مواد ڏانھن هلو

شڪارپور تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شڪارپور تعلقو
تعلقو
شڪارپور
شڪارپور ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان شڪارپور تعلقو
شڪارپور ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو is located in Pakistan
شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو is located in سنڌ
شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو
سنڌ ۾ مقام
متناسقات: 27°57′N 68°38′E / 27.950°N 68.633°E / 27.950; 68.633
ملڪ پاڪستان Pakistan
صوبو سنڌ
ضلعو شڪارپور ضلعو
آبادي ([1]2017)
  ڪل 1,95,437


شڪارپور تعلقو(انگريزي: Shikarpur Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي شڪارپور جو هڪ تعلقو آهي. جنھن جو صدر مقام شڪارپور شھر آھي. ھن تعلقي جو سڀ کان وڏو شھر شڪارپور ۽ ٻئي نمبر تي سلطان ڪوٽ آھي. ھتان جا ٻيا ننڍڙا شھر ۽ وڏا ڳوٺ قاضي واھ، جاڳڻ، جھان واھ، خانواھ، ڪرن، ھمايون شريف، لوڊرا آھن.

تاريخ

[سنواريو]

1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو ۽ سنڌ جو دارالخلافه 1847ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو[2]. شڪارپور ضلعي ۾ ان وقت چوڏھن تعلقا ھيا جن ۾ شڪارپور تعلقو پڻ شامل ھيو. شڪارپور تعلقي جي حيثيت 1843ع وٺي برقرار آھي.

آبادي

[سنواريو]

ھن تعلقي جي آبادي 1981ع ۾ 88,131 ھئي جيڪا 1998 ۾ وڌي 1,34,838 ٿي وئي ۽ 2017 جي آدمشماري م اھا وڌي 1,95,437 ٿي وئي[1].

تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]
  1. يو سي علي بھار
  2. يو سي جاڳڻ
  3. ہو سي جھان واھ
  4. يو سي خانواھ
  5. يو سي شڪارپور 1
  6. يو سي شڪارپور 2
  7. يو سي شڪارپور 3
  8. يو سي شڪارپور 4
  9. يو سي شڪارپور 5
  10. يو سي شڪارپور 6
  11. يو سي بيد
  12. يو سي جنو
  13. يو سي ڪرن
  14. يو سي لاليون
  15. ہو سي ھمايون
  16. يو سي لوڊرا
  17. يو سي شاھل
  18. يو سي سلطان ڪوٽ

ديھون

[سنواريو]

شڪارپور تعلقي ۾ 49 ديھون واقع آهن.

شڪارپور تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1شڪارپور2ابدال3علي بھار4بيد
5ٻاڙي6بيکاري7ٻيلو ماڇي8ٻيلو سلطان ڪوٽ
9چڪ چانڊيو جاگير10چڪ جنو11چانڊيو سڌايو جاگير12ڊکڻ
13دڙو سونو14دستي15دوست واھ16گھلو
17ھمايون18جاڳڻ19جھان واھ20جنو
21جوڻيجا22ڪاڪيپوٽا23ڪرن24خانواھ
25کوھ ٻيڙو26لاليون نئين27لاليون پراڻي28لاڙ واھ
29لوڊرا30ماڇي31مير ڏاھو جاگير32محمد رحيم
33محبت فقير جاگير34منڍو واھ35مريد سيٺار36نمر ٿرڙي
37نظام ٿرڙي38ڦلپوٽا39پير جليل40قاضي واھ
41راھوجا42رئيس واھ43راڄواھ44رپ
45شاھل46شھواڻي47سلطان ڪوٽ48ٿھيم واھ
49وڪڙو جاگير

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=7496 -
  2. ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  3. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]