شڪارپور تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شڪارپور تعلقو
تعلقو
شڪارپور
شڪارپور ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان شڪارپور تعلقو
شڪارپور ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو is located in Pakistan
شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو is located in سنڌ
شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°57′N 68°38′E / 27.950°N 68.633°E / 27.950; 68.633مڪانيت: 27°57′N 68°38′E / 27.950°N 68.633°E / 27.950; 68.633
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو شڪارپور ضلعو
آبادي ([1]2017)
 • ڪل 1,95,437


شڪارپور تعلقو(انگريزي: Shikarpur Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي شڪارپور جو هڪ تعلقو آهي. جنھن جو صدر مقام شڪارپور شھر آھي. ھن تعلقي جو سڀ کان وڏو شھر شڪارپور ۽ ٻئي نمبر تي سلطان ڪوٽ آھي. ھتان جا ٻيا ننڍڙا شھر ۽ وڏا ڳوٺ قاضي واھ، جاڳڻ، جھان واھ، خانواھ، ڪرن، ھمايون شريف، لوڊرا آھن.

تاريخ[سنواريو]

1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو ۽ سنڌ جو دارالخلافه 1847ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو[2]. شڪارپور ضلعي ۾ ان وقت چوڏھن تعلقا ھيا جن ۾ شڪارپور تعلقو پڻ شامل ھيو. شڪارپور تعلقي جي حيثيت 1843ع وٺي برقرار آھي.

آبادي[سنواريو]

ھن تعلقي جي آبادي 1981ع ۾ 88,131 ھئي جيڪا 1998 ۾ وڌي 1,34,838 ٿي وئي ۽ 2017 جي آدمشماري م اھا وڌي 1,95,437 ٿي وئي[1].

تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

  1. يو سي علي بھار
  2. يو سي جاڳڻ
  3. ہو سي جھان واھ
  4. يو سي خانواھ
  5. يو سي شڪارپور 1
  6. يو سي شڪارپور 2
  7. يو سي شڪارپور 3
  8. يو سي شڪارپور 4
  9. يو سي شڪارپور 5
  10. يو سي شڪارپور 6
  11. يو سي بيد
  12. يو سي جنو
  13. يو سي ڪرن
  14. يو سي لاليون
  15. ہو سي ھمايون
  16. يو سي لوڊرا
  17. يو سي شاھل
  18. يو سي سلطان ڪوٽ

ديھون[سنواريو]

شڪارپور تعلقي ۾ 49 ديھون واقع آهن.

شڪارپور تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 شڪارپور 2 ابدال 3 علي بھار 4 بيد
5 ٻاڙي 6 بيکاري 7 ٻيلو ماڇي 8 ٻيلو سلطان ڪوٽ
9 چڪ چانڊيو جاگير 10 چڪ جنو 11 چانڊيو سڌايو جاگير 12 ڊکڻ
13 دڙو سونو 14 دستي 15 دوست واھ 16 گھلو
17 ھمايون 18 جاڳڻ 19 جھان واھ 20 جنو
21 جوڻيجا 22 ڪاڪيپوٽا 23 ڪرن 24 خانواھ
25 کوھ ٻيڙو 26 لاليون نئين 27 لاليون پراڻي 28 لاڙ واھ
29 لوڊرا 30 ماڇي 31 مير ڏاھو جاگير 32 محمد رحيم
33 محبت فقير جاگير 34 منڍو واھ 35 مريد سيٺار 36 نمر ٿرڙي
37 نظام ٿرڙي 38 ڦلپوٽا 39 پير جليل 40 قاضي واھ
41 راھوجا 42 رئيس واھ 43 راڄواھ 44 رپ
45 شاھل 46 شھواڻي 47 سلطان ڪوٽ 48 ٿھيم واھ
49 وڪڙو جاگير

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=7496 -
  2. ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]