ميهڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو میھڙ | |
---|---|
تعلقو | |
Mehar | |
![]() سنڌ جي نقشي ۾ دادو ضلعو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل | |
مڪانيت: 27°10′44″N 67°49′10″E / 27.17889°N 67.81944°Eمڪانيت: 27°10′44″N 67°49′10″E / 27.17889°N 67.81944°E | |
ملڪ |
![]() |
صوبو |
![]() |
ضلعو | دادو |
Seat |
MPA fayaz ali butt MNA imran zafar lagari |
حڪومت | |
• چيئرمين، ميونسپل ايڊمنسٽريشن | رياض مھيسر |
ايراضي | |
• ڪُل | 14.3232 ڪلوميٽراسڪوائر (5.5302 اسڪوائر ميل) |
آبادي (2017) | |
• ڪُل | 6.7lakh |
ٽائيم زون | پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5) |
025 | ڊائلنگ ڪوڊ |
ميهڙ تعلقو(انگريزي: Mehar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادو جو هڪ تعلقو آهي. جنھن جو صدرمقام ميھڙ شھر اھي. ھي تعلقو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو تڪ پي ايس 77 آھي.
تاريخ[سنواريو]
ميھڙ کي تعلقي جي حيثيت برٽش انڊيا واري دور ۾ ملي. امپيريل گزيٽيئر ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ: ميھڙ لاڙڪاڻي ضلعي جو ھڪ تعلقو ھيو ان وقت سنڌ اڃان بمبئي جو حصو ھئي.ميھڙ جي جاگرافيائي بيهڪ 27`10`44.23"N 67`49`25.34"E جي وچ ۾ ھئي ۽ سامونڊي سطح کان 162 فٽ اوچائي تي واقع ھيو. 1901 ۾ ان جي آبادي 58,434, جڏهن ته 1891 ۾ 48,320 ھئي. 1901 ۾ ميھڙ تعلقي ۾ 64 ڳوٺ ھئا. ابادي جي گھاٽائي ھڪ چورس ميل ۾ 178 ڄڻا ھئي. 1903 ۽ 1904 واري مالياتي سال ۾ ھن تعلقي جا لينڊ روينيو ۽ محصولات 2.8 لک روپيا ھيو. ھن تعلقي کي پاڻي اولھ ناري مان ملندو ھيو ۽ ان جي فيڊرن مان ھڪ تي جوئر، ۽ چانورن جو فصل ٿيندو ھو. 1874 جي ٻوڏ کان اڳ ميھڙ زرخيز ھوندو ھيو پر ٻوڏ کان پوء پاڻي لوڻياٺو ٿي ويو ۽ باغ ناس ٿي ويا. اولھ طرف ٽڪرين ۾ پوک مينھن تي ٿيندي ھئي:[1]
ميھڙ تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]
- يو.سي.ميھڙ
- يو.سي.باليشاھ(ڳوٺ ڪوٺي کوکر
- يو.سي.ٻوٿرو
- يو.سي.باليدائي
- يو.سي.ٻيٽو
- يو.سي. فريد آباد
- يو.سي.گاھي مھيسر
- يو.سي.ڪولاچي
- يو.سي.خان جو ڳوٺ
- يو.سي.مندواڻي
- يو.سي.نئون ڳوٺ
- يو.سي.قاضي عارف
- يو.سي.راڌڻ
- يو.سي.شاھ پنجو
- يو.سي.ٿرڙي محبت
- يو.سي. سوڀو خان مگسي
- يو.سي. ٺوڙهو چانڊيو
- يو.سي. سنڌي ٻٽڙا
- يو.سي. ڳوٺ قائم شاھ
- يو.سي.ڳوٺ مولوي صديق