مواد ڏانھن هلو

سيوهڻ شريف تعلقو

سيوھڻ تعلقو
تعلقو سيوھڻ
تعلقو
Taluka Sewhan
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
لال شھباز قلندر جي مزار
لال شھباز قلندر جي مزار
سيوھڻ تعلقو is located in سنڌ
سيوھڻ تعلقو
سيوھڻ تعلقو
سيوھڻ تعلقو is located in Pakistan
سيوھڻ تعلقو
سيوھڻ تعلقو
لال شھباز قلندر جي مزار
متناسقات: Sewhan Taluka 26°25′N 67°52′E / 26.42°N 67.86°E / 26.42; 67.86
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ڄامشورو
حڪومت
  صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد مراد علي شاہ

سيوهڻ تعلقو (انگريزي: Sewhan Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جو هڪ تعلقو آهي ، جنھن جو صدرمقام سيوھڻ شھر آھي.

تاريخ

[سنواريو]

سيوهڻ شريف تعلقو برطانوي راڄ ۾ اول ضلعي ڪراچي ۾ شامل هو. پوءِ 1931ع ۾ دادو ۾ شامل ڪيو ويو. 2004ع ۾ ضلعي ڄامشورو ۾ شامل ڪيو ويو. سيوهڻ شريف تعلقي ۾ ڪافي قديم آثار آهن. ڪائي ماٿري ۾ غارون، بُلو جي بُٺي ۽ زردشت مذهب جا دخمه به آهن ته نئيگ شريف ۾ لکمير جي ماڙي، قمبرعلي شاھ جو مقبرو ۽ ٻُڌمت جو ٺُلهه به آهي. منڇر ڪناري ٽِهڻي جو ماڳ به هن تعلقي ۾ آهي. اين جي مجمدار پنهنجي ڪتاب “ايڪسپلوريشن ان سنڌ” ۾ لکمير جي ماڙي ۽ ٽهڻي کي قديم ترين ماڳ قرار ڏنو آهي. سيوهڻ شريف تعلقي ۾ هر قسم جو فصل پوکيو وڃي ٿو.[1][2]

سيوهڻ ۽ شو ديوتا

[سنواريو]

اڳي سيوهڻ شو ديوتا جو مها مندر هو ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءّ شو جو لنگم اتان هٽايو ويو ، اهو سيوهڻ تي سيوهڻ نالو شِوا جي نالي سان پيل آهي ، ”شو“ + ”واهڻ“ معنا شو مهان ديوتا جو ڳوٺ، آستانو يا آشرم ۔ ڌمال ۽ نغارا جيڪي وڄايا وڃن ٿا، اهي شو جي دهلڙي جو تسلسل آھن، اڄ به جتي به مندرن ۾ توهان ويندوءّ شو جي تصوير سان جيڪي ٻيا نانگ بلائون لٽڪيل هونديون اتي انهن سان گڏ دهلڙي جو نشان به ضرور هوندو.[3]

يونين ڪا‏ؤنسلون

[سنواريو]
سيوھڻ تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪائونسلون آبادي (1998) آبادي (2017)
1يو.سي. سيوھڻ I
2يو.سي. سيوھڻ II
3يو.سي. چنا
4يو.سي. دل
5يو.سي. بوبڪ
6يو. سي. ٽلٽي
7يو.سي.ڀان
8يو.سي. جھانگارا

ديھون

[سنواريو]

سيوھڻ تعلقي ۾ ڪل 71 ديھون واقع آهن.

تعلقي جون ديھون[4]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آباد2آڪري جاگير3آڪري ريئتي4اڪتر
5ارضي6عربي7بڊو جبل8باغ يوسف
9بئد10باجرا11بارڪي12ڀمڀا
13ڀاڻ14ڀوتڙا15ڀونڍڙي16بلاولپور
17ٻلھڻ18ٻلھڻي19بوبڪ20بختيارپور
21چنا22ڇاڇ23ڇورلو24دل
25دلھ26ڍنڍ ڪرمپور27دريديرو جاگير28دريديرو ريئتي
29فاضلاڻي30ڳاھر31گمراڇ32جعفرآباد
33جھيجا34جتوئي35جھنڊياڻي36جھانگارا
37ڪڇي38ڪائي39ڪالو بروھي40ڪنڊي جبل
41ڪرمپور42ڪارياڻي43کابروٺ جاگير44کابروٺ ريئتي
45خيروديرو46ڪوٽ ٻاروچو47لاشاري48ماھيجي
49مليرڙي50منھن مکري51سيوھڻ52نائنگ
53نارپراڙي54نگھوال55پيرحسن56راڌوڪ
57روھڙي58شاھ گورچ59شيخ60سعيدآباد
61سلطانپور62سوپڙ63تلاباد جبل64ٽلٽي
65ٽنڊو شھبازي66ٽيھڻي67ٺيڙھي جاگير68ٺيڙهي ريئتي
69واھر70وانڇا71يعقوباڻي

حوالا

[سنواريو]
  1. اين جي مجمدار، ايڪسپلوريشنس ان سنڌ، انڊس پبليڪيش ڪراچي، 1930ع
  2. عزيز ڪنگراڻي، سنڌ ٽُوئرزم: اين آڪيالاجيڪل جرني، ثقافت کاتو سنڌ، 12012ع
  3. سيوهڻ ۽ شو ديوتا | Indus Asia Online Blog, اصل کان 22 سيپٽمبر 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 مئي 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]