وارھ تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(وارهه تعلقو کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
وارھ
تعلقو
جهنڊو وارھ
جهنڊو
وارھ is located in Sindh
وارھ
وارھ
وارھ is located in Pakistan
وارھ
وارھ
مڪانيت: 27°27′30″N 67°48′40″E / 27.45833°N 67.81111°E / 27.45833; 67.81111مڪانيت: 27°27′30″N 67°48′40″E / 27.45833°N 67.81111°E / 27.45833; 67.81111
ملڪ  پاڪستان
صوبو Flag of Sindh.svg سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
تعلقي جو صدر مقام وارھ شھر
 • گھاٽائي 306/km2 (790/sq mi)
ٽائيم زون پي ايس ٽي (UTC+5)

وارھ تعلقو : وارہ تعلقو(انگريزي: Warah Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو ھڪ تعلقو جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر يا صدر مقام وارھ شھر آھي ھن جي نالي تي ھڪ ننڍو ڪئنال پڻ آهي جيڪو سکر بيراج کان ھن شھر طرف وھندڙ آھي ۽ ھن شھر کان اڳتي تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۾ ان واھ جي پڇڙ وھي ٿي. ھن تعلقي ۾ ٻيا به ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ آھن جن ۾ لالو رائنڪ، گاجي کھاوڙ ۽ وڳڻ شامل آھن .ھي تعلقو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو تڪ پڻ آھي جتان گذريل پنجاھ سالن کان پيپلزپارٽي جا اميدوار چونڊجندا رھيا آھن. ھن تعلقي جي معيشت زرعي آھي ۽ گھڻي ڀاڱي زرعي جنسن جو واپار ٿئي ٿو ۽ اتي سارين جا ڪارخانا پڻ آهن. ھي تعلقو پھريون لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو ھيو ۽ بعد قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي قيام وقت سھولت خاطر ان کي ان نئين ضلعي جو حصو بڻايو ويو ۽ ان کي بہ ٽوڙي ان جي ھڪ شھر نصيرآباد کي نئين ضلعي جو نئون تعلقو ٺاھيو ويو. سال 1901ع کان وٺي اڄ تائين وارهه، تعلقي جو صدر مقام آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان ”اتر ۾ 27- 27 ڊگهائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ 67- 51 ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي.“ [1] وارهه، تعلقو ٿيڻ کان وٺي نصيرآباد جي تعلقي ٿيڻ تائين ايراضي ۾ 417 چورس ميل تي پکڙيل ھو.[2]

تاريخ[سنواريو]

.سن 1843ع ۾ ٽالپرن جي صاحبيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ انگريزن جي عهد جي ابتدا ٿي. انتظامي لحاظ کان سنڌ کي ٽن حصن/ضلعن شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ورهايائون. لاڙڪاڻي وارو سمورو علائقو شڪارپور کي ڏنائون. شهدادڪوٽ تعلقي جو ڪجهه حصو جيڪب آباد ۾ شامل هو. ڏوڪريءَ جو نالو ’لب درياهه‘ هو ۽ نصيرآباد تعلقو هو، جنهن ۾ موجودهه وارهه تعلقو اچي ٿي ويو. انهن ڏينهن يعني 1885ع ڌاري تعلقي نصيرآباد جو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ هو. ان وقت هن ڪاڇي واري علائقي ۽ ڏاڙهياري جبل جا انتظامي دورا ڪيا، ان دوران هڪ ڪتاب ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ جي نالي سان لکيائين. ان سفر جو احوال نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيو اٿس. ڪتاب جي مطالعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته هيءُ ڪتاب نصيرآباد ۾ ويهي لکيو اٿس، جيڪو انهيءَ سال ئي ڇپائي پڌرو ڪيائين. 1901ع ۾ لاڙڪاڻو ضلعو وجود ۾ آيو. جڏهن انگريزن ٽالپرن کان سنڌ کسي پنهنجي قبضي ۾ آندي، تڏهن ان وقت هنن سنڌ اندر ڪافي انتظامي تبديليون ڪيون. جن شهرن کي تعلقي يا سب ڊويزن جو درجو مليل هو، تن مان ڪن شهرن کي ضلعي جو درجو ڏنائون، ته ڪن کان وري اهڙيون سهوليتون ڦُري نَون اسرندڙ شهرن کي تعلقي جي حيثيت سان نوازيائون. جڏهن 1901ع ۾ هنن لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو ڏنو، تڏهن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترائي تعلقا شامل ڪيائون. سال 1919ع جي سنڌ گزيٽيئر جي حوالي سان منظور ڪوهيار پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”لاڙڪاڻي پهرين آگسٽ 1901ع ۾ ضلعي جي حيثيت تڏهن ورتي، جڏهن ان کي ڪراچي ۽ شڪارپور ضلعن کان الڳ ڪيو ويو. سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا پهرين ڪراچي ضلعي مان کنيا ويا. ميهڙ، ڪڪڙ، وارهه، لاڙڪاڻو، لب درياهه (ڏوڪري) ۽ قنبر تعلقا پوئين ضلعي شڪارپور مان کنيا ويا. ٽي ڊويزنون ٺاهيون ويون. سيوهڻ ڊويزن ۾؛ سيوهڻ، جوهي، دادو تعلقا اچن ٿا. ميهڙ ڊويزن ۾؛ ميهڙ، ڪڪڙ ۽ وارهه تعلقا شامل آهن. ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن؛ لاڙڪاڻي، لب درياهه، قنبر ۽ رتيڍيري تعلقن تي مشتمل آهي.[3]

اهڙيءَ ريت انگريزن انتظامي جوڙجڪ ۾ ڀَڃ گهڙ ڪري نصيرآباد کان تعلقي جي حيثيت کسي وارهه کي تعلقو ڪيائون. انگريزن جي وچ واري دور سال 1885ع ۾ مرزا قليچ بيگ نصير آباد تعلقي جو مختيار ڪار هو. جڏهن وارهه کي تعلقو بنايو ويو ته وري کيس وارهه جي مختيار ڪار طور سندس تقرر ڪيو ويو ۽ نصيرآباد کي وارهه تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو.[4]دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي تصنيف ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ وارهه جي تاريخي قدامت ۽ بنياد تي لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر ڪلهوڙن جي دور ۾ آباد ٿيو... پر هيءُ شهر ڪنهن بادشاهه يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ ارادو ڪري ڪونه اڏايو هوندو، پر ڪن لاڏائو مالوند ماڻهن آباد ڪيو هوندو، جو پوءِ اڳتي هلي مشهور ٿيو.“[5] ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽين وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙهه (جيڪب آباد)، فتح ڳڙهه، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[6] “ نئون خداآباد گهڻو پوءِ ميان سرفراز خان سال 1772ع/ 1186هه ۾ ٻَڌايو. هن کان گهڻو اڳ ٻيا شهر اسري چڪا هئا، جيئن مٿين تحقيق مان پڌرو آهي. اهڙيءَ ريت ايم.ايڇ پنهور هنن شهرن جي اسرڻ ۽ قائم ٿيڻ جو تعين ڪري چڪو آهي، مطلب ته هنن ٻين شهرن جي اسرڻ يا قائم ٿيڻ سان پنهنجو سروڪار نه آهي، جو سندن گهرائيءَ ۾ وڃجي. منهنجو مقصد صرف ’وارهه‘ جي قائم ٿيڻ يا اُسرڻ بابت آهي. پنهور صاحب جي تحقيق مان پڌرو آهي ته ’وارهه‘ قديمي ۽ تاريخي شهر آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي مٿئين مقرر ڪيل دور ۾ اسريو ۽ هوريان هوريان وڌي وڻ ٿيو. 1701ع کان 1718ع تائين ميان يارمحمد ۽ ميان يارمحمد کانپوءِ ميان نورمحمد جو دور ليکيو وڃي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته وارهه ميان نورمحمد جي شروعاتي وقت ۾ قائم ٿيو هجي! باقي پنهور صاحب اِهو نه ٻڌايو آهي ته ’وارهه‘ جو شهر ڪهڙي ڪلهوڙي حاڪم جي وقت ۾، ۽ ڪهڙي سال ۾ قائم ٿيو. مٿي بيان ٿي آيو آهي ته هِتان سنڌو درياهه جو هڪ وهڪرو وَهندو هو، (جيئن نقشي مان ظاهر آهي)، جنهن جو پاڻي سڌو سنئون منڇر ڍنڍ ۾ وڃي ساهه پَٽيندو هو. هن وهڪري تي ڪيئي نوان شهرآباد ٿيا ۽ اسريا، جن مان ’وارهه‘ به هڪ آهي.[7]

آدمشماري[سنواريو]

1 مارچ 1998 جي آدمشماري مطابق هن تعلقي جي آبادي 169,448 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 جي آدمشماري جي نتيجي مطابق وڌي 229,971 ٿي وئي. ان مان 69230 شھري آبادي ۾ ۽ باقي 160,734 ٻھراڙيءَ ۾ رھي پئي جيڪا ڪل آبادي جو 69.9 سيڪڙو آھي. تعلقي وارھ جي ڪل پکيڙ 750 ھم چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان پکيڙ ۾ موجوده آبادي جي ڪثافت يا گھاٽائي 306 ماڻھو في ھم چورس ڪلوميٽر آھي. ھن علائقي ۾ آبادي جو واڌ جي شرح ۾ 2010 کان پوءِ گھڻو اضافو ٿيو آهي.[8]

حوالا[سنواريو]

  1. {ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ]2001ع[، لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال، صه 54 موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو.}
  2. {- شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر ]1995ع[ لاڙڪاڻو صدين کان؛ (مضمون، لاڙڪاڻو 1919ع جي گزيٽيئر جي حوالي سان،صہ 84 لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو سنڌ.}
  3. {- شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر ]1995ع[ لاڙڪاڻو صدين کان؛ (مضمون، لاڙڪاڻو 1919ع جي گزيٽيئر جي حوالي سان، لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو سنڌ.}
  4. {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  5. {ڪلهوڙه، دين محمد (2011ع)، قمبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾) صه 89، قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي.}
  6. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  7. {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  8. {cite web|url=https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=82407}