مواد ڏانھن هلو

چمبڙ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Taluka Chambar
چمبڙ تعلقو
ٽنڊوالهيار ضلعي جو نقشو
ٽنڊوالهيار ضلعي جو نقشو
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊوالهيار ضلعو
يونين ڪاؤنسلون 7
Government
  Type ميونسيپل ڪاميٽي

چمبڙ تعلقو (انگريزي: Chambar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ٽنڊي الهيار ضلعي جو ھڪ تعلقو آهي۔ اِن جو صدرمقام چمبڙ شهر آهي۔ سال 2011ع جي تخميني مطابق ھن تعلقي جي آبادي 1,56,000 ھئي۔ سال 2017ع جي آدم شماري مطابق ھن تعلقي جي ڪل آبادي 2,09,208 ھئي جنھن مان 36,125 شھري علائقي ۾ ۽ 1,73,083 ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ ھئي۔[1] ھن تعلقي جي اتر ۾ ٽنڊو الهيار تعلقو، ڏکڻ ۾ بدين ضلعو ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعو، اولھ ۾ حيدرآباد ضلعو ۽ اوڀر ۾ ميرپور خاص ضلعو واقع آهن۔

انتظامي ورهاست

[سنواريو]

2008 وارن انگن اکرن مطابق تعلقي ۾ ھڪ سرڪل، 11 تپا ۽ 29 ديھون واقع آهن[2]. ديھن مان ھڪ چمبڙ شھر واري ديھ نيم شھري آھي باقي 28 ديھون ٻھراڙيءَ جون آھن[2].

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

چمبڙ تعلقي ۾ 7 يونين ڪا‏ؤنسلون ۽ 2 ٽائون ڪاميٽيز آھن آهن، جن مان 1 ٽائون ڪاميٽي چمبڙ شهر ۽ ٻي سنجر چانگ ۾ اچي ٿي.

چمبڙ تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪاؤنسل جو نالو آبادي (2011) آبادي (2017)
1راوت لغاري يونين ڪاؤنسل--
2مسو بوزدار يونين ڪاؤنسل-
3لانڍي 1 يونين ڪاؤنسل-
4لانڍي 2 يونين ڪاؤنسل-
5بيگن جروار يونين ڪاؤنسل-
6داد جروار يونين ڪاؤنسل-
7نصير خان لغاري يونين ڪاؤنسل-

ديھون

[سنواريو]

چمبڙ تعلقي ۾ ڪل 29 ديھون واقع آهن.

چمبڙ تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آراڙو2بائل3ٻوچاڙ4چاڇ
5چمبر6چنبيرا7ڍالو8ڳاڙھو صدر
9جاڙڪي10جاڙيون11جھول12ڪنڊياري
13ڪاپاھو14ڪڙيو گلشير15لانڍي16لڙھ
17لوتڪو18مڱريا19ميرڻ کوري20نگناھ
21نونداڻي22ساھيڪي23سجارچانگ24ساندڪي
25سيھاجرو26ستياري27تاراھدي28ٺلھ
29وانگي

آبادي

[سنواريو]

2004 جي ڪاٿن مطابق تعلقي ٽنڊي الهيار جي ڪل آبادي 1,83,790 ھئي جن مان 95,531 مرد ۽ 88,259 عورتون ھيون. آبادي جي گھاٽائي في ڪلوميٽر 270 ماڻھو ھئي[2].

آبپاشي

[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ لانڍي شاخ 1 ، لانڍي شاخ 2، بجار شاخ، چانگ شاخ، پير سخي شاخ 1، چچ شاخ، ميرانخوري شاخ، غريب ڊسٽري، چاڪر ڊسٽري ۽ زئونر شاخ وھڻ ٿيون. انھن سڀني ۾ پاڻي روھڙي ڪينال مان ملي ٿو جيڪو اولھ طرف مٽياري ضلعي مان گذري ٿو.


حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named پي بي ايس
  2. 1 2 3 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named رليف
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]