ٽنڊو محمد خان تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽنڊو محمد خان تعلقو
تعلقو ٽي ايم خان
تعلقو
Tando Muhammad Khan Taluka
ٽنڊو محمد خان ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ٽنڊو محمد خان ضلعو ۽ ان جا تعلقا
ٽنڊو محمد خان تعلقو is located in سنڌ
ٽنڊو محمد خان تعلقو
ٽنڊو محمد خان تعلقو
ٽنڊو محمد خان تعلقو is located in Pakistan
ٽنڊو محمد خان تعلقو
ٽنڊو محمد خان تعلقو
جاگرافي بيهڪ: Tando Muhammad Khan 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: Tando Muhammad Khan 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
آبادي
 • ڪل 1,94,044

ٽنڊو محمد خان تعلقو(انگريزي: Tando Muhammad Khan Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ٽنڊو محمد خان شھر آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھن تعلقي جي اتر ۾ ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد، اولھ ۾ بلڙي شاھ ڪريم تعلقو ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ٽنڊو غلام حيدر تعلقو واقع آهن.

آبادي[سنواريو]

هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ انداز مطابق 1 لک 94 ھزار کان مٿي ھئي. 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 2،55،662 ھئي جنھن مان 1,53,799 ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ۽ 1،01،863 شھري ھئي[1].

ديھون[سنواريو]

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ مطابق ٽنڊو محمد خان تعلقي م ديھن جو تفصيل ھيٺين ريت آھي.

ٽنڊو محمد خان تعلقي جون ديھون[2]
سرڪل تپو ديھون ايراضي
(ايڪڙ)
1.ٽنڊو محمد خان سرڪل 1.ٽنڊو محمد خان تپو 1.ٽنڊو محمد خان 2933.19
2.ٿري 1495.02
2.لاکاٽ تپو 1.لاکاٽ 4084.31
2.نانگو شاھ 5318.17
3.شاھ بخاري 3350.15
4. ٻٻرڪي 3201.08
3.ٽنڊو سائينداد تپو 1.ويسارڪي 3639.36
2.ڪڙي 2193.38
3.پڊ رام ديالي 1637.36
4.سنگھ 2235.27
5.ستياري 1576.36
4. ٽنڊو سائينداد اضافي تپو 1.پٽار 2766.05
2.ويسيريا 2362.01
3.بوزدار 1742.25
4.لڙھ 2190.16
5. ڪورائي 1933.06
4.شيخ ڀرڪيو تپو 1.شيخ ڀرڪيو 2385.03
2.ڇنو ڪاتيار 6746.22
3.ٻرڙا 4321.23
4.سماباڻي 4058.31
5. شيخ ڀرڪيو اضافي تپو 1.ڊگھ 1842.05
2.رام ديالي وساڻ 2239.27
3.کنٽو 2062.08
4.سوميرڪي 3022.19
6.روشنائي تپو 1.جھوڪ 2908.35
2.آري پوٽا 1107.07
3.روشنائي 3746.14

جڏھن ته بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ مطابق ٽنڊو محمد خان تعلقي ۾ ڪل 29 ديھون واقع آهن.

ٽنڊو محمد خان تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آبڙي 2 ٻٻرڪي 3 بوزدار 4 ٻرڙا
5 ڇنو ڪاتيار 6 ڊگھ 7 فتح پور 8 ڪڙي
9 کنٽو 10 ڪورائي 11 لاکاٽ 12 لڙھ
13 نانگو شاھ 14 پڊ رامديالي 15 پٽڳاھي 16 پٽار
17 رامديالي وساڻ 18 روشنائي 19 سماباڻي 20 شاھ بخاري
21 شيخ ڀرڪيو 22 صديق پور 23 سنگھ 24 سومرڪي
25 ستياري 26 ٽنڊو محمد خان 27 ٿري 28 ويسارڪي
29 ويسيريا

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ٽنڊو محمد خان تعلقي ۾ 6 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن، جن مان ٽي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ اچن ٿيون.

ٽنڊو محمد خان تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪاؤنسل آبادي (2011) آبادي (2017)
1 شيخ ڀِرڪيو 33,449
2 ٽنڊو سائينداد 34,902
3 لاکاٽ 34,865
4 ٽنڊو محمد خان 1 33,607
5 ٽنڊو محمد خان 2 33,426
6 ٽنڊو محمد خان 3 23,795
ڪل آبادي 1,94,044

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]