مواد ڏانھن هلو

ميهڙ تعلقو

ميھڙ تعلقو
میھڙ
تعلقو
Mehar
دادو ضلعي جي تعلقن واري نقشي ۾ ميھڙ تعلقو ڳاڙھي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
دادو ضلعي جي تعلقن واري نقشي ۾ ميھڙ تعلقو ڳاڙھي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
ميھڙ تعلقو is located in سنڌ
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو is located in Pakistan
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو
متناسقات: 27°10′44″N 67°49′10″E / 27.17889°N 67.81944°E / 27.17889; 67.81944
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو دادو
حڪومت
  چيئرمين، ميونسپل ايڊمنسٽريشن رياض مھيسر
  ايم اين اي عمران ظفر لغاري
  ايم پي اي فياض علي ٻٽ
پکيڙ
  ڪل 14.3232 ڪ.م2 (5.5302 ميل2)
آبادي (2017)
  ڪل 6.7lakh

گورمينٽميهڙ تعلقوPost officeميهڙ تعلقو


ميهڙ تعلقو(انگريزي: Mehar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادو جو هڪ تعلقو آهي. جنھن جو صدرمقام ميھڙ شھر اھي. ھي تعلقو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو تڪ پي ايس 77 آھي.

تاريخ

[سنواريو]

ميھڙ کي تعلقي جي حيثيت برٽش انڊيا واري دور ۾ ملي. امپيريل گزيٽيئر ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ: ميھڙ لاڙڪاڻي ضلعي جو ھڪ تعلقو ھيو ان وقت سنڌ اڃان بمبئي جو حصو ھئي.ميھڙ جي جاگرافيائي بيهڪ 27`10`44.23"N 67`49`25.34"E جي وچ ۾ ھئي ۽ سامونڊي سطح کان 162 فٽ اوچائي تي واقع ھيو. 1901 ۾ ان جي آبادي 58,434, جڏهن ته 1891 ۾ 48,320 ھئي. 1901 ۾ ميھڙ تعلقي ۾ 64 ڳوٺ ھئا. ابادي جي گھاٽائي ھڪ چورس ميل ۾ 178 ڄڻا ھئي. 1903 ۽ 1904 واري مالياتي سال ۾ ھن تعلقي جا لينڊ روينيو ۽ محصولات 2.8 لک روپيا ھيو. ھن تعلقي کي پاڻي اولھ ناري مان ملندو ھيو ۽ ان جي فيڊرن مان ھڪ تي جوئر، ۽ چانورن جو فصل ٿيندو ھو. 1874 جي ٻوڏ کان اڳ ميھڙ زرخيز ھوندو ھيو پر ٻوڏ کان پوء پاڻي لوڻياٺو ٿي ويو ۽ باغ ناس ٿي ويا. اولھ طرف ٽڪرين ۾ پوک مينھن تي ٿيندي ھئي:[1]

ميھڙ تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]
  1. يو.سي.ميھڙ
  2. يو.سي.باليشاھ(ڳوٺ ڪوٺي کوکر
  3. يو.سي.ٻوٿرو
  4. يو.سي.باليدائي
  5. يو.سي.ٻيٽو
  6. يو.سي. فريد آباد
  7. يو.سي.گاھي مھيسر
  8. يو.سي.ڪولاچي
  9. يو.سي.خان جو ڳوٺ
  10. يو.سي.مندواڻي
  11. يو.سي.نئون ڳوٺ
  12. يو.سي.قاضي عارف
  13. يو.سي.راڌڻ
  14. يو.سي.شاھ پنجو
  15. يو.سي.ٿرڙي محبت
  16. يو.سي. سوڀو خان مگسي
  17. يو.سي. ٺوڙهو چانڊيو
  18. يو.سي. سنڌي ٻٽڙا
  19. يو.سي. ڳوٺ قائم شاھ
  20. يو.سي.ڳوٺ مولوي صديق


ديھون

[سنواريو]

ميھڙ تعلقي ۾ ڪل 80 ديھون واقع آهن.

ميھڙ تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آباد 12آباد 113انبار4ٻاڇي جاگير
5ٻاچي ريئتي6باليدئي7ٻالڪو8بند گاھي
9ٻيلو ڀورٽي10ٻيلو سونا بنڊي11ٻيٽو12ڀنڊ مري
13ڀورٽي 1114ڀٽو15بشارت ڪچڙي16ٻوٿرو
17ٻٽ سرائي18چارو19ڇلو20ڊاڍ باراني
21ڍاڍر22دکاڻي23ڊرٻو24فريدآباد
25فريدآباد باراني26گاھي مھيسر27گنجا ٺوڙھا28گرڪڻ
29گھاڙي جاگير30گھاڙي ريئتي31گونگو32گل محمد واھ
33گنھيرو34ھمبار35ڪمال پور36ڪمانگر
37ڪانڌڙا38ڪڙيو قاسم شاھ39ڪسيرو40ڪاوانجھڙو
41ڪيرڙو42کونڊي43ڪنارو ڪڪول44ڪولاچي
45ڪوٺي کوکر46ڪوٺي سوڍري47ڪندن48لکياري
49لالو گھاڙي50لنگھڻو51ليتڻ52مگسي
53منگواڻي54منجن55موجھڙ باراني56مريد لاکير
57ناڙي58ناسوئي59ناٿ60نئون ڳوٽ
61نيراھ62پٽ ڪنڊي63پٽيجي64پيروز شاھ
65پپري66پئارچو67راڌڻ68رپ ناري
69ريئو ڪچو70روجھاڻ71روڻي72سڍار علي وال
73سعيدپور74سيري75شاھ پنجو76ٿرڙي محبت
77اميديرو78استيلو79واھ گاھي80وارياسو

حوالا

[سنواريو]