مواد ڏانھن هلو

ٽنڊو غلام حيدر تعلقو

ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
تعلقو ٽنڊو غلام حيدر
تعلقو
Taluka Tando Ghulam Hyder
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي تعلقو پڻ واقع آهي
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي تعلقو پڻ واقع آهي
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو is located in سنڌ
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو is located in Pakistan
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
ٽنڊو غلام حيدر تعلقو
متناسقات: Tando Ghulam Hyder 24°35′N 68°24′E / 24.58°N 68.40°E / 24.58; 68.40
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
آبادي
  ڪل 1,49,302

ٽنڊو غلام حيدر تعلقو(انگريزي: Tando Ghulam Hyder Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ٽنڊو غلام حيدر شھر آھي.

جاگرافي

[سنواريو]

ھي تعلقو ٽنڊو محمد خان ۾ واقع آهي. ان جي اتر ، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ بدين ضلعو واقع آهي، اتر اولھ ۾ ٽنڊو محمد خان تعلقو ۽ اولھ ۾ بلڙي شاھ ڪريم تعلقو واقع آهن.

آبادي

[سنواريو]

هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ انداز مطابق 1 لک 49 ھزار کان مٿي ھئي. 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 1,84,653 ھئي جنھن مان 1,50,848 ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ۽ 33,805 شھري ھئي[1].

ديھون

[سنواريو]

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ مطابق ٽنڊو غلام حيدر ۾ 55 ديھون آھن پر بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ مطابق انھن جو تعداد 54 آھي. ديھ کوچ سيلا* ، ديھ ڪوٽ آٽيو* ۽ ديھ پلونالي* بورڊ آف روينيو جي رڪارڊ ۾ ظاھر ناھن. جڏھن تہ بورڊ روينيو جو رڪارڊ ھن تعلقي جي ھڪ ديھ پلاندي ظاھر ڪري ٿو جيڪا نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ ۾ ظاهر ناھي.

ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جون ديھون[2]
سرڪل تپو ديھون ايراضي
(ايڪڙ)
1. ٽنڊو غلام حيدر سرڪل1.ٽنڊو غلام حيدر تپو1.ٽنڊو ٽنڊو غلام حيدر 2235.30
2.جاڙڪي6631.06
3.خاصو3536.18
2. رنگيون تپو1.رِنگيون3005
2.ديبگيري 3217
3. جاھبگيري 2075
4.پاروڙي 2661.15
3.نظرپور تپو1.نظرپور5341
2.ٺوڙڪي 2760
3.دوديري2066
4.لڪڙا 2141
4. فتح باغ تپو1. فتح باغ4855.21
2.انڙڪي 1507.20
3.جڳسياڻي 4382.36
5. ڊانڊو تپو1.ڊانڊو1656.11
2. ڀاڻڪي 1210.10
3.ويڍو چووڙو 1636
4.جيئياٿ2606.17
5.پيروز پور2359.34
6.کوچ سيلا *1485.15
6. تالوئي تپو1.لکي1022.38
2.ھباڇ1490
3.پلونالي*1451.25
2. مويا سرڪل1.جمعو جکرو تپو1.جمعو جکرو 2861.05
2. چانڊيا1986
3.جوڻ1201.16
4.اجئيپور 1101.39
5. لاشاري1778.25
2. احمداڻي تپو1.احمداڻي3228.22
2.نوحاڻي2658
3. جيئو 2231.38
4.دائوڪي 1562.33
3.ماھي لغاري تپو1. ماھي لغاري 2559
2.ڪڙو مھرو ديھ3262.16
3. ارضي3494.06
4.گلشن 165.39
5.ڇاڇري 2782
6.ٻاريجي 1876.18
7.مڇري 1819.28
4.مويا تپو1.مويا1898.04
2. ملوڪ پور4756.29
3. چارو 1322.09
4.ڪور راحمون1679.23
5.سيٺاري 1749
5. ڪاٺ ڀامڀيڻ تپو1. ڪاٺ ڀامڀيڻ 3375.05
2.ٽالي2101.37
3.ڪوٽ آٽيو *-1917.29
4. چڪ1158.34
5.چئوٻنڊي 1612.34
6. سيري1775.18
7.آڍاڻڪي 2068.33
7. ملاڻا تپو1.ملاڻا2073.36
2. سھيڙڪي 4475.03
3. سامرادي 1728.38
4.جوناٿي 3728

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ 4 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن.

ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون
نمبر يونين ڪاؤنسل جو نالو ڪل آبادي (شھري ۽ ٻھراڙيءَ)
1ٽنڊو غلام حيدر40,224
2نظرپور39,292
3مويا33,313
4ڏندو36,473
--1,49,302 (تعلقي جي ڪل آبادي)

حوالا

[سنواريو]
  1. › sindhPDFWeb resultstando muhammad khan summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...
  2. [ http://web.ndma.gov.pk آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. › De...PDFDevelopment Profile District Tando Muhammad Khan]