جهنڊو مري تعلقو
جھنڊو مري | |
|---|---|
| Jhando Mari | |
ٽنڊوالهيار ضلعي جو نقشو جنھن م جھنڊو مري اتر ۾ ڏيکاريل | |
| Coordinates: 25°39′00″N 68°54′0″E / 25.65000°N 68.90000°E,[1] | |
| ملڪ | |
| صوبو | |
| ضلعو | ٽنڊوالهيار |
| صدر مقام | جھنڊو مري شھر |
| آبادي ([2]2017) | |
| • ڪل | 2،31،683 |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
| يونين ڪاؤنسلون | 6 |
جهنڊو مري تعلقو(انگريزي: Jhando Mari Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊو الهيار جو هڪ تعلقو آهي. هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 1 لک 91 هزار هئي. 2017 جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 2,31,683 ھئي جنھن مان 2,13,699 ٻھراڙيءَ ۾ ۽ 17,984 شھري علائقي ۾ رهندڙ هئ[2]ا. ھن تعلقي جو قيام 2005 ۾ عمل ۾ آيو ۽ ان قيام سان کيس نئين ٺھيل ضلعي ٽنڊوالهيار جو تعلقو بڻايو ويو. ھن تعلقي جي اتر ۾ سانگھڙ ضلعو، اوڀر ۾ ميرپور خاص ضلعو، اولھ ۾ مٽياري ضلعو ، ڏکڻ ۾ ٽنڊو الهيار تعلقو ۽ ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي چمبڙ تعلقو واقع آهن.
.
انتظامي ورهاست
[سنواريو]2008 وارن انگن اکرن مطابق تعلقي ۾ 2 سرڪل، 13 تپا ۽ 38 ديھون واقع آهن[3]. ديھن مان ڪابه ديھ شھري ناھي [3].
يونين ڪاؤنسلون
[سنواريو]جهنڊو مري تعلقي ۾ 6 يونين ڪاؤنسلون آهن.
| نمبر | يونين ڪاؤنسل | آبادي (2011ع) | آبادي (2017ع) |
|---|---|---|---|
| 1 | جهنڊو مري | 37,622 | — |
| 2 | ميرا آباد | 39,302 | — |
| 3 | پِيارو لُنڊ | 20,589 | — |
| 4 | داسيري | 42,037 | — |
| 5 | ٽنڊو سومرو | 25,598 | — |
| 6 | مِسَاڻ | 26,239 | — |
| ڪل | 191,387 | — |
نوٽ: 2017ع جي آبادي جا انگ اکر ماخذ ۾ موجود نه آهن.
ديھون
[سنواريو]جھنڊو مري تعلقي ۾ ڪل 38 ديھون واقع آهن.
| نمبر | ديھ | نمبر | ديھ | نمبر | ديھ | نمبر | ديھ |
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| 1 | ايلچي | 2 | بلگھيا | 3 | ڇاڇڙڪي | 4 | دڙو ستاھ |
| 5 | داسيري | 6 | ڍاگھڪي | 7 | ڳاھيڪي | 8 | گھڏو |
| 9 | ھاديڪي | 10 | ھاليپوٽاڻي | 11 | مشائخ ھوٿي | 12 | ھڱوراڻي |
| 13 | ھوتڪي | 14 | ڪٺاري | 15 | ڪيھي | 16 | کڏو |
| 17 | ڪورائڪي | 18 | ڪورياڻي | 19 | لنگھاڻو | 20 | مائل |
| 21 | ماکوڙو | 22 | مِسَاڻ | 23 | نراھادو | 24 | نيلورئي |
| 25 | نمرو | 26 | نوري | 27 | پلھي | 28 | راڄپري |
| 29 | رپڙ | 30 | روپاھ | 31 | سڄڻاھ | 32 | سيھرڪي |
| 33 | سيھڙپور | 34 | سونھري | 35 | ٿيٻڪي | 36 | ويسرڪي |
| 37 | وڳوڙي | 38 | ورياسو | — | — | — | — |
| ڪل ديھون: 38 | |||||||
آبادي
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو جھنڊو مري تعلقي جي آدمشماري
}}</ref> 2004 جي ڪاٿن مطابق تعلقي ٽنڊي الهيار شھر جي ڪل آبادي 1,99,300 ھئي جن مان 1,03,593 مرد ۽ 95,708 عورتون ھيون. آبادي جي گھاٽائي في ڪلوميٽر 501 ماڻھو ھئي.
آبپاشي
[سنواريو]ھن تعلقي ۾ نصير واھ وھي ٿو جيڪو روھڙي ڪئنال مان نڪري ٿو. ان کان سواءِ ھتي وھندڙ شاخن م سونھري شاخ، نوري ڊسٽري، راج پري شاخ، مشائخوٽي ڊسٽري، ڪيھي شاخ، ٿاڻو شاخ، داسوڙي شاخ، ٽنڊو الهيار شاخ 2، ٽنڊو سومرو شاخ 2, ھادڪي ڊسٽري ۽ ميل شاخ پڻ وھن ٿيون.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Location o Jhando Mari
- 1 2 › sindhPDFWeb resultstando allahyar summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...
- 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "رليف". - ↑ "Board of Revenue, Sindh". Government of Sindh.