جيڪب آباد تعلقو
جيڪب آباد تعلقو | |
|---|---|
| تعلقه جيڪب آباد | |
جيڪب آباد ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان جيڪب آباد تعلقو | |
| Coordinates: 28°16′N 68°26′E / 28.267°N 68.433°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | جيڪب آباد ضلعو |
| ڪل يونين ڪاؤنسلون | 19 |
| آبادي | |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
جيڪب آباد تعلقو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي جيڪب آباد جو هڪ تعلقو آهي، جنھن جو صدر مقام جيڪب آباد شهر آهي.
تاريخ
[سنواريو]
مارچ 1905ع جي ڊپٽي ڪمشنر جي سيٽلمينٽ رپورٽ
[سنواريو]تاريخ 28 مارچ 1905ع تي اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ جي ڊپٽي ڪمشنر سي. ايم. بيڪر ڪمشنر ڏانھن سيٽلمينٽ رپورٽ موڪلي جنهن ۾ ھن ڄاڻايو ته: جيڪب آباد تعلقي جي اتر ۽ اولهه ۾ بلوچستان جي نصيرآباد تحصيل ڏکڻ ۾ شھدادپور تعلقو (موجوده شھدادڪوٽ)، لاڙڪاڻي ضلعي جو رتوديرو تعلقو ۽ سکر ضلعي جو نوشھرو ابڙو تعلقو ۽ شڪارپور تعلقو سان، جڏهنتہ اوڀر ۾ ٺل تعلقي سان لڳي پيو[1]. تعلقي جي ايراضي 462 چورس ميل هئي ۽ اهو 99 ديهن ۾ ورهايل جو.[1] تعلقي جي آبادي 64,972 هئي. تعلقي ۾ ڪا به اهم صنعت يا واپار موجود نه هو، تنهن ڪري آبادي جو وڏو حصو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ زراعت سان لاڳاپيل هو. سنڌي مسلمان، يعني ڄاموٽ، آبادي جي اڪثريت هئا، پر ميران پور ۽ ڳڙھي خيرو جي وچ وارو حصو لڳ ڀڳ مڪمل طور بلوچ علائقو هو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته آبادڪاري جي نقطه نظر کان هن ڳالهه سان گهڻو فرق نه پيو، ڇاڪاڻتہ هتان جا بلوچ زميندار ۽ آبادگار ٻين جيترا ئي سٺا هئا. جيتوڻيڪ اهي خالص بلوچ نسل ۽ پراڻين ريتن رسمن وارا هئا، پر زراعت ۾ ضلعي جي ٻين حصن وارن بلوچن کان گهڻو بهتر هئا.[1] ضلعي ۾ صرف هڪ شهر، جيڪب آباد، هو، جنهن جي آبادي 10,787 هئي. اتي ان وقت صرف هڪ فوجي رجيمينٽ موجود هئي، پر ڇانوڻي جي گهٽتائي شهر جي خوشحالي کي ايترو گهٽائي نه سگهي، جيترو اناج جي وڌندڙ واپار ان کي وڌايو. جيڪڏهن آخري رجيمينٽ به هٽائي وڃي، تڏهن به جيڪب آباد ترقي ڪندو رهندو. اهو اناج ۽ گهوڙن جو بازار هو، پر ان کان سواءِ ٻي ڪا اهم تجارت موجود نه هئي.[1] تعلقي جي مٽي ڪمزور هئي. ريتيلا پٽ وڏا هئا ۽ ڪلر به گهڻو هو. تعلقو درياهه کان پري هو، ۽ سنڌ جي زمين حقيقت ۾ تمام زرخيز نه هئي، سواءِ انهن هنڌن جي جتي درياهي لٽ زمين کي زرخيز بڻايو هو. گذريل سيٽلمينٽ کان پوءِ ڪلر ۾ وڏي واڌ آئي هئي ۽ لڳ ڀڳ هر ٻنيءَ ۾ ان جا داغ موجود هئا.[1] تعلقي ۾ پاڻي جي فراهمي سٺي هئي. لڳ ڀڳ ٽن ديهن کان سواءِ سڄو تعلقو بيگاري واھ ذريعي آباد ٿيندو هو. زمين هيٺاهين هئي ۽ گذريل ڪجهه سالن دوران بيگاري کي مٿاهين سطح تي محفوظ نموني وهڻ ڏنو ويو هو. البت گذريل هڪ سال يا ان کان ٿورو وڌيڪ عرصي ۾ ڳڙھي خيرو ڀرسان آخري ديهن ۾ مٿئين حصي ۾ چانورن جي پوک جي وڏي واڌ جا اثر محسوس ٿيڻ لڳا هئا. نور واھ شاخ جي آخر واريون ڪجهه ديهون پڻ پاڻي جي کوٽ جو شڪار هيون، ۽ ريگستاني ڪينال جي آخر واري ٻه ديهن وارا خريف جي موسم ۾ هميشه پورو پاڻي نه وٺندا هئا، پر ان وقت انهن وٽ سياري جي موسم لاءِ پاڻي جي فراهمي موجود هئي.[1] بيگاري جي پاڻي جي فراهمي بابت چيو ويو ته جيڪب آباد تعلقي جي حد تائين سراسري کان بهتر هئي. مناسب ٻوڏ وارن سالن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ نه هوندي هئي، سواءِ ڪجهه آخري ديهن جي. ان جي ڀيٽ ۾ شھدادپور تعلقي (موجوده شھدادڪوٽ) ۾ پاڻي جي فراهمي تمام خراب هئي.[1] جيڪب آباد تعلقي جي لڳ ڀڳ سڄي زمين وڏن زميندارن يا گهٽ ۾ گهٽ مضبوط زميندارن وٽ هئي. ڪجهه جاگيرون تمام وڏيون هيون، مثال طور الاھي بخش خان جي جاگير، جنهن ۾ هڪ پورو تپو ۽ ٻن ٻين تپن جا حصا شامل هئا. پنھنجي پوک ڪندڙ ننڍو هاري مالڪ عملي طور موجود نه هو.[1] ريلوي جيڪب آباد کي ڪوئٽا ۽ ڪراچي سان سڌو رابطو مهيا ڪندي هئي، پر تعلقي ۾ ڪا ٻي مال گاڏي واري اسٽيشن نه هئي، ۽ ريلوي تعلقي جي رڳو تمام تنگ حصي مان گذرندي هئي. ڳڙھي خيرو ريلوي اسٽيشن کان 35 ميل پري هو. رستا گهڻا هئا ۽ سنڌ جي معيار مطابق انهن مان اڪثر سٺا هئا. بيگاري ڀرسان پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڪيترائي رستا زميني پاڻي جي پھچڻ سان ٻڏي ويندا هئا، پر انهن کي آهستي آهستي بندن سان محفوظ ڪيو پئي ويو.[1] جيڪب آباد تعلقي جي هڪ ڪنڊ ۾ هئڻ سبب تمام ٿورا ديهه بازار جي ويجهو هئا. ڏاکڻيون ۽ اولهنديون زمينون شڪارپور ۽ رتوديرو کي جيڪب آباد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجهو هيون، پر انهن مان اڪثر ڳوٺ 20 يا 30 ميل پري هئا. عام طور چانورن ۽ ٻاجهري لاءِ شڪارپور پسنديده بازار هئي، ڇاڪاڻتہ اتي واپار وڌيڪ تيز هو، جڏهنتہ ڪڻڪ لاءِ جيڪب آباد بهترين بازار هو. ٿوري پيداوار ڪڏهن ڪڏهن شھدادپور (شھدادڪوٽ جو پراڻو نالو) وسيلي لاڙڪاڻي ڏانهن ويندي هئي، پر فاصلو وڏو هو. رپورٽ موجب تعلقي جون ٻه حقيقي بازارون جيڪب آباد ۽ شڪارپور هيون.[1] اناج بيل گاڏين يا اُٺن وسيلي کڻي ويندا هئا ۽ ٻنهي صورتن ۾ خرچ لڳ ڀڳ ساڳيو هو. ڀاڙا ڪجهه حد تائين بدلجندا هئا ۽ هميشه صحيح طرح فاصلي تي دارومدار نه رکندا هئا، پر اهي عام طور في ميل في خرار 3 آنا جي لڳ ڀڳ هوندا هئا. اهو روپاهي خرار هو، جنهن ۾ 20 مڻ چانور، 25 مڻ جوئر يا 26 مڻ چڻا شامل هوندا هئا، پر وزن جيڪو به هجي، هڪ خرار عام طور ٻن گاڏين ۾ ويندو هو. ان حساب سان في خرار في 5 ميل لڳ ڀڳ هڪ رپيو بازار جي اگهه مان ڪٽبو هو. پري ديهن ۾ گهٽ درجي جي چانورن جي صورت ۾ اهو اگهه کي لڳ ڀڳ چوٿين حصي جيترو گهٽائي ڇڏيندو هو، پر ٻاجھري جي صورت ۾ اٺين حصي کان وڌيڪ نه.[1] چانور هاڻي تعلقي جو مکيه فصل هو. ان جو وڏو حصو مشهور سڳداسي قسم جو هو. معيار ۾ اهو لاڙڪاڻي ضلعي جي سڳداسي کان گهٽ هو، پر پيداوار ۾ اهو برابر، بلڪه بهتر هو. خريف جي وهڪري وارا مکيه فصل جوئر، ٻاجھري ۽ تر هئا. انهن مان ڪو به فصل تمام سٺو نه ٿيندو هو. ٻاجھري وڌي رهي هئي، ڇاڪاڻتہ جوئر ۽ تر کي تازو ڪينئن ۽ ٻين جيتن کان سخت نقصان پهتو هو، جڏهنتہ ٻاجھري کي رڳو ماڪڙ جو نقصان ٿيندو هو.[1] ربيع جو مکيه فصل چڻو هو. اهو وڌي رهيو هو، ڇاڪاڻتہ اهو زمين کي ڪمزور نه ڪندو هو، پر ان کي ڪينئن کان سخت نقصان پهچڻ جو خطرو هوندو هو. ڪڻڪ تمام گهٽ پوکي ويندي هئي. ڄانڀو ۽ سرنھن، عام هئا. دوباري پوک ۾ چڻو ۽ مٽر مکيه فصل هئا. دوباري ڪڻڪ ناياب هئي، پر وڌي رهي هئي[1]. عام سازگار حالتن ۾ هن تعلقي جو سڳداسي چانور في ايڪڙ 1 خرار کان 2 خرار، يعني 1,600 کان 3,200 پائونڊ، تائين پيداوار ڏئي سگهي ٿو. هزارين ايڪڙ اهڙا چانور موجود هئا جيڪي نمبر 9 جيترا ڀلا هئا، جنهن جي پيداوار 1 خرار 28 ڪاسا هئي. جن ٻين خراب ٻنين، نمبر 5 ۽ 7، تي تجربا ڪيا ويا، اهي ڄاڻي واڻي پنهنجي خراب حالت سبب چونڊيون ويون ۽ پهرين ٻن گروهن جي ديهن ۾ استثنائي حيثيت رکنديون هيون.[1]
جون 1906ع ۾ ڪمشنر سنڌ جي رپورٽ
[سنواريو]ويهين صديءَ جي شروعات تائين تعلقو جيڪب آباد، اپر سنڌ فرنٽيئر ضلعي جو هڪ اهم زرعي ۽ انتظامي تعلقو هو. ايڇ ڊي سيٽلمينٽ رپورٽ، جيڪب آباد تعلقه (1906ع) ۽ ان بابت ڪمشنر اِن سنڌ اَي ڊي ينگھسبنڊ جي 21 جون 1906ع واري سيڪريٽري، روينيو ڊپارٽمينٽ، بمبئي کي پيش ڪيل رپورٽ مطابق برطانوي حڪومت هن تعلقي ۾ زمين، آبپاشي، روينيو ۽ زرعي نظام جي نئين سر جائزي ۽ بندوبست تي خاص ڌيان ڏنو. رپورٽ ۾ سي.ايم. بيڪر، ڊپٽي ڪمشنر، اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ، ۽ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر, انڊس رائيٽ بئنڪ ڊويث جي سفارشن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويو.[2] تعلقي جي ڪل ايراضي 462 چورس ميل هئي، جيڪو 99 ديهن ۾ ورهايل هو. برطانوي انتظاميه جي نظر ۾ تعلقي جي معيشت جو بنياد مڪمل طور زراعت تي هو، ڇاڪاڻتہ صنعت ۽ واپار تقريباً موجود نه هئا. جيڪب آباد شهر اناج ۽ گهوڙن جي واپار جو اڀرندڙ مرڪز بڻجي رهيو هو، جيتوڻيڪ فوجي ڇانوڻي جي اهميت آهستي آهستي گهٽجي رهي هئي.[3] آبادڪاري دوران آبپاشي جي بنياد تي زمينن کي مختلف گروهن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني وئي، پر ڪمشنر اَي ڊي ينگھسبنڊ ڊپٽي ڪمشنر اي ڊي بيڪر جي تجويز ڪيل گروپ I-A ۽ گروپ I-B جي الڳ حيثيت سان اتفاق نه ڪيو. هن سفارش ڪئي ته ٻنهي گروهن کي ضم ڪري هڪ ئي گروپ I قائم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻتہ انهن جي وچ ۾ بنيادي فرق صرف چانورن جي شرح جو هو. ڪمشنر خاص طور شاھپور، بچلپور، مولاداد ۽ خيرواھ جو ذڪر ڪندي لکيو ته انهن ديهن ۾ چانورن جي پوک ايتري محدود هئي، جو کين الڳ گروهه ۾ رکڻ مناسب نه هو. بچلپور ۽ مولاداد ۾ چانورن هيٺ زمين ترتيبوار صرف 85 ۽ 53 ايڪڙ هئي.[4] رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته تعلقو جيڪب آباد ۾ آبپاشي جي مختلف طريقن، جهڙوڪ ربيع bosi، خريف فلو، سيلابي، ربيع لفٽ ۽ ربيع فلو، جي بنياد تي روينيو شرحون مقرر ڪيون وينديون هيون. ڪمشنر ربيع بوسي کي تعلقي جي اهم آبپاشي واري درجو قرار ڏيندي ٻڌايو ته ان هيٺ ايندڙ رقبو آبادڪاري جي عرصي دوران نمايان وڌيو. پهرين چئن سالن ۾ ان جو سراسري رقبو 18,374 ايڪڙ هو، جيڪو آخري چئن سالن ۾ 22,788 ايڪڙ ٿي ويو، جڏهنتہ 1903–1904ع ۾ اهو وڌي 31,168 ايڪڙ تائين پهتو. انهيءَ واڌ کي نظر ۾ رکندي ربيع بوسي جي شرحن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهنتہ سيلابي جي شرحن ۾ گهٽتائي واري تجويز رد ڪئي وئي.[5] ڪمشنر پنهنجي يادداشت ۾ آبپاشي جي انتظام بابت پڻ سفارش ڪئي ته لفٽ جي مدد واري فلو واريون زمينون الڳ سڃاڻپ سان درج ڪيون وڃن ۽ انهن جون حدون مقامي عملدارن سان صلاح مشوري بعد مقرر ڪيون وڃن. هن اهو به تجويز ڪيو ته لفٽ آبپاشي جي شرح ۾ چار آنا گهٽتائي ڪئي وڃي، ڇاڪاڻتہ ان طريقي سان ٿيندڙ پوک ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي هئي، ۽ معمولي رعايت سان ان کي ٻيهر هٿي ملي سگهي ٿي، جڏهنتہ سرڪاري آمدنيءَ ۾ نقصان تمام محدود رهندو.[6] ڪمشنر مسٽر. بيٽس جي اعتراضن جو جواب ڏيندي واضح ڪيو ته Mr. Baker جي رپورٽ ۾ ذڪر ٿيل ٻيلن ۽ چراگاهن مان مراد ھڙيون، ٻٻر جا باغ ۽ مال جي گاهه جا محفوظ علائقا هئا، جن بابت اڳ ۾ ئي ڪمشنر جي اسپيشل سرڪيولر نمبر. 3 ۾ هدايتون جاري ٿيل هيون. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته خاص روينيو شرح صرف انهن زمينن تي لاڳو ٿيندي جيڪي مڪمل طور ٻٻر جي باغن يا گاهه جي محفوظ علائقن لاءِ مخصوص هجن، جڏهنتہ اتفاقي ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ گاهه تي اها شرح لاڳو نه ٿيندي. جيڪڏهن پاڻي جو زيان ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هجي ته سنڌ غير آباد زمين رولز (Sindh Fallow Rules) ۽ اسپيشل سرڪيولر نمبر. 42 موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.[7]
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]جيڪب آباد تعلقي ۾ 19 يونين ڪاؤنسلون آهن، جن مان 8 جيڪب آباد شهر ۾ اچن ٿيون.
- يو سي جيڪب آباد 1 (سومرا محلا)
- يو سي جيڪب آباد 2 (لاشاري محلا)
- يو سي جيڪب آباد 3 (شاهه غازي محلا)
- يو سي جيڪب آباد 4 (فيملي لائن)
- يو سي جيڪب آباد 5 (ڦول باغ محلا)
- يو سي جيڪب آباد 6 (موچي بستي)
- يو سي جيڪب آباد 7 (جعفرآباد محلا)
- يو سي جيڪب آباد 8 (دستگير ڪالوني)
- دستي (يو سي)
- احمدپور
- ڳڙهي چنڊ
- رِند واهي
- قادرپور
- رمضان پور
- ناوڙا
- بقاپور
- جاني ديرو
- مولاداد (يو سي)
- ٻاجهاڻي
ديھون
[سنواريو]| # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | آباد | 2 | عبدالله ڊکڻ | 3 | احمدپور | 4 | عاقل پور |
| 5 | علي پور | 6 | عطائي | 7 | بچل پور | 8 | بادل واھ |
| 9 | ٻاجھاڻي | 10 | بقاپور | 11 | ٻيلو علي پور | 12 | ٻيلو ڊڪشون |
| 13 | ڀليڏنو | 14 | برج سيليمي | 15 | ڇڄڙا | 16 | ڇاواڻي |
| 17 | ڏڍ | 18 | دادپور | 19 | دستي | 20 | ڏيٿا |
| 21 | دلاور پور | 22 | فتح پور | 23 | ڳڙھي مھراب | 24 | ڳڙھي چند |
| 25 | غوثپور | 26 | ھمڀي | 27 | جيڪب آباد | 28 | جاني ديرو |
| 29 | خيرواھ | 30 | کالول آباد | 31 | ڪوريجا | 32 | لال لوڊرو |
| 33 | مالھو آباد | 34 | ميھر شاھ | 35 | مھراب پور | 36 | ملڪيت سرڪار |
| 37 | مولا آباد | 38 | مندراڻي پور | 39 | نوارا | 40 | نوازو |
| 41 | اورنگ آباد | 42 | ڦاتڻ واھ | 43 | پير پڌرو | 44 | مولڻ رتو |
| 45 | قادرپور | 46 | قيصر آباد | 47 | رحيم آباد | 48 | رمضان پور |
| 49 | ريٽي | 50 | رندواھ | 51 | شھدادپور | 52 | شاھپور |
| 53 | شيراد آباد | 54 | سوماڻپور | 55 | ٿرڙي ڀليڏنو | 56 | عمراڻيپور |
| 57 | وڪڙو | 58 | وريام آباد |
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 Revenue Department (1906). Settlement Report of Jacobabad Taluka. Sind: Revenue Department, Government of Sind. 29 June 2026 تي حاصل ڪيل – Internet Archive وسيلي.
- ↑ H.D. Settlement Report, Jacobabad Taluka. Bombay: Government Central Press. 1906.
- ↑ H.D. Settlement Report, Jacobabad Taluka. Bombay: Government Central Press. 1905.
- ↑ H.D. Settlement Report, Jacobabad Taluka. Bombay: Government Central Press. 1906.
- ↑ H.D. Settlement Report, Jacobabad Taluka. Bombay: Government Central Press. 1906.
- ↑ H.D. Settlement Report, Jacobabad Taluka. Bombay: Government Central Press. 1906.
- ↑ H.D. Settlement Report, Jacobabad Taluka. Bombay: Government Central Press. 1906.
- ↑ resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2023
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- جيڪب آباد تعلقو
- سنڌ جا تعلقا
- جيڪب آباد ضلعو
- جيڪب آباد ضلعي جا تعلقا