مواد ڏانھن هلو

دؤڙ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دوڙ تعلقو
تعلقو دوڙ
[سنڌ جا تعلقا
Taluka Daur
دوڙ تعلقو is located in سنڌ
دوڙ تعلقو
دوڙ تعلقو
سنڌ ۾ مقام
متناسقات: 26°27′N 68°19′E / 26.450°N 68.317°E / 26.450; 68.317
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو شھيد بينظيرآباد ضلعو
ڪل يونين ڪاؤنسلون 15
صدر مقام دوڙ شھر
آبادي
  ڪل 3,91,150

1 = تعلقو???دؤڙ تعلقو


دوڙ تعلقو(انگريزي: Daur Taluka ) جنهن کي دوڙ پڻ لکيو ويندو آهي، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جو صدر مقام دوڙ شهر آهي. روايت موجب دوڙ، ٻانڌي، بڇيري ٽئي عورتن جا نالا آهن. جيڪي هندو مذهب جون هيون. 1985ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ غلام شبير زرداري شهيد ٿي ويو هو. تعلقي دوڙ ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت جو تمام وڏو عالم ابوالحسن ڏاهري ٿي گذريو آهي. هن فارسي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ابوالحسن ڏاهري تي غلام محمد ڏاهري پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. تعلقو دوڙ زرعي ۽ واپاري لحاظ کان ضلع جو اهم تعلقو آهي. جيڪو ٻانڌي کان 10 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. ريلوي اسٽيشن جي هئڻ جي ناتي پڻ اهم شهر آهي. تاريخي حوالي سان بهم جو دڙو، ابوالحسن ڏاهري جو مقام، آمر جي ڍنڍ ۽ واسي ڀٽ آهن. ڄام صاحب جي ويجهو ديهه اڪرو ۾ 50 هزار ايڪڙن ايراضي تي ننڍيون وڏيون ڍنڍون جتي وڏي تعداد ۾ واڳون ۽ ٻيا شڪار موجود آهن. تعلقي جا وڏا شهر دوڙ، سٺ ميل، ٻانڌي، بڇيري، چڪ3، 68 موري، 72 موري، گپچاڻي ۽ ڄام صاحب آهن...

دوڙ ٻانڌي ۽ بُڇيري تي اهي نالا ڪيئن پيا ڄاڻڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

مشھور شخصيتون

[سنواريو]

صحافي حوالي سان امداد سومرو، شبير پنهور، محمد حسين مري، مشهور سگهڙ يعقوب فقير ڏاهري جو تعلق دوڙ تعلقي سان آهي. مشهور صوفي راڳي فقير عبدالواحد جمالي، خادم سيال جو واسطو دوڙ تعلقي سان آهي. سياسي حوالي سانن احمد علي خان جلباڻي ڪيترائي ڀيرا سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي وزير رهيو آهي. ايڊووڪيٽ رحيم بخش جمالي، 1988ع ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان صوبائي ميمبر رهي چڪو آهي. عبدالحق جمالي ضلع جو نائب ناظم ۽ هن وقت پ پ ضلع جو نائب صدر آهي. بلوچ آباد جو ڪامريڊ ڪرم علي جمالي به سياست ۾ متحرڪ ڪردار رهيو آهي. خرم يار بروهي تعلقي ناظم، باغ علي شاهه پ پ اڳواڻ سهراب مري سپاف جو مرڪزي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار آهي. مشهور فيصلن جو امين رئيس ايوب خان رند جو تعلق به هن تعلقي سان آهي، جان محمد بروهي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ سيد علي اصغر شاهه قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي، ايم آر ڊي تحريڪ جو جنريل ولي محمد شاهه ، دريا خان جلباڻي، علي اڪبر جمالي، ڊاڪٽر عمر ڏاهري، چوڌري ايوب، فقير نصرت علي وسطڙو، جان محمد بروهي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر جان محمد ڀرڳڙي، عبدالطيف عباسي تعلقي جون اهم شخصيتون آهن. علي حسن چانڊيو شاگرد اڳواڻ ۽ قومپرست سياست ۾ متحرڪ رهيو آهي. استاد حسين ڏاهري، مولوي جان محمد رحماني، مولوي عبدالرشيد ڪوري مشهور شخصيتون آهن.

ادبي حوالي سان ابوالحسن ڏاهري، امامي امام بخش زرداري، ساحل مري، حسرت شاهاڻي، رحماني خان محمد عباسي، رضا رسول بخش ڏاهري، عبدالخالق عبد، عبدالرحيم فقير ڏاهري، عنايت الله بروهي ۽ غوث محمد جيلاني آهن. مشهور ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر دولت جمالي، ڊاڪٽر امير عباسي، ڊاڪٽر عبدالرزاق راڄپر، ڊاڪٽر معشوق گورچاڻي، ڊاڪٽر محمد يوسف زرداري، ڊاڪٽر خادم ڀنگوار، ڊاڪٽر قربان کوسو، ڊاڪٽر اقبال بخشي آهن.

صحت ۽ تعليم

[سنواريو]

تعلقي اندر چار آر.ايڇ.سي 8 بنيادي صحت مرڪز، ڪيتريون ئي گورنمينٽ ڊسپينسريون قحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن. تعليمي لحاظ کان هڪ ڪاليج ڪيترائي هاءِ اسڪول، ڪيترئي پرائمري اسڪول، گرلس ۽ بوئز اسڪول تعليم ڏئي رهيا آهن. ڄام صاحب ويجهو ڪيڊٽ ڪاليج جي اسڪيم پڻ زير تعمير آهي.

معيشيت

[سنواريو]

تعلقو آبادي جي لحاظ کان سرسبز شاداب آهي. هتي ڪڻڪ ڪمند ساريون ۽ ٻيا فصل اپايا وڃن ٿا. وڻج واپار جي لحاظ کان پڻ اهم تعلقو آهي ڇاڪاڻ ته ريلوي جي سهولت هئڻ ناتي پڻ واپار جو اهم ذريعو آهي. هن تعلقي جا ڪيترائي ماڻهون روزگار جي حوالي سان دبئي ۾ رهن ٿا.

ذاتين

[سنواريو]

تعلقي ۾ بروهي، جمالي، رند، زرداري، جلباڻي،پتافي ڀرڳڙي، ماڇي، سيال، لنڊ، سيٺار، مگسي، گورچاڻي، عمراڻي، پنجابي اردو ڳالهائيندڙ ، ڇٽا، خاصخيلي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. مجموعي طور وڻج واپار، زراعت ۽ سياست جي لحاظ کان اهم تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.

يونين ڪائونسلون

[سنواريو]

دوڙ جي آبادي 391150 آهي. 15 يونين ڪائونسلون ، دوڙ، ابوالحسن ڏاهري، آمرجي، سيلو، سٺ ميل، جمال شاهه، جوڙو شر، ڄام صاحب، گپچاڻي، غلام حيدر شاهه، اسماعيل بروهي، ٻانڌي، بڇيري، اوباري ساوڙي، دؤڙ تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.

  1. آمرجي
  2. ٻانڌي
  3. سٺ ميل
  4. اوڀاري ساوڙي
  5. غلام حيدر شاهه
  6. گپجاڻي
  7. ڄام صاحب
  8. جهوڙو خان شر
  9. سهيلو
  10. جمال شاهه
  11. بڇيري
  12. ابوالحسن ڏاهري
  13. اسماعيل خان بروهي
  14. دؤڙ

ديھون

[سنواريو]

دوڙ تعلقي ۾ ڪل 169 ديھون واقع آهن.

تعلقي جون ديھون[1]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1داد 1 2داد 2 3داد 3 4داد 3 اي
5داد 4 6داد 4 اي 7داد 51 8داد 5
9داد 7 10داد 9 11داد 10 12داد 11
13داد 12 14نصرت 715نصرت 816نصرت 9
17نصرت 1018نصرت 1119نصرت 1220نصرت 12 اي
21نصرت 1322نصرت 11323نصرت 1424نصرت 15
25نصرت 1626نصرت 1727نصرت 1828نصرت 19
29نصرت 130نصرت 2031نصرت 2132نصرت 22
33نصرت 2334نصرت 11435نصرت 2436نصرت 25
37نصرت 2638نصرت 26 اي39نصرت 2740نصرت 28
41نصرت 2942نصرت 11543نصرت 244نصرت 30
45نصرت 3146نصرت 3247نصرت 3348نصرت 34
49نصرت 3550نصرت 3651نصرت 3752نصرت 38
53نصرت 3954نصرت 355نصرت 4056نصرت 41
57نصرت 4258نصرت 4359نصرت 4460نصرت 45
61نصرت 4662نصرت 4763نصرت 4864نصرت 49
65نصرت 466نصرت 5067نصرت 5168نصرت 52
69نصرت 5370نصرت 5471نصرت 5572نصرت 56
73نصرت 5774نصرت 5875نصرت 5976نصرت 5
77نصرت 6078نصرت 6179نصرت 6280نصرت 63
81نصرت 6482نصرت 6583نصرت 6684نصرت 67
85نصرت 6886نصرت 6987نصرت 688نصرت 70
89نصرت 7190نصرت 7291نصرت 72 اي92نصرت 73
93نصرت 7494نصرت 7595نصرت 7696نصرت 77
97نصرت 7898نصرت 7999نصرت 116100نصرت 80
101نصرت 81102نصرت 82103نصرت 83104نصرت 84
105نصرت 85106نصرت 92107نصرت 93108نصرت 94
109نصرت 95110نصرت 96111نصرت 97112نصرت 98
113نصرت 99114نصرت 100115نصرت 101116نصرت 105
117نصرت 105 اي118نصرت 106119نصرت 107120نصرت 108
121نصرت 109122نصرت 110123نصرت 111124نصرت 112
125نصرت 117126آڪڙو 127آڪڙو 2 128آڪڙو 3
129آڪڙو 4130آڪڙو 5131آڪڙو 5 اي132آڪڙو 6
133آڪڙو 7134آڪڙو 8135آڪڙو 9136آمرجي
137چڪ 2138چڪ 3139چڪ 4140چڪ 5
141چڪ 6142سھيلو143ساوري144ڇاڻ بابو
145داڳو146دؤڙ147ماکنڊ148گوجرو
149ڳوڻڳوٺار150ڳجھڙو151گپچاڻي152جھيمل
153جھپ154ڪلري155ماڙي ساڀر156اوڀاري اميرجي چڪ 2
157اوڀاري اميرجي چڪ 3158اوڀاري سواري 1159اوڀاري سواري 2160اوڀاري سواري 3
161اوڀاري سواري 4162پنجو چن163شاھ حسين164سھيلو چڪ 2
165سھيلو چڪ 3166سھيلو چڪ 4167سھيلو چڪ 5168سھيلو چڪ 6
169اوڀاري سواري 5

درگاهون

[سنواريو]

هن تعلقي ۾ هيٺيون مشهور درگاهون آهن.

  1. ابلحسن ڏاھري جو مقام ۽ درگاهه
  2. ڳاڙهو پير
  3. ڄام صاحب
  4. جمال شاهه

حوالا

[سنواريو]