ڏيپلو تعلقو
ڏيپلو | |
---|---|
تعلقو | |
تعلقه ڏيپلو | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°28′N 69°34′E / 24.467°N 69.567°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ٿرپارڪر ضلعو |
يونين ڪاؤنسلون | 8 |
ڏيپلو تعلقو (اُچار: ڏِيپلو تالُڪو) (انگريزي: Taluka Deeplo )پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ڏيپلو شھر آھي۔ ڏيپو ميگھواڙ جو اڏيل شھر "ڏيپلو"۔
ڏيپو ميگھواڙ جنهن جي نالي ٿر جو علم ادب جو شاھڪار شھر ڏيپلو مشهور آهي اھو ڏيپي ميگھواڙ ارڙھين صديء جي شروعات ڌاري آباد ڪيو۔
ڏيپو ميگھواڙن جي 'واڻيا' نک جي ميگھواڙن مان ھو؛ جنهن جي نسل جا پوين جا وڏا ڳوٺ تعلقي جا ڳوٺ ڏيڙو، ڏاڀڙي، لسيو، اونھريو، واڇرا ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ آهن۔ ڏيپي ميگھواڙ جو گھر ھاڻوڪي شھر جي وچ ۾ مرحوم حاجي رمضان ميمڻ جي ڪوٺي جي ڀرپاسي ۾ ھو جو أتي پير پٿوري جو ٿان (مندر) اڄ به موجود آهي، جو ميگھواڙ ڄاتي جو پير ۽ اعتقاد جي نشاني آهي۔ ياد رهي ميگھواڙ جاتي شروع کان وٺي مورتي ۽ مندر جي پوڄا نه ڪندي ھئي صرف پير پٿوري جي بغير ديوار جي ڍنگھرن جي واڙ جو ٿان ٺاهي پوڄا ڪندا ھئا۔ڏيپي ميگھواڙ جون ڇھ ست ٻنيون ھونديون ھيون جن ۾ کنڀو جيڪو ھينئر مال جو وٿاڻ آهي ۽ ھاڻوڪي سول اسپتال جا سال 1971ع تائين واڙي مرحوم الڏنو بجير پوکيندو ھو۔ ونگڙيو بني ۽ ھاڻوڪي رينجرس چوڪي کان سواء ٻيون ڀر پاسي واريون ٻنيون ڏيپي ميگھواڙ جون ھيون جيڪي اولڊ روينيو رڪارڊ مان معلوم ٿي سگهن ٿيون۔ ڏيپو ٻني ٻاري سان گڏ کلون، چمڙو، ھڏا، کونئر، گوگر، ڏاس، أن ۽ نج گيھ سوديندو ھو ۽ أھي گيھ جا تاڪيا ۽ ٻيو سامان أٺن جي قطار جي صورت ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ موڪليندو ھو جتان جا واپاري بمبئي بندرگاھ رستي ڏيساور موڪليندا ھئا۔
ميمڻن ۽ لوھاڻن جي آمد
[سنواريو]ٺٺي ننگر جو شھر واپار جو مرڪز ھئڻ سبب سدائين ٻاھرين حملي آورن جي نشاني تي رھندو آيو ۽ اھي ٻاھريان حملي آور مغل، تاتاري ۽ پٺاڻن ٺٺي شھر کي لٽڻ کان سواء ٻاھيون ڏيئي رک ۾ تبديل ڪندا ويا پر ھمت وارن سنڌين وري وري ٺٺي جا ٺاٺ ۽ رونقون بحال ڪندا رھيا۔ آخري ڀيرو مددخان پٺاڻ جي حملي ٺٺي جي واپاري جاتي واڻيا ۽ ميمڻ ٺٺو ڇڏي ڪڇ پڄ، ڪاٺيا واڙ، رحمڪي بازار، فقير عثمان بلالاڻي جي ڳوٺ جو پنڱري جي ڀر ۾ ھو ونگو پتڻ (ياد رهي ته ونگي پتڻ جي ڀر ۾ ڪمھالي ۾ اڄ به ميمڻ آباد آهن جيڪي کيتي ٻاري جو ڪم ڪندا آهن) ويڙھيڄھپ الو ڪوٽڙيو ،چيلي چارڻ جو ڳوٺ چيلھار، سوجا ويري، سرو، روھل، ٻلھياري، صندوق کوروڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ اچي آباد ٿيا۔ پوء جڏهن ڏيپي ميگھواڙ جي واپاري ڪوٺي مشھور ٿي اھي ميمڻ ۽ لوھاڻآ آھستي آھستي واپار سانگي ڏيپلو وسايائون ۽ ڏيپي جو پويون خانـدان به آھستي آھستي ڏيپلو شھر ڇڏي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيندو ويو۔
جينئن ته ڏيپلو ھاڻوڪو شھر ڏيپي جي زمين ۽ پڊ تي آباد ٿيو ته پويان کيس مسواڙ جي صورت ۾ پائي پوء ٽڪو ۽ آخر ۾ ڏيڙي ڳوٺ جو ھڪ حقو پينئندڙ موالي ھر دڪان کان مٔٺ تماڪ ۽ ڳڙ ۽ ٻيو ٿورا گهڻو وکر واڻو ھر مھيني وٺندو ھو جو انھيء پوڙھي مرڻ کان پوء بند ٿي ويئي۔
تحقيق ۽ تحرير: ڪانجي مل چوھاڻ
حوالا: تماچي واڻيو عمر سو کان سوائي ڳوٺ اونھريو واڇري 1977ع
ڪتاب: ڏيپلائي ميمڻن جي تاريخ (عثمان اديب)
• منگل وڻھول عمر 108سال معلومات 1977ع ڳوٺ اونھريو وڻھول(سومڻھار)۔
• لڌو درڙو ڳوٺ ٻٽڙي عمر 112سال معلومات سن 1976ع
• ڀيمون مل تاراچند لوھاڻو ڏيپلو سن 1995ع۽ ٻيا وربلي۔
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]هيءُ تعلقو 8 يونين ڪاؤنسلن ۾ ورهايل آهي.