دؤڙ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دوڙ تعلقو
تعلقو دوڙ
[سنڌ جا تعلقا
Taluka Daur
دوڙ تعلقو is located in سنڌ
دوڙ تعلقو
دوڙ تعلقو
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°27′N 68°19′E / 26.450°N 68.317°E / 26.450; 68.317مڪانيت: 26°27′N 68°19′E / 26.450°N 68.317°E / 26.450; 68.317
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو شھيد بينظيرآباد ضلعو
ڪل يونين ڪاؤنسلون 15
صدر مقام دوڙ شھر
آبادي
 • ڪل 3,91,150


دوڙ تعلقو(انگريزي: Daur Taluka ) جنهن کي دوڙ پڻ لکيو ويندو آهي، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جو صدر مقام دوڙ شهر آهي. روايت موجب دوڙ، ٻانڌي، بڇيري ٽئي عورتن جا نالا آهن. جيڪي هندو مذهب جون هيون. 1985ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ غلام شبير زرداري شهيد ٿي ويو هو. تعلقي دوڙ ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت جو تمام وڏو عالم ابوالحسن ڏاهري ٿي گذريو آهي. هن فارسي ٻولي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. ابوالحسن ڏاهري تي غلام محمد ڏاهري پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. تعلقو دوڙ زرعي ۽ واپاري لحاظ کان ضلع جو اهم تعلقو آهي. جيڪو ٻانڌي کان 10 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. ريلوي اسٽيشن جي هئڻ جي ناتي پڻ اهم شهر آهي. تاريخي حوالي سان بهم جو دڙو، ابوالحسن ڏاهري جو مقام، آمر جي ڍنڍ ۽ واسي ڀٽ آهن. ڄام صاحب جي ويجهو ديهه اڪرو ۾ 50 هزار ايڪڙن ايراضي تي ننڍيون وڏيون ڍنڍون جتي وڏي تعداد ۾ واڳون ۽ ٻيا شڪار موجود آهن. تعلقي جا وڏا شهر دوڙ، سٺ ميل، ٻانڌي، بڇيري، چڪ3، 68 موري، 72 موري، گپچاڻي ۽ ڄام صاحب آهن...

دوڙ ٻانڌي ۽ بُڇيري تي اهي نالا ڪيئن پيا ڄاڻڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو آرڪائيو ڪيا ويا 2016-01-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

مشھور شخصيتون[سنواريو]

صحافي حوالي سان امداد سومرو، شبير پنهور، محمد حسين مري، مشهور سگهڙ يعقوب فقير ڏاهري جو تعلق دوڙ تعلقي سان آهي. مشهور صوفي راڳي فقير عبدالواحد جمالي، خادم سيال جو واسطو دوڙ تعلقي سان آهي. سياسي حوالي سانن احمد علي خان جلباڻي ڪيترائي ڀيرا سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي وزير رهيو آهي. ايڊووڪيٽ رحيم بخش جمالي، 1988ع ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان صوبائي ميمبر رهي چڪو آهي. عبدالحق جمالي ضلع جو نائب ناظم ۽ هن وقت پ پ ضلع جو نائب صدر آهي. بلوچ آباد جو ڪامريڊ ڪرم علي جمالي به سياست ۾ متحرڪ ڪردار رهيو آهي. خرم يار بروهي تعلقي ناظم، باغ علي شاهه پ پ اڳواڻ سهراب مري سپاف جو مرڪزي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار آهي. مشهور فيصلن جو امين رئيس ايوب خان رند جو تعلق به هن تعلقي سان آهي، جان محمد بروهي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ سيد علي اصغر شاهه قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو آهي، ايم آر ڊي تحريڪ جو جنريل ولي محمد شاهه ، دريا خان جلباڻي، علي اڪبر جمالي، ڊاڪٽر عمر ڏاهري، چوڌري ايوب، فقير نصرت علي وسطڙو، جان محمد بروهي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر جان محمد ڀرڳڙي، عبدالطيف عباسي تعلقي جون اهم شخصيتون آهن. علي حسن چانڊيو شاگرد اڳواڻ ۽ قومپرست سياست ۾ متحرڪ رهيو آهي. استاد حسين ڏاهري، مولوي جان محمد رحماني، مولوي عبدالرشيد ڪوري مشهور شخصيتون آهن.

ادبي حوالي سان ابوالحسن ڏاهري، امامي امام بخش زرداري، ساحل مري، حسرت شاهاڻي، رحماني خان محمد عباسي، رضا رسول بخش ڏاهري، عبدالخالق عبد، عبدالرحيم فقير ڏاهري، عنايت الله بروهي ۽ غوث محمد جيلاني آهن. مشهور ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر دولت جمالي، ڊاڪٽر امير عباسي، ڊاڪٽر عبدالرزاق راڄپر، ڊاڪٽر معشوق گورچاڻي، ڊاڪٽر محمد يوسف زرداري، ڊاڪٽر خادم ڀنگوار، ڊاڪٽر قربان کوسو، ڊاڪٽر اقبال بخشي آهن.

صحت ۽ تعليم[سنواريو]

تعلقي اندر چار آر.ايڇ.سي 8 بنيادي صحت مرڪز، ڪيتريون ئي گورنمينٽ ڊسپينسريون قحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن. تعليمي لحاظ کان هڪ ڪاليج ڪيترائي هاءِ اسڪول، ڪيترئي پرائمري اسڪول، گرلس ۽ بوئز اسڪول تعليم ڏئي رهيا آهن. ڄام صاحب ويجهو ڪيڊٽ ڪاليج جي اسڪيم پڻ زير تعمير آهي.

معيشيت[سنواريو]

تعلقو آبادي جي لحاظ کان سرسبز شاداب آهي. هتي ڪڻڪ ڪمند ساريون ۽ ٻيا فصل اپايا وڃن ٿا. وڻج واپار جي لحاظ کان پڻ اهم تعلقو آهي ڇاڪاڻ ته ريلوي جي سهولت هئڻ ناتي پڻ واپار جو اهم ذريعو آهي. هن تعلقي جا ڪيترائي ماڻهون روزگار جي حوالي سان دبئي ۾ رهن ٿا.

ذاتين[سنواريو]

تعلقي ۾ بروهي، جمالي، رند، زرداري، جلباڻي،پتافي ڀرڳڙي، ماڇي، سيال، لنڊ، سيٺار، مگسي، گورچاڻي، عمراڻي، پنجابي اردو ڳالهائيندڙ ، ڇٽا، خاصخيلي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. مجموعي طور وڻج واپار، زراعت ۽ سياست جي لحاظ کان اهم تعلقي جي حيثيت رکي ٿو.

يونين ڪائونسلون[سنواريو]

دوڙ جي آبادي 391150 آهي. 15 يونين ڪائونسلون ، دوڙ، ابوالحسن ڏاهري، آمرجي، سيلو، سٺ ميل، جمال شاهه، جوڙو شر، ڄام صاحب، گپچاڻي، غلام حيدر شاهه، اسماعيل بروهي، ٻانڌي، بڇيري، اوباري ساوڙي، دؤڙ تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.

  1. آمرجي
  2. ٻانڌي
  3. سٺ ميل
  4. اوڀاري ساوڙي
  5. غلام حيدر شاهه
  6. گپجاڻي
  7. ڄام صاحب
  8. جهوڙو خان شر
  9. سهيلو
  10. جمال شاهه
  11. بڇيري
  12. ابوالحسن ڏاهري
  13. اسماعيل خان بروهي
  14. دؤڙ

ديھون[سنواريو]

دوڙ تعلقي ۾ ڪل 169 ديھون واقع آهن.

تعلقي جون ديھون[1]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 داد 1 2 داد 2 3 داد 3 4 داد 3 اي
5 داد 4 6 داد 4 اي 7 داد 51 8 داد 5
9 داد 7 10 داد 9 11 داد 10 12 داد 11
13 داد 12 14 نصرت 7 15 نصرت 8 16 نصرت 9
17 نصرت 10 18 نصرت 11 19 نصرت 12 20 نصرت 12 اي
21 نصرت 13 22 نصرت 113 23 نصرت 14 24 نصرت 15
25 نصرت 16 26 نصرت 17 27 نصرت 18 28 نصرت 19
29 نصرت 1 30 نصرت 20 31 نصرت 21 32 نصرت 22
33 نصرت 23 34 نصرت 114 35 نصرت 24 36 نصرت 25
37 نصرت 26 38 نصرت 26 اي 39 نصرت 27 40 نصرت 28
41 نصرت 29 42 نصرت 115 43 نصرت 2 44 نصرت 30
45 نصرت 31 46 نصرت 32 47 نصرت 33 48 نصرت 34
49 نصرت 35 50 نصرت 36 51 نصرت 37 52 نصرت 38
53 نصرت 39 54 نصرت 3 55 نصرت 40 56 نصرت 41
57 نصرت 42 58 نصرت 43 59 نصرت 44 60 نصرت 45
61 نصرت 46 62 نصرت 47 63 نصرت 48 64 نصرت 49
65 نصرت 4 66 نصرت 50 67 نصرت 51 68 نصرت 52
69 نصرت 53 70 نصرت 54 71 نصرت 55 72 نصرت 56
73 نصرت 57 74 نصرت 58 75 نصرت 59 76 نصرت 5
77 نصرت 60 78 نصرت 61 79 نصرت 62 80 نصرت 63
81 نصرت 64 82 نصرت 65 83 نصرت 66 84 نصرت 67
85 نصرت 68 86 نصرت 69 87 نصرت 6 88 نصرت 70
89 نصرت 71 90 نصرت 72 91 نصرت 72 اي 92 نصرت 73
93 نصرت 74 94 نصرت 75 95 نصرت 76 96 نصرت 77
97 نصرت 78 98 نصرت 79 99 نصرت 116 100 نصرت 80
101 نصرت 81 102 نصرت 82 103 نصرت 83 104 نصرت 84
105 نصرت 85 106 نصرت 92 107 نصرت 93 108 نصرت 94
109 نصرت 95 110 نصرت 96 111 نصرت 97 112 نصرت 98
113 نصرت 99 114 نصرت 100 115 نصرت 101 116 نصرت 105
117 نصرت 105 اي 118 نصرت 106 119 نصرت 107 120 نصرت 108
121 نصرت 109 122 نصرت 110 123 نصرت 111 124 نصرت 112
125 نصرت 117 126 آڪڙو 127 آڪڙو 2 128 آڪڙو 3
129 آڪڙو 4 130 آڪڙو 5 131 آڪڙو 5 اي 132 آڪڙو 6
133 آڪڙو 7 134 آڪڙو 8 135 آڪڙو 9 136 آمرجي
137 چڪ 2 138 چڪ 3 139 چڪ 4 140 چڪ 5
141 چڪ 6 142 سھيلو 143 ساوري 144 ڇاڻ بابو
145 داڳو 146 دؤڙ 147 ماکنڊ 148 گوجرو
149 ڳوڻڳوٺار 150 ڳجھڙو 151 گپچاڻي 152 جھيمل
153 جھپ 154 ڪلري 155 ماڙي ساڀر 156 اوڀاري اميرجي چڪ 2
157 اوڀاري اميرجي چڪ 3 158 اوڀاري سواري 1 159 اوڀاري سواري 2 160 اوڀاري سواري 3
161 اوڀاري سواري 4 162 پنجو چن 163 شاھ حسين 164 سھيلو چڪ 2
165 سھيلو چڪ 3 166 سھيلو چڪ 4 167 سھيلو چڪ 5 168 سھيلو چڪ 6
169 اوڀاري سواري 5

درگاهون[سنواريو]

هن تعلقي ۾ هيٺيون مشهور درگاهون آهن.

  1. ابلحسن ڏاھري جو مقام ۽ درگاهه
  2. ڳاڙهو پير
  3. ڄام صاحب
  4. جمال شاهه

حوالا[سنواريو]

  1. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]