جهنڊو مري تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جھنڊو مري
تعلقو
Jhando Mari
ٽنڊوالهيار ضلعي جو نقشو جنھن م جھنڊو مري اتر ۾ ڏيکاريل
ٽنڊوالهيار ضلعي جو نقشو جنھن م جھنڊو مري اتر ۾ ڏيکاريل
جھنڊو مري is located in سنڌ
جھنڊو مري
جھنڊو مري
جھنڊو مري is located in Pakistan
جھنڊو مري
جھنڊو مري
جاگرافي بيهڪ: 25°39′00″N 68°54′0″E / 25.65000°N 68.90000°E / 25.65000; 68.90000مڪانيت: 25°39′00″N 68°54′0″E / 25.65000°N 68.90000°E / 25.65000; 68.90000,[1]
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊوالهيار
صدر مقام جھنڊو مري شھر
آبادي ([2]2017)
 • ڪل 2،31،683


جهنڊو مري تعلقو(انگريزي: Jhando Mari Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊو الهيار جو هڪ تعلقو آهي. هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 1 لک 91 هزار هئي. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 2,31,683 ھئي جنھن مان 2,13,699 ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 17,984 شھري علائقي ۾ رهندڙ هئ[2]ا. ھن تعلقي جو قيام 2005 ۾ عمل ۾ آيو ۽ ان قيام سان کيس نئين ٺھيل ضلعي ٽنڊوالهيار جو تعلقو بڻايو ويو. ھن تعلقي جي اتر ۾ سانگھڙ ضلعو، اوڀر ۾ ميرپور خاص ضلعو، اولھ ۾ مٽياري ضلعو ، ڏکڻ ۾ ٽنڊو الهيار تعلقو ۽ ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي چمبڙ تعلقو واقع آهن. .

انتظامي ورهاست[سنواريو]

2008 وارن انگن اکرن مطابق تعلقي ۾ 2 سرڪل، 13 تپا ۽ 38 ديھون واقع آهن[3]. ديھن مان ڪابه ديھ شھري ناھي [3].

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

جهنڊو مري تعلقي ۾ 6 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن.

جهنڊو مري تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪاؤنسل جو نالو آبادي (2011) آبادي (2017)
1 يو سي جهنڊو مري 37,622
2 ميرا آباد 39,302
3 پِيارو لُنڊ 20,589
4 داسيري 42,037
5 ٽنڊو سومرو 25,598
6 مِسَاڻ 26,239
ڪل 1,91,387

ديھون[سنواريو]

جھنڊو مري تعلقي ۾ ڪل 38 ديھون واقع آهن.

تعلقي جون ديھون[4]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 ايلچي 2 بلگھيا 3 ڇاڇڙڪي 4 دڙو ستاھ
5 داسيري 6 ڍاگھڪي 7 ڳاھيڪي 8 گھڏو
9 ھاديڪي 10 ھاليپوٽاڻي 11 مشائخ ھوٿي 12 ھڱوراڻي
13 ھوتڪي 14 ڪٺاري 15 ڪيھي 16 کڏو
17 ڪورائڪي 18 ڪورياڻي 19 لنگھاڻو 20 مائل
21 ماکوڙو 22 مِسَاڻ 23 نراھادو 24 نيلورئي
25 نمرو 26 نوري 27 پلھي 28 راڄپري
29 رپڙ 30 روپاھ 31 سڄڻاھ 32 سيھرڪي
33 سيھڙپور 34 سونھري 35 ٿيٻڪي 36 ويسرڪي
37 وڳوڙي 38 ورياسو

آبادي[سنواريو]

2004 جي ڪاٿن مطابق تعلقي ٽنڊي الهيار جي ڪل آبادي 1,99,300 ھئي جن مان 1,03,593 مرد ۽ 95,708 عورتون ھيون. آبادي جي گھاٽائي في ڪلوميٽر 501 ماڻھو ھئي[3].

آبپاشي[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ نصير واھ وھي ٿو جيڪو روھڙي ڪئنال مان نڪري ٿو. ان کان سواءِ ھتي وھندڙ شاخن م سونھري شاخ، نوري ڊسٽري، راج پري شاخ، مشائخوٽي ڊسٽري، ڪيھي شاخ، ٿاڻو شاخ، داسوڙي شاخ، ٽنڊو الهيار شاخ 2، ٽنڊو سومرو شاخ 2, ھادڪي ڊسٽري ۽ ميل شاخ پڻ وھن ٿيون.

حوالا[سنواريو]