ ذيلي انتظامي وحدت، جيڪا روينيو بلاڪ سڏجي ٿي، سان ساڳئي علائقي ۾ هونديون آهن، پر اهي ٻئي الڳ انتظامي ادارا آهن. مثال طور رائيپور ضلعو (ڇتيسڳڙهه) انتظامي طور 13 تعلقن ۽ 15 روينيو بلاڪن ۾ ورهايل آهي.[5] تنهن هوندي به، ٻنهي کي اڪثر هڪجهڙو سمجهيو ويندو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "tehsil". ليڪسيڪو UK English Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. اصل نسخو مان March 22, 2020 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ Dutt, Ashok K.; Noble, Allen G.; Costa, Frank J.; Thakur, Sudhir K.; Thakur, Rajiv; Sharma, Hari S. (15 October 2015). Spatial Diversity and Dynamics in Resources and Urban Development: Volume 1: Regional Resources. Springer. ISBN 9789401797719 – Google Books وسيلي.
- ↑ Rajiv Balakrishnan (2007), Participatory Pathways: People's Participation in Development Initiatives, Pearson Education India, ص. 65–, ISBN 978-81-317-0034-1
- ↑ Sharma, A. K. (2012). Population and Society. New Delhi: Concept Publishing Company. ص. 53. ISBN 978-81-8069-818-7.
The main purpose of the census is to provide data on size and composition of population of India and its geographic divisions, i.e., population of different states and union territories, districts, blocks and villages.
- ↑ Rahman, Syed Amanur, مرتب (2006). The Beautiful India: Chhatisgarh. New Delhi: Reference Press. ص. 34. ISBN 978-81-8405-017-2.