مواد ڏانھن هلو

محراب پور تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مھرابپور تعلقو
Mehrabpur Taluka
مھرابپور تعلقو is located in سنڌ
مھرابپور تعلقو
مھرابپور تعلقو
مھرابپور تعلقو is located in Pakistan
مھرابپور تعلقو
مھرابپور تعلقو
جاگرافي بيهڪ: 27°05′58″N 68°25′15″E / 27.099444°N 68.420833°E / 27.099444; 68.420833
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
Government
  باني مھراب جتوئي
  ضلعو نوشھروفيروز ضلعو
Area
  Total
484 ڪ.م2 (187 ميل2)


مھراب پور تعلقو(انگريزي: Mehrabpur Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي نوشهرو فيروز جو هڪ تعلقو آهي.جنھن جو صدر مقام محراب پور شھر آھي. ھن تعلقي ۾ ٻہ ٽائون ڪاميٽيون واقع آهي: محراب پور ٽائون ڪاميٽي ۽ ھالاڻي ٽائون ڪاميٽي. ان کان سواءِ بھلاڻي، قاسم شاھ ڳوٺ، مختيار آباد، ضمير آباد، چنيه، ڪوٽڙي ڪبير، سيال آباد، جيئندو راڄپر، موليڏنو حاجي ۽ لاکا روڊ پڻ ھن تعلقي ۾ واقع آھن. نيشنل ھاء وي 5 ۽ روھڙي ڪئنال پڻ ھن تعلقي مان گذرن ٿا. سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، 22 اپريل 2005ع تي، هتي اچي هن شهر کي تعلقي هيڊ ڪواٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن سنڌ حڪومت پاران 21 جون 2005ع تي جاري ڪيو ويو. جنهن بعد هن شهر جي ڪارو بار ۾ اضافو آيو ۽ وڃايل رونق بحال ٿي[1].

ديھون

[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ ڪل ديھون واقع آهن.

مھراب پور تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1بگوديرو2ٻھلڻي3ڀورگي4ڇڀڙ ٻاڀڻ
5ڊينگارو6ديھات7ديواڻ8ڊوڍا
9گوڌو ھندو10ھالاڻي11ھوت خان جلباڻي12جيئندو راڄپر
13ککڙي14کارڪ15خدابخش جلباڻي16ڪوٽڙي ڪبير
17لانگڙجي18مڏ ابياڻي19ميھر حاجي20مھرابپور
21موليڏنو حاجي22نٿو راڄپر23نئون آباد24پير وائتو
25پنجابڻ26قيصر مري27راڄو ڏاھري28سعيدپور
29صالح سھتو30سانگي31ستارڏنو مڱريو32سيد شجاع
33توتاہ34وگھيامل

تاريخ

[سنواريو]

سنه 1189ھ ۾ جڏهن ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ تي مير فتح خان سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو، تڏهن مهراب جتوئي هن کي وزير ڪري ڏنو ويو هو. خداآباد تڏهن سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. هو جتوين جو سردار هو ۽ زور وارو ماڻهو هو. مهراب پور ڪنڊياري تعلقي واري انهيءَ جي ٻڌايل آهي. پوءِ جڏهن مير بجار آيو، تڏهن مهراب جتوئي تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان تاجي ليکي ۽ ٻين سان گڏ ميان غلام نبيءَ جي طرفان ميرن سان وڙهيو ۽ لانياريءَ واري جنگ ۾ شڪست کاڌائين. پوءِ ڦري مير جي پاسي ٿيو، جيئن ڪن ٻين سردارن به ڪيو. پر وري جڏهن ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي وڙهڻ آيو، تڏهن مهراب ۽ ٻيا وڃي ساڻس شامل ٿيا ۽ چالڪ جي پل واريءَ جنگ ۾ وڙهيا ۽ مير عبدالله خان انهن کي شڪست ڏني ۽ مهراب انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. سندس مرڻ کان پوءِ سندس پٽ تاجو فقير ۽ انهيءَ جو مائٽ ڌگاڻو جتوئي هالاڻيءَ واري جنگ کان پوءِ جڏهن مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پشيمان ٿي اچي ساڻس شامل ٿيا. [3]


آبادي

[سنواريو]

ھن تعلقي جي آبادي 1998ع ۾ 1,55,345 ھئي جيڪا 2017ع م وڌي 2,47,280 ٿي وئي[4]. تعلقي ۾ آبادي جي گھاٽائي 510.7 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي[4]. 2017 جي ڪاٿي مطابق تعلقي جي شھري آبادي 76,813 ھئي جيڪا محراب پور شھر ۽ ھالاڻي شھر ۾ رهندڙ ھئي ۽ ڪل آبادي جو %31.1 ھئي. ٻھراڙيءَ واري آبادي جو تعداد 1,70,467 ھيو جيڪا ڪل آبادي جو %68.9 ھئي[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري؛ ليکڪ: مولائي ملاح ڇاپو: پهريون سال: ©2017ع ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ-[مئل ڳنڍڻو] -
  2. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
  3. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  4. 1 2 3 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=27481-