ڀريا تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀريا تعلقو
تعلقو ڀريا
تعلقو
Taluka Bhiria
ڀريا تعلقو is located in سنڌ
ڀريا تعلقو
ڀريا تعلقو
ڀريا تعلقو is located in Pakistan
ڀريا تعلقو
ڀريا تعلقو
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°54′N 68°11′E / 26.900°N 68.183°E / 26.900; 68.183مڪانيت: 26°54′N 68°11′E / 26.900°N 68.183°E / 26.900; 68.183
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو نوشھروفيروز ضلعو

ڀريا تعلقو (انگريزي: Bhiria Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي نوشهرو فيروز جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ڀريا شھر آھي.

تاريخ[سنواريو]

سنڌ جا ڪيترائي قديم شھر ۽ آباديون اڄ پنھنجو وجود وڃائي چُڪيون آھن ۽ ڪيترن ئي شھرن جا نالا به مٽجي چُڪا آھن[1] [2] صدين جي تاريخي سفر ۾ شھرن جا نالا تبديل ٿيڻ جي عمل جو وڏو ثبوت سيوھڻ شھر آھي، جيڪو شِيو آستان، سيستان ۽ سيوستان مان ڦرندو گھرندو سيوھڻ جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي[3] ماضيءَ ۾ ڀِريا جي جاگرافيائي بيھڪ ۾ تبديليون اچڻ سان گڏ انھيءَ جي نالي ۾ به مَٽ سَٽ ٿي آھي[2]. ڀريا شھر ۽ ڀريا روڊ ٻه الڳ وسنديون آھن ڀِريا روڊ جو اصل نالو ”ماڇڪي“ ڳوٺ ھو، جنھن تي ڀريا روڊ جو نالو تڏھن پيو جڏھن انگريزن 19 ھين صديءَ ۾ ريلوي لائين وڇائي ۽ ھتي ريلوي اسٽيشن ٺھي جتي ڪراچي يا ٻين ھنڌن تان ايندڙ مسافر لھندا ھئا ۽ ڇھه ميل (10 ڪلوميٽر) اولھه ۾ ڀريا سٽيءَ ۽ ٻين وسندين ڏانھن ويندا ھئا[2]. پڊعيدن وارو ريل جو رستو (جيڪو ڀريا روڊ کان لنگھي ٿو) 1896 ۾ کُليو. انھيءَ کان اڳ ڀرين (ڀريا) ۽ ٺاروشاھ جا شاگرد درياھ پار ڪري ڦُلجي اسٽيشن تائين ڪھي ويندا ھئا ۽ اُتان آگ گاڏيءَ (ٻاڦ تي ھلندڙ گاڏي) ۾ چڙھي ڪوٽڙيءَ تائين ويندا ھئا، جتان وري ڪوٽڙي ۽ گِدوءَ وچ ۾ ھلندڙ پاڻيءَ واري جھاز ۾ درياھه پار ڪري گِدوءَ کان گھوڙي گاڏين ذريعي حيدرآباد پھچندا ھئا ڇو ته ساھتيءَ وارن پنھنجا اسڪول پوءِ کوليا[4][2] ڀريا روڊ اسٽيشن کُلڻ کانپوءِ ڀريا شھر ۾ ريلوي بُڪنگ ايجنسي قائم ٿي جتان ھندستان جي ڪنھن به علائقي ڏانھن اچڻ وڃڻ جي ٽڪيٽ ملي سگھندي ھئي ۽ مسافرن کي ڀريا روڊ پھچائڻ ۽ کڻي اچڻ لاءِ ٻاڦ تي ھلندڙ لاري ھلائي ويندي ھئي. ان لاريءَ جي پٺيان انجڻ ۽ ٻاڦ ٺاھڻ واري مشينري لڳل ھوندي ھئي. بُڪنگ ايجنسيءَ جي ڪري ڀريا شھر جي مُکيه چونڪ تي نالو ئي ”ايجنسي“ پئجي ويو جيڪو اڄ تائين سڏبو پيو اچي[2]. ريلوي اسٽيشن ھجڻ ڪري ڀريا روڊ واپاري مرڪز ٿي ويو ۽ سندس آبادي به وڌندي وئي[2]. سنڌ جي ھڪ وڏي محقق محمد حسن پنھور 1964 ۾ ڇپيل سندس ڪتاب Ground Water in Hyderabad and Khairpur ۾ انگريز ماھر ھينري ڪزنس Henry Cousens جي ڪتاب Antiquities of Sindh جو حوالو ڏيندي لکيو آھي ته سنڌوءَ جي وھڪري ۾ تبديليون نوابشاھه ضلعي اندر گھڻيون ٿيون ۽ سڪندر اعظم جي زماني کان وٺي سنڌو درياھه پنھنجو وھڪرو مٽائيندو 18 ميل اولھه ۾ ھليو ويو آھي ـ اڳي سنڌو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو جيڪو نوشھري فيروز تعلقي ۾ ھو ـ پنھور صاحب لکي ٿو ته جڏھن ستين عيسوي صديءَ (641 عيسويءَ ۾ _ بن قاسم جي حملي کان ستر ورھيه اڳ) ۾ چيني سياح يان چانگ Yuan Chwang سنڌ ۾ آيو ھو ته ان وقت ھتي چچ جي بادشاھت ھئي ۽ سنڌو ندي ڪنڊياري تعلقي ۾ اُترئين پاسي 17 ميل پري وھندي ھئي جتان ديھات نالي ھنڌ وٽان چچ ندي ٽِپي بغاوت کي چيڀاٽڻ آيو ھو[2] ـ ھُو وڌيڪ لکي ٿو ته اٺين عيسوي صديءَ ۾ به سنڌو ندي لُھاڻي ڍوري مان لنگھندي ھئي جيڪو نوشھري فيروز کان ٻه ٽي ميل اوڀر ۾ لنگھندو ھو ۽ ذري گھٽ نائين صديءَ ۾ به سنڌوءَ جو وھڪرو لُھاڻي ڍوري وٽان ھو ـ انگريز ليکڪ ايڇ ٽِي لئمبرڪ به پنھنجي ڪتاب ”ھسٽري آف سنڌ _ اَ جنرل انٽروڊڪشن“ (جِلد پھريون _ سنڌي ادبي بورڊ 1964) ۾ لکي ٿو ته چچ بادشاھه ديھات ڳوٺ وٽان مھراڻ ندي ٽپيو ھو جيڪو ڪنڊياري تعلقي جي سرحد تي ھو، جتي موجوده سنڌو درياھه جو پراڻو وھڪرو لُھاڻي ڍوري مان لنگھندو ھو[2] ـ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ به پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو :”ڪنڊياري کان وٺي نوشھري فيروز، موري ۽ سڪرنڊ تائين ڪيترا شھر ۽ ڳوٺ وڏن دڙن تي ٻڌل آھن ۽ ڪيترن ھنڌن تي وارِي آھي ـ اھي وڏا دڙا ۽ وارِيءَ جا ڍِڳ اھوئي اُھڃاڻ ڏين ٿا ته اڳي درياھه ڪنڊياري، نوشھري ۽ موري تعلقن مان انھن دڙن وٽان وھندو ھو ـ“ ھتي سنڌوءَ جي وھڪري جو ذڪر ڪرڻ ضروري ھو ڇو ته ڀريا جو وجود درياھه جي ڪري ئي اھميت رکندڙ ھو، جتان اناج جو واپار ٻيڙين ذريعي ٻين علائقن سان ٿيندو ھو[2]. ”سرزمين تي تلاش ۽ تحقيق ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته اھو قديم ڍورو، جنھن جا نشان ڀريا جي اوڀر طرف موجود آھن، انھيءَ جي ڪناري تي قديم کنڊرات موجود آھن ـ انھن کنڊرات مان ڪافي عربي ۽ ٻيا قديم سڪا لڌا آھن جيڪي ڀريا جي رئيس سيد امام علي شاھه وٽ موجود آھن (بدقسمتيءَ سان ۽ عوام منجھه شعور نه ھجڻ سبب اھي کنڊر ھن وقت ميسارجي چُڪا آھن ۽ عربي توڙي ٻين قديم سِڪن جو به نالو نشان ڪونھي). انھن کنڊرن ۽ سڪن مان پڪي ثابتي ملي ٿي ته اھي قديم بستيون عرب دور کان اڳ توڙي عرب دور ۾ موجود ھيون ـ ساڳي نموني هاڻوڪن بھلاڻي به قديم کنڊرن تي ٻڌل آھي ۽ انھيءَ ڪري فتحنامي جو بھراور ٿي سگھي ٿو ته ڀريا جي لڳ يا بھلاڻيءَ وٽ ھو،“ ھُو لکي ٿو[2]۔

جاگرافي[سنواريو]

ڀِريا (سِٽي) نالي جي اصل وسندي ڀِريا روڊ جي اولھ ۾ قومي شاھراھ تي واقع آھي، جنھن جي ڏکڻ ۾ 10 ڪلوميٽر پري نوشھرو فيروز، 10 ڪلوميٽر اولھ ۾ ٺارو شاھ ۽ 22 ڪلوميٽر اُتر ۾ ڪنڊيارو واقع آھن ـ ٻنھي ڀِريائن جي وچ ۾ وڏو وارياسو پَٽُ آھي، جنھن جي اولھ ۾ روھڙي ڪئنال وھي ٿو جيڪو 1932 ۾ تعمير ٿيل سکر بئراج مان نڪري ٿو ـ روھڙي ڪئنال ڀريا سٽيءَ کان اڌ ميل اوڀر ۾ آھي جنھن جي پُل ٽپڻ سان ڪجهه پنڌ تي دريا خان جلباڻي ڳوٺ آباد آھي. دريا خان جلباڻي ڳوٺ ۽ ڀريا روڊ وچ ۾ وارياسي پَٽ مان ڪنھن زماني ۾ سنڌو درياھ وھندو ھو[2].

ديھون[سنواريو]

ڀريا تعلقي ۾ ڪل 32 ديھون واقع آهن

ڀريا تعلقي جون ديھون[5]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 باران 2 ٻيلا واھ 3 ڀريا 4 ڀرو
5 ٻرڙا 6 ڇاھين منومل 7 چاڪر واھ 8 دالي
9 داليپوٽا 10 ڍينگرو 11 ڊنگرو 12 گھير گجو
13 جلباڻي 14 ڪجر 15 ڪانڊير 16 خان جاگير
17 کاھي ميمڻ 18 کاھي قاسم 19 کاھي راھو 20 ڪوٽ بھادر
21 لڌو راڻو 22 ماڇُر 23 مڏ عليم 24 منگو
25 مولھڻ جاگير 26 مولھڻ ريئتي 27 پلاڻو 28 پنھوري
29 پنو عثمان 30 راڄو ڪيريو 31 سونڍاڻ 32 ٺاروشاھ

حوالا[سنواريو]

  1. 1844 ۾ لنڊن ۾ ڇپيل ٻن جِلدن وارو گزيٽيئر [ A Gazetteer of the Countries Adjacent to India on the North-West (Sinde, Afghanistan, Beloochistan, The Punjab and the neighbouring States); By: Edward Thornton]
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 [ بَھراوَر کان ڀِريا تائين تاريخ جو سفر:ڪاوش اخبار 29 جولاءِ 2018ع، پھرين قسط، ڪالم نويس: نصير اعجاز]
  3. {”لُبِ تاريخِ سنڌ“: مُنشي خان بھادر خُداداد خان(عيسوي سال 1900)}
  4. { ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ“: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي (نئون ڇاپو روشني پبليڪيشن 2006)}
  5. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]