مواد ڏانھن هلو

ڏوڪري

ڏوڪري

ڏوڪري

لب درياء
شھر
ڏوڪري is located in سنڌ
ڏوڪري
ڏوڪري
Location in Pakistan
Coordinates: 27°22′29″N 68°05′50″E / 27.37472°N 68.09722°E / 27.37472; 68.09722
ملڪ پاڪستان
صوبوسنڌ
ڊویزنلاڙڪاڻو ڊويزن
ضلعولاڙڪاڻو ضلعو
تعلقوڏوڪري تعلقو
تعلقي ڏوڪريءَ ۾ شھرن جو تعدادڏوڪري( صدر مقام), باڊھ، ڳيريلو
آبادي
 (2017)
• ڪل22,174
وقتي علائقوUTC+5 (PST)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC+6 (PDT)
ڊائلنگ ڪوڍ074

ڏوڪري شھر پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جو صدر مقام جيڪو موئن جي دڙي جي ڀرسان ست ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي.

ھن شھر ۾ لاڙڪاڻو ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٽنڊو آدم زرعي يونيورسٽي جي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج، چانورن جو ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ عام تعليم لاءِ ڊگري ڪاليج واقع آھي. ھن شھر جي ڀرسان موئن جو دڙو ايئرپورٽ پڻ واقع آھي. سنڌو درياهه جي ڀر ۾ واقع ھي شھر زراعت جو مرڪز آھي ۽ کيس لب درياء به چوندا آهن.

ھي شھر سمنڊ جي سطح کان 36 ميٽر مٿي آهي ۽ ان جي جاگرافيائي بيھڪ 27° 22' 29" N 68° 05' 50" E آھي. ھن شھر جي ڀرسان بکوديرو ڳوٺ ۾ سنڌ جي ھاري تحريڪ جو باني ليڊر ۽ سنڌ جو محب وطن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پيدا ٿيو. سنڌ جي مشهور دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ھن شھر لڳ پيدا ٿيو جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور "دا مين فرام موئن جو دارو" سڏيندو هو.

حوالا

[سنواريو]