قاسم آباد تعلقو
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
قاسم آباد تعلقو | |
---|---|
Qasimabad Taluka | |
![]() قاسم آباد ۾ واقع بادشاھي مسجد لاھور جي طرز تي ٺھيل عيد گاھ جا مينار | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | حيدرآباد ضلعو |
حڪومت | |
• چيئرمين ، ميونسپلٽي | ڪاشف شورو (پ پ پ ) |
قاسم آباد تعلقو(انگريزي: Qasimabad Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي حيدرآباد جو ھڪ تعلقو جنھن جو صدر مقام قاسم آباد ٽائون آهي.[1] ھي تعلقو ممتاز علي ڀٽو جي نگران وزير اعلیٰ واري سنڌ جي نگران حڪومت دوران قائم ٿيو. اڳ ۾ ھي تعلقو لطيف آباد تعلقي جو حصو ھيو. ھن تعلقي ۾ حيدرآباد ضلعي جا وڏا اسڪول: بيڪن ھائوس، سينٽ بوناوينچر ، سٽي اسڪول ، بحريہ فائونڊيشن اسڪول موجود آهن. ان کان علاوه سنڌ ميوزيم، شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو لائبريري، عيد گاھ، راڻي باغ، سنڌ لينگويج اٿارٽي جي مرڪزي آفيس، ٽيڪنيڪل ڪاليج، راجپوتانہ اسپتال، سئي سدرن ريجنل آفيس، نياز اسٽيڊيم، حيدرآباد ڪلب، گورنمينٽ تعلقہ اسپتال وغيره واقع آهي.
انتظاميا[سنواريو]
قاسم آباد تعلقو انتظامي طور تي چئن يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي - قاسم آباد شهر اِن جو هيڊڪوارٽر (صدر مقام) آهي[1].
قاسم آباد جون يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
![]() | ھي سنڌ مڪانيت مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |