سيوهڻ شريف تعلقو
سيوھڻ تعلقو
تعلقو سيوھڻ | |
|---|---|
| Taluka Sewhan | |
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل | |
لال شھباز قلندر جي مزار | |
| جاگرافي بيهڪ: Sewhan Taluka 26°25′N 67°52′E / 26.42°N 67.86°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ضلعو | ڄامشورو |
| Government | |
| • صوبائي اسيمبلي جو ميمبر | سيد مراد علي شاہ |
سيوهڻ تعلقو (انگريزي: Sewhan Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جو هڪ تعلقو آهي ، جنھن جو صدرمقام سيوھڻ شھر آھي.
تاريخ
[سنواريو]سيوهڻ شريف تعلقو برطانوي راڄ ۾ اول ضلعي ڪراچي ۾ شامل هو. پوءِ 1931ع ۾ دادو ۾ شامل ڪيو ويو. 2004ع ۾ ضلعي ڄامشورو ۾ شامل ڪيو ويو. سيوهڻ شريف تعلقي ۾ ڪافي قديم آثار آهن. ڪائي ماٿري ۾ غارون، بُلو جي بُٺي ۽ زردشت مذهب جا دخمه به آهن ته نئيگ شريف ۾ لکمير جي ماڙي، قمبرعلي شاھ جو مقبرو ۽ ٻُڌمت جو ٺُلهه به آهي. منڇر ڪناري ٽِهڻي جو ماڳ به هن تعلقي ۾ آهي. اين جي مجمدار پنهنجي ڪتاب “ايڪسپلوريشن ان سنڌ” ۾ لکمير جي ماڙي ۽ ٽهڻي کي قديم ترين ماڳ قرار ڏنو آهي. سيوهڻ شريف تعلقي ۾ هر قسم جو فصل پوکيو وڃي ٿو.[1][2]
سيوهڻ ۽ شو ديوتا
[سنواريو]اڳي سيوهڻ شو ديوتا جو مها مندر هو ، پاڪستان ٺھڻ کان پوءّ شو جو لنگم اتان هٽايو ويو ، اهو سيوهڻ تي سيوهڻ نالو شِوا جي نالي سان پيل آهي ، ”شو“ + ”واهڻ“ معنا شو مهان ديوتا جو ڳوٺ، آستانو يا آشرم ۔ ڌمال ۽ نغارا جيڪي وڄايا وڃن ٿا، اهي شو جي دهلڙي جو تسلسل آھن، اڄ به جتي به مندرن ۾ توهان ويندوءّ شو جي تصوير سان جيڪي ٻيا نانگ بلائون لٽڪيل هونديون اتي انهن سان گڏ دهلڙي جو نشان به ضرور هوندو.[3]
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]| نمبر | يونين ڪائونسلون | آبادي (1998) | آبادي (2017) |
|---|---|---|---|
| 1 | يو.سي. سيوھڻ I | ||
| 2 | يو.سي. سيوھڻ II | ||
| 3 | يو.سي. چنا | ||
| 4 | يو.سي. دل | ||
| 5 | يو.سي. بوبڪ | ||
| 6 | يو. سي. ٽلٽي | ||
| 7 | يو.سي.ڀان | ||
| 8 | يو.سي. جھانگارا |
ديھون
[سنواريو]سيوھڻ تعلقي ۾ ڪل 71 ديھون واقع آهن.
| # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | آباد | 2 | آڪري جاگير | 3 | آڪري ريئتي | 4 | اڪتر |
| 5 | ارضي | 6 | عربي | 7 | بڊو جبل | 8 | باغ يوسف |
| 9 | بئد | 10 | باجرا | 11 | بارڪي | 12 | ڀمڀا |
| 13 | ڀاڻ | 14 | ڀوتڙا | 15 | ڀونڍڙي | 16 | بلاولپور |
| 17 | ٻلھڻ | 18 | ٻلھڻي | 19 | بوبڪ | 20 | بختيارپور |
| 21 | چنا | 22 | ڇاڇ | 23 | ڇورلو | 24 | دل |
| 25 | دلھ | 26 | ڍنڍ ڪرمپور | 27 | دريديرو جاگير | 28 | دريديرو ريئتي |
| 29 | فاضلاڻي | 30 | ڳاھر | 31 | گمراڇ | 32 | جعفرآباد |
| 33 | جھيجا | 34 | جتوئي | 35 | جھنڊياڻي | 36 | جھانگارا |
| 37 | ڪڇي | 38 | ڪائي | 39 | ڪالو بروھي | 40 | ڪنڊي جبل |
| 41 | ڪرمپور | 42 | ڪارياڻي | 43 | کابروٺ جاگير | 44 | کابروٺ ريئتي |
| 45 | خيروديرو | 46 | ڪوٽ ٻاروچو | 47 | لاشاري | 48 | ماھيجي |
| 49 | مليرڙي | 50 | منھن مکري | 51 | سيوھڻ | 52 | نائنگ |
| 53 | نارپراڙي | 54 | نگھوال | 55 | پيرحسن | 56 | راڌوڪ |
| 57 | روھڙي | 58 | شاھ گورچ | 59 | شيخ | 60 | سعيدآباد |
| 61 | سلطانپور | 62 | سوپڙ | 63 | تلاباد جبل | 64 | ٽلٽي |
| 65 | ٽنڊو شھبازي | 66 | ٽيھڻي | 67 | ٺيڙھي جاگير | 68 | ٺيڙهي ريئتي |
| 69 | واھر | 70 | وانڇا | 71 | يعقوباڻي |
ڳوٺ
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ اين جي مجمدار، ايڪسپلوريشنس ان سنڌ، انڊس پبليڪيش ڪراچي، 1930ع
- ↑ عزيز ڪنگراڻي، سنڌ ٽُوئرزم: اين آڪيالاجيڪل جرني، ثقافت کاتو سنڌ، 12012ع
- ↑ سيوهڻ ۽ شو ديوتا | Indus Asia Online Blog, اصل کان 22 سيپٽمبر 2021 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 مئي 2017۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- سانچا
- سنڌ جا تعلقا
- پاڪستان جا تعلقا