جوهي تعلقو
جوھي تعلقو | |
|---|---|
| Johi | |
دادو ضلعي جي تعلقن واري نقشي ۾ دادو تعلقو ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل | |
| Coordinates: Taluka 26°41′N 67°37′E / 26.69°N 67.61°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ضلعو | دادو |
| ايراضي | |
| • ڪل | 3,616 چورس ڪلوميٽر (1,396 چورس ميل) |
| آبادي (2017) | |
| • ڪل | 294,848 |
| • ڪثافت | 81.54 في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
جوهي تعلقو (انگريزي: Johi Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادو جو هڪ تعلقو آهي. اوڀر ۾ تعلقو دادو، اُتر ۾ تعلقو خيرپورناٿن شاھ، اولھ ۾ بلوچستان جو تعلقو وڍ ۽ ڏکڻ ۾ ڄامشورو ضلعي جو تعلقو سيوهڻ دنگئي اٿس. جوهي تعلقو تاريخي ماڳن جو خزانو آهي.[1]
تاريخ
[سنواريو]سيٽلمينٽ رپورٽ 1898ع
[سنواريو]
مسٽر ڊزني جي رپورٽ (نمبر 120، مورخ 27 فيبروري 1891ع) موجب جوھي تعلقو اصل ۾ هڪ الڳ تعلقو هو، پر 1865ع کان روينيو انتظام جي سهولت خاطر ان کي دادو ۽ سيھوڻ تعلقن ۾ ضم ڪيو ويو هو. بعد ۾ حڪومت جي گورنمينٽ ريزوليوشن نمبر: 9824، مورخ 25 نومبر 1884ع، تحت 1884–1885ع ۾ ان کي ٻيهر هڪ الڳ تعلقي جي حيثيت سان بحال ڪيو ويو، ۽ ان کان پوءِ اهو مستقل طور الڳ انتظامي حيثيت ۾ رهيو.[2]
بهرحال، تعلقو پنهنجي موجوده شڪل 1893ع ۾ حاصل ڪري سگهيو، جڏهن حڪومت جي گورنمينٽ ريزوليوشن نمبر: 5511-A، مورخہ پهرين سيپٽمبر 1893ع، تحت ڪڪڙ تعلقي جون 16 ديهون ان سان شامل ڪيون ويون.[2]
جيالاجي (Geology) جي لحاظ کان تعلقو ٻن واضح حصن ۾ ورهايل هو. پهريون حصو سنڌو ماٿري جو ڪچي وارو ميداني علائقو (Alluvial Plain) هو، جڏهنتہ ٻيو حصو ان جي اولهه طرف واقع وسيع، هموار ۽ تقريباً بي وڻڪار ميدان هو، جيڪو اولهندي جبلن مان لڙهي ايندڙ مٽي، پٿرن ۽ ٻين قدرتي ڍيرن جي تهن سان ٺهيو هو. هي علائقو اوڀر کان اولهه ڏانهن آهستي آهستي اوچائي وٺندو هو، تان جو کيرٿر جبلن جي اندرين قطار تائين پهچي ويندو هو.[2] 1889–1890ع جي سروي دوران ڪاڇي واري علائقي کي 57 ڳوٺن ۾ ورهايو ويو، جن مان 8 جاگيرون هيون. سروي نمبرن هيٺ ماپيل ڪل ايراضي 83,303 ايڪڙ هئي، ۽ هر سروي نمبر جي سراسري ايراضي 5.82 ايڪڙ هئي.[2].
جوهي تعلقو قدرتي حالتن جي لحاظ کان نهايت ڏکين علائقن مان هڪ هو. هي علائقو اتر-اولهه کان نئين گاج ۽ کيرٿر جبلن مان ايندڙ ٻين جابلو نئينئن جي تيز ٻوڏن جي زد ۾ رهندو هو. اهي ٻوڏون ڪيترن ئي موقعن تي اولهندي ناري سان ٿيندڙ مستقل آبپاشي واري زمين کي نقصان پهچائينديون هيون ۽ برساتي پاڻي کي محفوظ رکڻ لاءِ ٺهيل بند پڻ لوڙي ڇڏينديون هيون، جنهن سبب باراني فصلن کي سخت نقصان پهچندو هو[2].
اولهندي ناري سان آباد ٿيندڙ زمين جو پٽو تمام محدود هو، ڇاڪاڻتہ ناري کان ٿورو پري ئي زمين اوچائي وٺڻ شروع ڪندي هئي، جنهن ڪري وهڪري وسيلي آبپاشي ممڪن نه رهندي هئي. ساڳئي وقت، آبپاشي لاءِ واهن جي تعمير پڻ عملي طور ناممڪن سمجهي ويندي هئي، ڇاڪاڻتہ جابلو ٻوڏون هر سال انهن کي مٽيءَ سان ڀري ڇڏينديون هيون. نتيجي طور اهو زرخيز علائقو، جيڪو واهن وسيلي وڏي پيماني تي آباد ٿي سگهيو ٿي، قدرتي رڪاوٽن سبب پنهنجي مڪمل زرعي صلاحيت حاصل نه ڪري سگهيو[2].
مسٽر جيمس آبپاشي سيٽلمينٽ کي ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن کي حڪومت منظور ڪيو. هي بندوبست مرحوم مسٽر ڊزني پاران 1892ع ۾ تجويز ڪيو ويو هو، پر ڇاڪاڻتہ اولهندي نارو مان مٿئين حصي ۾ نڪتل واهن سبب پاڻي وڏي مقدار ۾ ڪڍيو ويو، جنهن سان جوهي تعلقي جي آبادگارن کي سخت نقصان پهتو، تنهن ڪري فيصلو ڪيو ويو ته بندوبست ان وقت تائين ملتوي رکيو وڃي، جيستائين پريچرڊ واھ (Pritchard Wah)، جيڪو درياهه مان اولهندي ناري کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ خاص طور تعمير ڪيو ويو هو، ڪجهه سالن تائين ڪاميابيءَ سان هلڻ لڳي. شروعاتي دور ۾ پريچرڊ واهه درياهه جي وهڪري سبب پنهنجي مُنهن وٽ ڪٽاءُ جو شڪار رهيو، پر بعد ۾ ان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي وئي ۽ اولهندي ناري کي پاڻي جي فراهمي ايتري ته سٺي ٿي وئي، جو ٻوڏ ۽ پاڻي جي اوورفلو کي روڪڻ لاءِ ان جي ڪنارن تي بند تعمير ڪرڻا پيا[2]. بهتر پاڻي جي فراهمي باوجود، چانورن جي پوک هيٺ ايندڙ ايراضيءَ ۾ ڪو خاص اضافو نه ٿيو. ايگزيڪيوٽو انجنيئر موجب ان جو بنيادي سبب جابلو ٻوڏون هيون، جيڪي فصلن کي تباهه ڪري ڇڏينديون هيون ۽ پوک جي واڌ ويجهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل هيون[2]. رپورٽ موجب، جوهي تعلقو ڪيترين ئي قدرتي ۽ معاشي مشڪلاتن ۾ گهيريل هو. رجسٽريشن جي انگن اکرن مان ظاهر ٿيو ته مقامي مسلمان زميندارن جي زمينن جو وڏو حصو هندو واپارين ۽ ساهوڪارن وٽ وڪرو يا گروي ٿي چڪو هو. گذريل پنجن سالن دوران وڪرو يا گروي رکيل زمين جو ڪل انگ تقريباً سڄي پوکيل ايراضيءَ جي برابر يا ان کان به وڌيڪ هو، جيتوڻيڪ ان ۾ ساڳي زمين جي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا گروي رکجڻ جا مثال پڻ شامل هئا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته تعلقي ۾ قرضداريءَ جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي[2]. مسٽر ڪيڊل (Mr. Cadel) پڻ نشاندهي ڪئي ته قرضداريءَ جي هن صورتحال جو هڪ نتيجو اهو به نڪتو، جيڪو سنڌ ۾ عام طور ڏٺو ويندو هو، يعني ڏوهن ۾ اضافو، ڇاڪاڻتہ اهي مقامي زميندار، جيڪي اڳ حڪومت لاءِ امن امان برقرار رکڻ ۾ اهم سهارو هوندا هئا، معاشي ڪمزوري سبب اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل نه رهيا هئا[2]. تعلقي جي باقي حصي، سواءِ انهن 16 ديهن جي، جيڪي ڪڪڙ تعلقي مان جوھي سان شامل ڪيون ويون هيون، جيڪي ضمانتي سيٽلمينٽ هيٺ هيون، تي اڳيون روينيو نظام برقرار رکڻ جي تجويز ڏني وئي. اھو علائقو 57 ديهن تي مشتمل هو ۽ ان جي زراعت جو دارومدار برسات ۽ جابلو ٻوڏن تي هو[2].
تجويز موجب، برسات تي دارومدار رکندڙ غير بندن واري زمين تي خريف ۽ ربيع ٻنهي فصلن لاءِ في ايڪڙ هڪ رپيو محصول برقرار رکيو وڃي. صرف برساتي پاڻي تي ڀاڙيندڙ بند واري زمين لاءِ في ايڪڙ هڪ رپيو چار آنا، جڏهنتہ انهن بند وارين زمينن لاءِ، جيڪي برسات سان گڏ جابلو ٻوڏن جي پاڻي مان پڻ فائدو وٺنديون هيون، في ايڪڙ هڪ رپيو ڏهه آنا، خريف ۽ ربيع ٻنهي فصلن لاءِ، اڳ وانگر برقرار رکيا وڃن.
اهي شرحون پهريون ڀيرو 1892ع ۾ ڪمشنر پاران تجويز ڪيون ويون هيون ۽ حڪومت انهن کي گورنمينٽ ريزوليوشن نمبر 4383، مورخہ 21 مئي 1892ع، تحت منظور ڪيو هو. موجوده آبادڪاري ۾ پڻ انهن ساڳين شرحن کي جاري رکڻ جي سفارش ڪئي وئي.[2] 1893ع ۾ ڪڪڙ تعلقي مان 16 ديهن جي جوھي تعلقي ۾ منتقلي کان پوءِ، تعلقي جي ڪل ايراضي وڌي 732.38 چورس ميل ٿي وئي، جنهن مان 640.04 چورس ميل ريعتي (Rayati) زمين ۽ 92.34 چورس ميل جاگير (Jagir) تي مشتمل هئي.[2]
1881ع جي مردم شماري موجب جوھي تعلقي جي آبادي 37,229 هئي، جيڪا في چورس ميل 58 ماڻهن جي برابر هئي. 1891ع جي مردم شماري ۾ آبادي وڌي 51,919 ٿي وئي، يعني في چورس ميل لڳ ڀڳ 70.89 ماڻهو، جيڪو مجموعي طور 14,690 ماڻهن جو اضافو هو[2]. رپورٽ موجب، هن واڌ جو هڪ حصو قدرتي آباديءَ جي واڌ سبب هو، جڏهنتہ ٻيو حصو ڪڪڙ تعلقي مان منتقل ٿيل 16 ديهن جي شامل ٿيڻ جو نتيجو هو. 1891ع ۾ اصل جوھي تعلقي جي آبادي 44,848 هئي، جڏهنتہ منتقل ٿيل ديهن جي آبادي 7,071 هئي. فصل لهڻ جي موسم دوران صوبي جي ٻين حصن مان ايندڙ عارضي مزدورن کان سواءِ، عام حالتن ۾ نه ڪا نمايان لڏپلاڻ ٿيندي هئي ۽ نه ئي ٻاهران مستقل لڏي اچڻ جو ڪو خاص رجحان موجود هو.[2]
مال جي تعداد ۾ واڌ ۽ گهٽتائي جا سبب مختلف هئا. جبلن ۾ گهٽ برسات پوڻ وارن سالن دوران چوپايو مال ميداني علائقن ڏانهن آندو ويندو هو، جڏهنتہ وڌيڪ برسات پوڻ تي وري واپس جبلن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو هو. ان کان سواءِ، بهتر چراگاهن جي ڳولا ۾ پڻ مال کي هڪ تعلقي مان ٻئي تعلقي ڏانهن منتقل ڪيو ويندو هو[3]. 1894–1895ع ۾ ڏاندن جي وڏي گهٽتائي بابت مقامي انتظاميه ٻڌايو ته اها به مال جي لڏپلاڻ جو نتيجو هئي، جڏهنتہ انهيءَ سال رڍن ۽ ٻڪرين ۾ نمونيا جي وبا پکڙجڻ سبب پڻ انهن جي تعداد متاثر ٿي[2].
تعلقي ۾ اندروني طور ۽ ريلوي سان رابطن جي لحاظ کان چڱيون مواصلاتي سهولتون ميسر هيون. ريلوي لائين تعلقي جي متوازي تقريباً 12 کان 14 ميلن جي فاصلي تي گذرندي هئي. البت، ٻوڏ جي موسم دوران ڏاکڻي حصي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا منڇر ڍنڍ جي اوورفلو ۽ ان ۾ ڇوڙ ڪندڙ جابلو ٻوڏن جي پاڻي هيٺ اچي ويندا هئا، جڏهنتہ ڪجهه رستا رڳو جابلو ٻوڏن سبب عارضي طور متاثر ٿيندا هئا[2]. تعلقي جا مکيه واپاري رستا جوھي کان دادو ريلوي اسٽيشن ۽ ڀان ڏانهن ويندا هئا.[2]
تعلقي اندر اناج جي آمدرفت لاءِ خاص طور اُٺ، بيل گاڏيون ۽ گڏهه استعمال ڪيا ويندا هئا. تعلقي جي اندر اناج جي ٽرانسپورٽ جو سراسري ڀاڙو في ميل في خرار ٽي کان چار آنا هوندو هو، جڏهنتہ ڊگهن سفرن لاءِ گهڻو ڪري اُٺ استعمال ڪيا ويندا هئا. تعلقي کان ٻاهر واقع ريلوي اسٽيشنن تائين اناج پهچائڻ جو ڀاڙو ان کان ڪجهه وڌيڪ هوندو هو[2]. موسم جي اوج دوران شاھ حسن ۽ سيوھڻ جي وچ ۾، جيڪو تقريباً 16 ميلن جو فاصلو هو، ٻيڙيون پڻ هلنديون هيون. مسافرن کان هڪ طرفي سفر لاءِ اٺ آنا ورتا ويندا هئا، جڏهنتہ اناج ۽ ٻين شين جي کڻائي لاءِ في ميل في خرار ڇهه پائيون (Pies) جي حساب سان ڀاڙو مقرر هو. تعلقي کان ٻاهران بيل گاڏين وسيلي اناج آڻڻ جو خرچ في ميل في خرار ٻه آنا اٺ پائي هوندو هو، جڏهنتہ ڪپهه جي ٽرانسپورٽ لاءِ في ميل في مڻ ٻه پائي ورتا ويندا هئا.[2]
تعلقي ۾ ڪا به باقاعده منڊي موجود نه هئي. اناج ۽ ڪپهه گهڻو ڪري ڀان، ڦلجي ۽ سيتا روڊ جي ريلوي اسٽيشنن وسيلي ڪراچي ڏانهن موڪليا ويندا هئا. اناج جو ڪجهه حصو تعلقي جي اولهندي ديهن ۽ ڪڪڙ تعلقي مان منتقل ٿيل ديهن جي بروهي جبلائي آبادگارن طرفان پڻ خريد ڪيو ويندو هو. تعلقي ۾ پوکيل تماڪ مقامي ضرورتن کان گهڻو وڌيڪ نه هوندو هو. زرعي پيداوار واپاري يا سندن نمائندا مختلف ڳوٺن جي کَليل ڳاھ واري پڙن (ٿريشنگ فلور) تي خريد ڪندا هئا، جڏهنتہ مقامي ضرورتون ڳوٺن جي ننڍن بازارن ۾ پرچون وڪري ذريعي پوريون ٿينديون هيون. ڳاھ واري ھنڌن تي خريد ڪندڙن طرفان مقرر ڪيل اگهه مان ٽرانسپورٽ جي خرچ طور في خرار هڪ کان ٻه رپيا ڪٽيا ويندا هئا.[2]
هر سال فيبروري ۽ اپريل مهينن ۾ پير گاجي ۽ شاھ حسن جي ڳوٺن ۾ مقامي بزرگن پير گاجي ۽ پير متن شاھ جي نسبت سان ننڍڙا ميلا لڳندا هئا. اهي ميلا بنيادي طور مذهبي موڪلن جي نوعيت جا هوندا هئا، جتي رڳو مٺايون ۽ کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ٿينديون هيون ۽ ڪنهن به قسم جي فيس وصول نه ڪئي ويندي هئي.[2]
تعلقي مان برآمد ٿيندڙ شين ۾ خاص طور جوئر، ڪپهه، سرنهن، تيل وارا ٻج، تر ۽ ٻاجھري شامل هئا. ڪپهه، تر، تيل وارا ٻج ۽ ڪجهه اناج ڪراچي ڏانهن موڪليا ويندا هئا، جڏهنتہ دادو، سيھوڻ ۽ ڪڪڙ تعلقن ڏانهن پڻ انهن شين سان گڏ ٻاجھري ۽ تماڪ برآمد ڪيو ويندو هو. درآمد ٿيندڙ شين ۾ لاڙڪاڻي مان سڳداسي چانور ۽ تماڪ، دادو مان ڪڻڪ، پاڙيسري تعلقن مان چڻا ۽ ٻيون داليون، ڪراچي ۽ سکر مان ڪپڙا، ريشمي ڪپڙا، مصالحا، گاسليٽ، لوڻ ۽ گيهه، جڏهنتہ حيدرآباد ۽ سيھوڻ مان سون، چاندي، لوهه ۽ پتل جون ٺهيل شيون شامل هيون.[2]
تعلقي ۾ ڪا به ميونسپلٽي موجود نه هئي. مقامي صنعتن ۾ ٿلها ڪپڙا، اوني غاليچا، اوني زين پوش، گهوڙن لاءِ زين جون ٿيلهيون، لاک سان سينگاريل ڪاٺ جا لوڏا ۽ کٽون شامل هيون. اهي سڀ شيون يا ته تعلقي اندر استعمال ٿينديون هيون يا وري پاڙيسري تعلقن ۾ وڪرو ڪيون وينديون هيون. تعلقي ۾ تيل ڪڍڻ لاءِ ابتدائي قسم جون 38 مشينون ۽ ڪپهه صاف ڪرڻ لاءِ 70 هٿ سان هلندڙ جننگ مشينون موجود هيون. تيل ڪڍڻ جي اجرت ڄامڀي لاءِ في مڻ 2 رپيا 8 آنا، سرنھن لاءِ 2 رپيا 4 آنا مقرر هئي، جڏهنتہ ڪپهه صاف ڪرڻ جي اجرت في مڻ اڍائي رپيا هئي.[2]
1897ع جي 31 مارچ تائين جوھي تعلقي ۾ مجموعي طور 26 اسڪول قائم هئا. انهن مان 5 لوڪل بورڊ جا ڏينهن وارا اسڪول، 5 لوڪل بورڊ جا مقامي ٻولي وارا اسڪول، 15 مقامي فنڊن جي مالي مدد سان هلندڙ روايتي اسڪول ۽ هڪ خانگي اسڪول هو، جيڪو مقامي فنڊن مان امداد حاصل ڪندو هو. انهن اسڪولن ۾ مجموعي طور 589 شاگرد زير تعليم هئا، جڏهنتہ ڇوڪرين لاءِ ڪو به اسڪول موجود نه هو. گذريل پنجن سالن جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاگردن جي اوسط روزاني حاضري ۾ مجموعي طور واڌ جو رجحان رهيو، جيڪو تعلقي ۾ تعليم جي تدريجي ترقيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو.[2] ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته گذريل ٻن سالن دوران جوھي تعلقي ۾ اسڪولن جي تعداد ۾ واڌ ٿي آهي، شاگردن جو انگ لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي ويو آهي، ۽ تدريسي ڪارڪردگي ۾ پڻ مسلسل بهتري اچي رهي آهي.[2]
جوھي تعلقي کي متاثر ڪندڙ سرڪاري واهن ۾ اولھندو نارو، جيڪو تعلقي جي اوڀرئين سرحد سان گڏ وهي ٿو، ۽ ان جون شاخون Lohri، ڊنگري ۽ ساڪرو شامل هيون. اولھندي ناري جي اولهه طرف جابلو ٻوڏن جو هڪ وڏو قدرتي وهڪرو پڻ موجود هو، جنهن سبب پوک کي جبلن ڏانهن وڌيڪ وڌائڻ ممڪن نه رهندو هو. انهيءَ ڪري جوھي ۾ آبپاشي جو طريقو ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غير مؤثر هو، ڇاڪاڻتہ پاڻي کي ٻين هنڌن وانگر تنگ نالين (ڪاريزن) ۾ محدود ڪري استعمال نٿي سگهيو پئي. هر فصل جي موسم ۾ هن وهڪري تي بند ٻڌي پاڻي روڪيو ويندو هو ۽ پوءِ ان جي ڪنارن تي ڪجهه رهٽ لڳايا ويندا هئا، پر عام جابلو ٻوڏ اچڻ شرط اهي بند ٽٽي ويندا هئا.[2] 1889ع کان اڳ ڪيترن ئي سالن تائين اولھندي ناري ۾ پاڻي جي فراهمي گهڻي متاثر رهي، جنهن جو بنيادي سبب لاڙڪاڻي ڀرسان ان جي مُنهن تي درياهه جي ڪٽاءُ (Erosion) هو. سيھوڻ، دادو ۽ جوھي تعلقن کي بهتر پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ مددگار واهه پريچرڊ واھ ٻن سالن ۾ تعمير ڪيو ويو. شروعاتي ٻن سالن دوران هي واهه پڻ ساڳين قدرتي مشڪلاتن جو شڪار رهيو، پر 1891ع کان پوءِ ان پاڻي جي فراهمي ۾ نمايان بهتري آندي. ساڳئي وقت 1889ع کان پوءِ اولھندي ناري ۾ پڻ وهڪري جي حالت ايتري بهتر ٿي وئي، جو اهو هر سال سياري جي موسم دوران به وهندو رهيو.[2] 1890ع کان پوءِ اولھندي ناري ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ سبب ڪڪڙ کان ڪنٽرول لاء دروازا Buid Sluice، جوھي تائين واهه جي ٻنهي ڪنارن تي بند تعمير ڪرڻ ضروري بڻجي ويو، جيئن پاڻي اوورفلو ڪري ڀرپاسي جي زمينن ۾ نه پکڙجي. ان کان علاوه 1892–1893ع دوران 9,088 رپين جي لاڳت سان لوبڻ واھ تعمير ڪيو ويو، جنهن وسيلي وڏي مقدار ۾ پاڻي لوھري ڍوري ڏانهن منتقل ڪيو ويو.[2] ساڪرو واھ کي 1886ع ۾ سرڪاري انتظام هيٺ آندو ويو، جنهن کان پوءِ ان جي ڪمانڊ واري علائقي ۾ پوکيل زمين جو رقبو نمايان وڌيو. تنهن هوندي به اولھندي ناري جي اولهندي پاسي واري تقريباً سموري پوک گاج نئين مان ايندڙ جابلو ٻوڏن جي خطري هيٺ رهندي هئي.[2]
مردم نگاري
[سنواريو]جوھي تعلقي جي آبادي پھرين مارچ 1998 ۾ ٿيل آدمشماري مطابق 207,38 ھئي 15 مارچ 2017 ۾ ٿيل آدمشماري ۾ وڌي 294,848 ٿي وئي. 3,616 چورس ڪلوميٽر ايراضي ۾ ان ابادي جي گھاٽائي 81.54 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ھئي. ڪل آبادي مان 2017 ۾ 265,747 ماڻهو ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 29,101 ماڻهو شھر ۾ رکندڙ آھن[4].
ديھون
[سنواريو]جوھي تعلقي ۾ ڪل 110 ديھون واقع آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Google Maps
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 Revenue Department (1898). H.D. Settlement Report: Johi Taluka, 1898. Karachi: Revenue Department. 29 June 2026 تي حاصل ڪيل – Internet Archive وسيلي. حوالي جي چڪ: Invalid parameter "جوهي" in
<ref>tag. The supported parameters are: dir, follow, group, name. - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "جنت". - ↑ https://www.citypopulation.de/php/pakistan-distr-admin.php?adm2id=80202.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد) - ↑ resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- سانچا
- CS1 errors: missing title
- CS1 errors: bare URL
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from October 2023
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- جوهي تعلقو
- سنڌ جا تعلقا
- دادو ضلعو
- دادو ضلعي جا تعلقا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا