حيدرآباد شهر تعلقو
حيدرآباد شهر تعلقو | |
|---|---|
| تعلقہ حیدرآباد شہر | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | حيدرآباد |
| Government | |
| • ناظم | عبدالجبار |
| • نائب ناظم | غلام شبير چشتي |
حيدرآباد شهر تعلقو(انگريزي: Hyderabad City Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي حيدرآباد ضلعي جو ھڪ تعلقو آھي جنھن جو صدر مقام حيدرآباد شهر آهي. اھو ضلعي جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو تعلقو آهي. ھي تعلقو حيدرآباد شھر جو مکيہ بزنس مرڪز آھي. حيدرآباد شھر جو پراڻو حصو بہ ھن تعلقي ۾ آهي. شھر جي ھن حصي ۾ پڪو قلعو ، ڪچو قلعو، پاڪ فوج جي گيريزن وارو علائقو،صدر، ڦليلي، حالي روڊ، ٽنڊو ولي محمد، ھيرآباد، ٽنڊو ٺوڙهو، پنياري، بلديہ، گاڏي کاتو، پريٽ آباد، گل سينٽر، سرفراز ڪالوني، پوليس ھيڊ ڪوارٽر ، سول لائنز، ڊفينس، مارڪيٽ، ھالاناڪو، پٺاڻ ڪالوني وغيره ھن تعلقي ۾ واقع آھن، ھي تعلقو حيدرآباد شھر جو سڀ کان وڌيڪ ڳتيل آباديءَ وارو علائقو آهي. لڳ ڀڳ سمورا تاريخي ماڳ ھن تعلقي ۾ واقع آھن جن ۾ قدم گاھ، ميان سرفراز ڪلھوڙو جو مقبرو، ميرن وارا قبا ۽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جو مقبرو شامل آهن.
حيدرآباد سٽي جون يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]- يو سي حيدرآباد سٽي 1
- يو سي حيدرآباد سٽي 2
- يو سي حيدرآباد سٽي 3
- يو سي حيدرآباد سٽي 4
- يو سي حيدرآباد سٽي 5
- يو سي حيدرآباد سٽي 6
- يو سي حيدرآباد سٽي 7
- يو سي حيدرآباد سٽي 8
- يو سي حيدرآباد سٽي 9
- يو سي حيدرآباد سٽي 10
- يو سي حيدرآباد سٽي 11
- يو سي حيدرآباد سٽي 12
- يو سي حيدرآباد سٽي 13
- يو سي حيدرآباد سٽي 14
- يو سي حيدرآباد سٽي 15
- يو سي حيدرآباد سٽي 16
- يو سي حيدرآباد سٽي 17
- يو سي حيدرآباد سٽي 18
- يو سي حيدرآباد سٽي 19
- يو سي حيدرآباد سٽي 20
ديھون
[سنواريو]حيدرآباد شھر واري تعلقي م ڪل 4 ديھون آھن.
| # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | فوجگاھ | 2 | گھانگھرا | 3 | گجو | 4 | حيدرآباد |
حوالا
[سنواريو]- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- پاڪستان جا تعلقا
- سنڌ جا تعلقا
- ضلعو حيدرآباد، سنڌ