مواد ڏانھن هلو

شهدادڪوٽ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شهدادڪوٽ تعلقو

شهدادڪوٽ
تعلقو شهدادڪوٽ
شهدادڪوٽ تعلقي جو نقشو
قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ شهدادڪوٽ تعلقي جي بيهڪ
سنڌ ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
شهدادڪوٽ تعلقو is located in پاڪستان
شهدادڪوٽ تعلقو
شهدادڪوٽ تعلقو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ شهدادڪوٽ جو مقام
Coordinates: 27°50′N 67°54′E / 27.833°N 67.900°E / 27.833; 67.900
ملڪ پاڪستان
صوبوسنڌ
ڊويزنلاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقائي صدر مقامشهدادڪوٽ
تعلقو قائم ٿيو1 فيبروري 1884ع[1]
حڪومت
• طرزتعلقائي انتظاميا
ايراضي
• تعلقو419 km2 (162 sq mi)
آبادي
• ڪل225086
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• شهري
120687
• ٻهراڙي
104399
خواندگي (2023ع)
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت)
پوسٽل ڪوڊ
77300
ڊائلنگ ڪوڍ0744

شهدادڪوٽ تعلقو (انگريزي ٻولي: Shahdadkot Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ واقع قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ستن تعلقن مان هڪ آهي. ان جو انتظامي صدر مقام شهدادڪوٽ شهر آهي. 2023ع جي مردم شماري موجب تعلقي جي آبادي 225,086 هئي، جڏهن ته ان جي ايراضي 419 چورس ڪلوميٽر ۽ آباديءَ جي گهاٽائي لڳ ڀڳ 537.5 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر هئي.[2]

شهدادڪوٽ تعلقو سنڌ جي اتر-اولهه واري حصي ۾، بلوچستان جي سرحدي ميدانن جي ويجهو واقع آهي. ان جي اتر ۽ اتر-اولهه طرف قبو سعيد خان تعلقو ۽ جيڪب آباد واري علائقي جون حدون، اوڀر طرف سجاول جوڻيجو تعلقو ۽ ڏکڻ طرف ميروخان تعلقو واقع آهن. تعلقي مان اين-55 قومي شاهراهه سان ڳنڍيندڙ رتوديرو–شهدادڪوٽ رستو گذري ٿو، جنهن وسيلي شهدادڪوٽ کي رتوديرو، لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان ڏانهن ويندڙ مواصلاتي رستن سان رابطو ملي ٿو.

شهدادڪوٽ ۾ پاڻي فراهميءَ جو ڍانچو؛ تصوير 2021ع.[4]

نالو

[سنواريو]

شهدادڪوٽ جو پراڻو سرڪاري نالو شهدادپور هو. برطانوي دؤر ۾ سنڌ ۾ هڪ ٻيو اهم شهر پڻ شهدادپور جي نالي سان موجود هئڻ سبب ٻنهي جا سرڪاري ۽ ڊاڪ وارا رڪارڊ پاڻ ۾ گڊمڊ ٿيڻ لڳا. 1914ع ڌاري اتر سنڌ واري شهدادپور جو نالو سرڪاري استعمال ۾ شهدادڪوٽ ڪيو ويو، جڏهن ته سانگهڙ واري علائقي جو شهدادپور پنهنجي پراڻي نالي سان برقرار رهيو.[5]

تاريخ

[سنواريو]

برطانوي دور کان اڳ

[سنواريو]

شهدادڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارو علائقو تاريخي طور سنڌ جي اتر-اولهه واري سرحدي علائقي جو حصو رهيو آهي. علائقي ۾ ڪلهوڙا ۽ پوءِ ٽالپر دؤرن دوران آباديون، زرعي ڳوٺ ۽ زمينداري مرڪز قائم هئا. شهدادڪوٽ شهر جي قيام بابت مقامي تاريخي روايتون ان کي ارڙهين صديءَ جي شروعات، لڳ ڀڳ 1713ع، سان ڳنڍين ٿيون، پر شهر جي صحيح قيام جي تاريخ بابت مختلف ذريعن ۾ فرق ملي ٿو.

برطانوي حڪومت ۽ تعلقي جو قيام

[سنواريو]

1843ع ۾ چارلس جيمس نيپيئر جي فوجن هٿان سنڌ جي فتح کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني نئون سول ۽ روينيو انتظام قائم ڪيو. سنڌ جي اتر-اولهه سرحد تي اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعو قائم ڪيو ويو، جنهن جو انتظامي مرڪز جيڪب آباد بڻيو.

شهدادڪوٽ وارو علائقو شروعاتي طور شڪارپور ضلعي جي قمبر ۽ سجاول تعلقن جي مختلف ديهن ۾ ورهايل هو. 16 جنوري 1884ع تي بمبئي حڪومت نوٽيفڪيشن نمبر 414-A جاري ڪري انهن ديهن کي گڏ ڪري هڪ نئون شهدادپور تعلقو ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. اهو انتظام 1 فيبروري 1884ع کان لاڳو ٿيو ۽ نئون تعلقو اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي جو حصو بڻيو.[1]

برطانوي دؤر ۾ شهدادڪوٽ تعلقي جي اهميت ان ڪري به هئي ته اهو سنڌ ۽ بلوچستان وچ واري سرحدي علائقي جي زرعي ۽ واپاري مرڪزن مان هڪ هو. 1921–22ع جي بمبئي پريزيڊنسي انتظامي رپورٽ ۾ شهدادڪوٽ کي اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي جي پنجن تعلقن مان هڪ طور درج ڪيو ويو آهي.[6]

1930ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سکر بئراج ۽ ان سان لاڳاپيل نون آبپاشي علائقن سبب سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي حدن ۾ وڏي انتظامي تبديلي ڪئي وئي. نئين جوڙجڪ تحت شهدادڪوٽ کي اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي کان ڌار ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو؛ 1933ع واري انتظامي رپورٽ لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقن ۾ شهدادڪوٽ کي واضح طور درج ڪري ٿي.[7]

پاڪستان کان پوءِ

[سنواريو]

1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ شهدادڪوٽ تعلقو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ برقرار رهيو. ضلعي ۽ روينيو انتظام هيٺ شهدادڪوٽ شهر تعلقي ۽ سب ڊويزن جي انتظامي مرڪز طور ڪم ڪندو رهيو.

2004ع–2005ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اولهندي ۽ اتر-اولهندي تعلقن مان نئون قمبر شهدادڪوٽ ضلعو قائم ڪيو ويو. نئين ضلعي ۾ شهدادڪوٽ سميت قمبر، ميروخان، نصيرآباد، قبو سعيد خان، سجاول جوڻيجو ۽ وارهه تعلقا شامل ڪيا ويا.[8]

جاگرافي

[سنواريو]
قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو سنڌ ۾ مقام

تعلقي جي ايراضي 2023ع جي مردم شماري مطابق 419 چورس ڪلوميٽر آهي.[2] پراڻن انتظامي انگن ۽ 2017ع واري ڪجهه رڪارڊن ۾ ان جي ايراضي 398 چورس ڪلوميٽر پڻ ڏنل آهي؛ هي فرق مردم شماري ۽ روينيو حدن جي ٻيهر تعين سان لاڳاپيل آهي.

علائقو سنڌ جي اتر-اولهه واري هموار زرعي ميدان ۾ واقع آهي. اولهه طرف بلوچستان جي ڪڇي ميدان ۽ کيرٿر سلسلي مان ايندڙ برساتي وهڪرا هيٺاهين علائقن تائين پهچن ٿا، جنهن سبب سخت برساتن ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ ٻوڏ تعلقي لاءِ اهم ماحولياتي مسئلو بڻجي سگهي ٿو.

شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي زراعت آبپاشي نهرن ۽ واٽر ڪورسن تي وڏي حد تائين دارومدار رکي ٿي. تاريخي طور هن علائقي ۾ سارين، ڪڻڪ ۽ ٻين موسمي فصلن جي پوک نمايان رهي آهي.

آبادي

[سنواريو]

آباديءَ ۾ واڌ

[سنواريو]
شهدادڪوٽ تعلقي جي آبادي
مردم شماري ڪُل آبادي تبديلي
1998ع 126,619 —
2017ع 202,745 Increase 60.1٪
2023ع 225,086 Increase 11.0٪

[9][2]

2023ع ۾ تعلقي جي ڪل 225,086 رهاڪن مان 120,687 شهري ۽ 104,399 ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ هئا. ان حساب سان لڳ ڀڳ 53.6٪ آبادي شهري ۽ 46.4٪ ٻهراڙيءَ جي هئي.[2]

2023ع ۾ آبادي جي شهري ۽ ٻهراڙي ورڇ
ڀاڱو آبادي سيڪڙو
شهري 120,687 53.62٪
ٻهراڙي 104,399 46.38٪
ڪُل 225,086 100٪

2023ع جي مردم شماري ۾ تعلقي ۾ 117,532 مرد، 107,539 عورتون ۽ 15 ٽرانسجينڊر ماڻهو درج ٿيا.[10]

ٻوليون

[سنواريو]

2023ع جي مردم شماري مطابق سنڌي ٻولي شهدادڪوٽ تعلقي جي وڏي اڪثريت جي مادري ٻولي هئي. تعلقي جي 225,086 ماڻهن مان 209,411 سنڌي کي پنهنجي مادري ٻولي طور ڄاڻايو. براهوي، بلوچي، اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ ننڍيون آباديون پڻ موجود هيون.[11]

شهدادڪوٽ تعلقي جون مکيه مادري ٻوليون، 2023ع
ٻولي ڳالهائيندڙ لڳ ڀڳ سيڪڙو
سنڌي 209,411 93.04٪
براهوي 10,824 4.81٪
بلوچي 1,939 0.86٪
اردو 1,448 0.64٪
پنجابي 703 0.31٪
سرائڪي 349 0.16٪
پشتو 337 0.15٪
ٻيون 75 0.03٪

[11]

خواندگي

[سنواريو]

2023ع ۾ ڏهن سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر واري آباديءَ جي مجموعي خواندگي جي شرح 47.06٪ هئي. مردن ۾ خواندگي 54.88٪ ۽ عورتن ۾ 38.65٪ هئي. شهري علائقن ۾ خواندگي 58.83٪، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ 32.58٪ هئي.[3]

خواندگي جي شرح، 2023ع
علائقو ڪُل مرد عورتون
سڄو تعلقو 47.06٪ 54.88٪ 38.65٪
شهري 58.83٪ 67.28٪ 49.76٪
ٻهراڙي 32.58٪ 39.67٪ 24.90٪

[3]

انتظام

[سنواريو]

تعلقي جو سول انتظامي سربراهه عام طور اسسٽنٽ ڪمشنر هوندو آهي، جيڪو ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جي انتظام هيٺ ڪم ڪندو آهي. روينيو انتظام ۾ تعلقو تپن ۽ ديهن ۾ ورهايل آهي، جڏهن ته مڪاني حڪومت جو شهري حصو شهدادڪوٽ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي دائري ۾ اچي ٿو.

بورڊ آف روينيو، سنڌ جو زميني رڪارڊ شهدادڪوٽ کي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي الڳ تعلقائي يونٽ طور درج ڪري ٿو.[12]

يونين ڪائونسلون

[سنواريو]

پراڻي ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ مڪاني انتظامي رڪارڊ مطابق شهدادڪوٽ جي ٻهراڙي واري حصي ۾ هي يونين ڪائونسلون شامل رهيون آهن:

  1. جمالي
  2. لغاري
  3. چاڪياڻي
  4. سيلرا
  5. اعتبار خان چانڊيو

تپا ۽ ديهون

[سنواريو]

شهدادڪوٽ جي روينيو انتظام ۾ ڪيترائي تپا ۽ ديهون شامل آهن. سنڌ بورڊ آف روينيو جي زميني رڪارڊ ۾ اهي ديهون جدا زميني يونٽن طور درج آهن.[13]

روايتي روينيو انتظامي رڪارڊ موجب اهم تپا هي آهن:

  1. تپو شهدادڪوٽ
  2. سيال
  3. لغاري
  4. پٺاڻ
  5. مرکنڊ
  6. سندو
  7. جوڻيجو
  8. قطريا

ديهون

[سنواريو]

هيٺ شهدادڪوٽ سان تاريخي ۽ روينيو طور لاڳاپيل ديهن جي فهرست ڏنل آهي:

شهدادڪوٽ تعلقي جون ديهون[13]
# ديهه # ديهه # ديهه
1ڀٽي 2ڀرڳڙي 3ڀٽا
4چانڊيا 5چوڍيا 6ڊکڻ
7ڌڱ 8گهنور 9گوپانگ
10گرگيج 11همير 12عيدن جروار
13جاڙي 14جتوئي 15جهرڙ
16جوڻيجا 17ڪلر 18ڪلهوڙا
19ڪڙيو احمد خان 20ڪڙيو صوبدار 21کوسا
22ڪور ڪاري 23ڪوٽ ڪارڙا 24ڪوٽ نبي بخش
25لغاري 26مگسي 27مرکنڊ
28ميڻا 29ميروخان 30نورپور
31پٺاڻ 32قطريا 33سندو
34سنجر ڀٽي 35سيلرا 36شهدادڪوٽ
37شاهو جمالي 38سيال 39سکر جروار

معيشت

[سنواريو]

شهدادڪوٽ تعلقي جي معيشت جو بنيادي دارومدار زراعت، چوپائي مال، اناج جي واپار ۽ زرعي پيداوار سان لاڳاپيل ننڍين صنعتن تي آهي. ضلعي بابت سنڌ حڪومت جي ٻوڏ بحالي منصوبي موجب مقامي روزگار ۾ زراعت ۽ مال پالڻ اهم حيثيت رکن ٿا، جڏهن ته روزاني اجرت وارو ڪم به وڏي آبادي لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو آهي.[14]

زرعي پيداوار ۾ چانور ۽ ڪڻڪ خاص اهميت رکن ٿا. شهدادڪوٽ شهر ڊگهي عرصي کان ڀرپاسي جي زرعي علائقي لاءِ اناج جي خريد ۽ وڪري، سارين جي ڇڙهائي ۽ زرعي سامان جي واپار جو مرڪز رهيو آهي.

شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل ملز

[سنواريو]

شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائل ملز علائقي جي جديد صنعتي تاريخ جو اهم منصوبو هو. وفاقي پلاننگ ڪميشن جي 1970ع واري ڏهاڪي جي دستاويزن ۾ شهدادڪوٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ٽيڪسٽائل مل قائم ڪرڻ جو منصوبو درج آهي، ۽ 1978–79ع واري سالياني منصوبي ۾ شهدادڪوٽ مل کي آزمائشي پيداوار شروع ڪندڙ سرڪاري ٽيڪسٽائل ملن مان هڪ ڄاڻايو ويو آهي.[15]

مل مقامي ۽ ڀرپاسي جي ضلعن لاءِ روزگار جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي. بعد ۾ مالي نقصان، ڪم ڪندڙ سرمائي جي کوٽ ۽ انتظامي مسئلن سبب پيداوار متاثر ٿي. 2002ع ۾ Dawn لکيو ته مل 1988ع ۾ بند ٿي ۽ 1994–95ع ۾ ان جو اسپننگ سيڪشن ڪجهه وقت لاءِ ٻيهر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.[16]

ٻوڏ ۽ قدرتي خطرا

[سنواريو]

شهدادڪوٽ تعلقو سنڌ جي انهن علائقن مان آهي، جيڪي بلوچستان ۽ اولهندي جابلو علائقن کان ايندڙ برساتي وهڪرن، نيڪال جي نالن ۽ غير معمولي مانسون برساتن کان متاثر ٿي سگهن ٿا.

2022ع جي سنڌ واري ٻوڏ؛ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جا ڪيترائي علائقا سخت متاثر ٿيا.

2022ع جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ دوران شهدادڪوٽ ۽ پاڙيسري قبو سعيد خان، ميروخان، وارهه ۽ قمبر جا وسيع علائقا پاڻيءَ هيٺ آيا. سيپٽمبر 2022ع ۾ شهدادڪوٽ مين ڊرين ۽ ميروخان مين ڊرين جي پاڻيءَ جي سطح اهم خطري جو سبب رهي؛ بعد ۾ انهن مان پاڻي RBOD-III ڏانهن نيڪال ٿيڻ سان سطح گهٽجڻ شروع ٿي.[17]

شهدادڪوٽ ڀرسان 2022ع ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ سارين جي نئين فصل لاءِ زمين.[18]

آمدرفت

[سنواريو]

شهدادڪوٽ اتر سنڌ جي اهم علائقائي روڊن سان ڳنڍيل آهي. رتوديرو–شهدادڪوٽ رستو اوڀر طرف رتوديرو ۽ لاڙڪاڻو سان رابطو فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته اولهندي رستا بلوچستان جي جهل مگسي ۽ خضدار واري پاسي ڏانهن وڃن ٿا.

شهر وٽ تاريخي ريلوي رابطو پڻ رهيو آهي، جيڪو نوآبادياتي دور ۾ اپر سنڌ جي ريلوي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل هو، پر جديد دور ۾ ريلوي خدمتون محدود يا غيرفعال رهيون آهن.

مڪاني ثقافت ۽ ورثو

[سنواريو]

شهدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سنڌي، براهوي ۽ بلوچي ثقافتي روايتن جو ميلاپ نظر اچي ٿو. علائقي جي سماجي زندگيءَ ۾ زرعي ميلن، درگاهن، مسجدن، صوفي روايتن ۽ سنڌي شاعريءَ جو نمايان اثر آهي.

شهدادڪوٽ جو ڪٽو موٽو چوڪ

وڪيميڊيا ڪامنز تي شهدادڪوٽ ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان لاڳاپيل ڪيترن مقامي ماڳن، ڳوٺن، زرعي منظرن ۽ 2022ع جي ٻوڏ جون آزاد لائسنس واريون تصويرون موجود آهن.[19]

چونڊ تڪ

[سنواريو]

شهدادڪوٽ وارو علائقو قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعائي تڪن جو حصو آهي. 2023ع واري حدبنديءَ کان پوءِ ضلعي جا قومي اسيمبلي تڪ اين اي-196 قمبر شهدادڪوٽ-1 ۽ اين اي-197 قمبر شهدادڪوٽ-2 آهن، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ جا تڪ پي ايس-14 قمبر شهدادڪوٽ-1 کان پي ايس-17 قمبر شهدادڪوٽ-4 تائين آهن.[20]

اين اي-197 قمبر شهدادڪوٽ-2 جو نقشو

سانچو:نوٽ

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Notification No. 414-A, Bombay Castle, 16 January 1884". Bombay Government Gazette: 36–37. 17 January 1884.
  2. 1 2 3 4 5 6 "TABLE 1: Area, Population by Sex, Sex Ratio, Population Density, Urban Population, Household Size and Annual Growth Rate, Census-2023, Sindh" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  3. 1 2 3 "TABLE 12: Literacy Rate, Enrolment and Out of School Population by Sex and Rural/Urban, Census-2023" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ "File:Water supply shahdadkot.jpg". وڪيميڊيا ڪامنز. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ Smyth, J. W. (1919). Gazetteer of the Province of Sind: Larkana District. Bombay: Government Central Press.
  6. ↑ A Review of the Administration of the Bombay Presidency, 1921–22 (Report). Government of Bombay. 1923.
  7. ↑ Review of the Administration of the Bombay Presidency, 1932–33 (Report). Government of Bombay. 1933.
  8. ↑ "District Qambar Shahdadkot". بورڊ آف روينيو، سنڌ. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  9. ↑ "Pakistan Tehsil-wise Population, Census 2017 and 1998" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  10. ↑ "TABLE 5: Population by Selected Age Group, Sex and Rural/Urban, Census-2023" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو.
  11. 1 2 "TABLE 11: Population by Mother Tongue, Sex and Rural/Urban, Census-2023" (PDF). پاڪستان شماريات بيورو. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  12. ↑ "Board of Revenue Sindh — Land Revenue Record". بورڊ آف روينيو، سنڌ. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  13. 1 2 "List of Reconstructed Dehs in Sindh" (PDF). بورڊ آف روينيو، سنڌ. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  14. ↑ Environmental and Social Management Plan: Rehabilitation of Qamber Shahdadkot Roads (PDF) (Report). Government of Sindh, Sindh Flood Emergency Rehabilitation Project. 2023.
  15. ↑ Annual Plan 1978–79 (PDF) (Report). Planning Commission, Government of Pakistan. 1978.
  16. ↑ "Rekindling hopes for the locals". Dawn. 14 January 2002.
  17. ↑ "Murad orders steps to normalise life in N. Feroze, Khairpur and Kot Diji". Dawn. 10 September 2022.
  18. ↑ "File:Shahdadkot in 2022.jpg". وڪيميڊيا ڪامنز.
  19. ↑ "Category:Qambar Shahdadkot District". وڪيميڊيا ڪامنز. 11 September 2026 تي حاصل ڪيل.
  20. ↑ Final Delimitation 2023 (Report). اليڪشن ڪميشن پاڪستان. 2023.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]