ٽنڊو غلام حيدر تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
تعلقو ٽنڊو غلام حيدر
تعلقو
Taluka Tando Ghulam Hyder
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي تعلقو پڻ واقع آهي
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي تعلقو پڻ واقع آهي
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو is located in سنڌ
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو is located in Pakistan
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
جاگرافي بيهڪ: Tando Ghulam Hyder 24°35′N 68°24′E / 24.58°N 68.40°E / 24.58; 68.40مڪانيت: Tando Ghulam Hyder 24°35′N 68°24′E / 24.58°N 68.40°E / 24.58; 68.40
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
آبادي
 • ڪل 1,49,302

ٽنڊو غلام حيدر تعلقو(انگريزي: Tando Ghulam Hyder Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ٽنڊو غلام حيدر شھر آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھي تعلقو ٽنڊو محمد خان ۾ واقع آهي. ان جي اتر ، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ بدين ضلعو واقع آهي، اتر اولھ ۾ ٽنڊو محمد خان تعلقو ۽ اولھ ۾ بلڙي شاھ ڪريم تعلقو واقع آهن.

آبادي[سنواريو]

هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ انداز مطابق 1 لک 49 ھزار کان مٿي ھئي. 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 1,84,653 ھئي جنھن مان 1,50,848 ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ۽ 33,805 شھري ھئي[1].

ديھون[سنواريو]

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ مطابق ٽنڊو غلام حيدر ۾ 55 ديھون آھن پر بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ مطابق انھن جو تعداد 54 آھي. ديھ کوچ سيلا* ، ديھ ڪوٽ آٽيو* ۽ ديھ پلونالي* بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ ۾ ظاھر ناھن. جڏھن تہ بورڊ روينيو جو رڪارڊ ھن تعلقي جي ھڪ ديھ پلاندي ظاھر ڪري ٿو جيڪا نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ ۾ ظاهر ناھي.

ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جون ديھون[2]
سرڪل تپو ديھون ايراضي
(ايڪڙ)
1. ٽنڊو غلام حيدر سرڪل 1.ٽنڊو غلام حيدر تپو 1.ٽنڊو ٽنڊو غلام حيدر 2235.30
2.جاڙڪي 6631.06
3.خاصو 3536.18
2. رنگيون تپو 1.رِنگيون 3005
2.ديبگيري 3217
3. جاھبگيري 2075
4.پاروڙي 2661.15
3.نظرپور تپو 1.نظرپور 5341
2.ٺوڙڪي 2760
3.دوديري 2066
4.لڪڙا 2141
4. فتح باغ تپو 1. فتح باغ 4855.21
2.انڙڪي 1507.20
3.جڳسياڻي 4382.36
5. ڊانڊو تپو 1.ڊانڊو 1656.11
2. ڀاڻڪي 1210.10
3.ويڍو چووڙو 1636
4.جيئياٿ 2606.17
5.پيروز پور 2359.34
6.کوچ سيلا * 1485.15
6. تالوئي تپو 1.لکي 1022.38
2.ھباڇ 1490
3.پلونالي* 1451.25
2. مويا سرڪل 1.جمعو جکرو تپو 1.جمعو جکرو 2861.05
2. چانڊيا 1986
3.جوڻ 1201.16
4.اجئيپور 1101.39
5. لاشاري 1778.25
2. احمداڻي تپو 1.احمداڻي 3228.22
2.نوحاڻي 2658
3.جيئو 2231.38
4.دائوڪي 1562.33
3.ماھي لغاري تپو 1. ماھي لغاري 2559
2.ڪڙو مھرو ديھ 3262.16
3. ارضي 3494.06
4.گلشن 165.39
5.ڇاڇري 2782
6.ٻاريجي 1876.18
7.مڇري 1819.28
4.مويا تپو 1.مويا 1898.04
2.ملوڪ پور 4756.29
3. چارو 1322.09
4.ڪور راحمون 1679.23
5.سيٺاري 1749
5. ڪاٺ ڀامڀيڻ تپو 1. ڪاٺ ڀامڀيڻ 3375.05
2.ٽالي 2101.37
3.ڪوٽ آٽيو * -1917.29
4. چڪ 1158.34
5.چئوٻنڊي 1612.34
6. سيري 1775.18
7.آڍاڻڪي 2068.33
7. ملاڻا تپو 1.ملاڻا 2073.36
2.سھيڙڪي 4475.03
3.سامرادي 1728.38
4.جوناٿي 3728

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ 4 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن.

ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون
نمبر يونين ڪاؤنسل جو نالو ڪل آبادي (شھري ۽ ٻھراڙيءَ)
1 ٽنڊو غلام حيدر 40,224
2 نظرپور 39,292
3 مويا 33,313
4 ڏندو 36,473
- - 1,49,302 (تعلقي جي ڪل آبادي)

حوالا[سنواريو]

  1. › sindhPDFWeb resultstando muhammad khan summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...
  2. [ http://web.ndma.gov.pk آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. › De...PDFDevelopment Profile District Tando Muhammad Khan]