لطيف آباد تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لطيف آباد تعلقو
شھر
سنڌ جي نقشي ۾ حيدرآباد ضلعو ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ حيدرآباد ضلعو ڏيکاريل
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو حيدرآباد
يونين ڪاؤنسلون 17
آبادي (2010)
 • ڪل 1,000,761

لطيف آباد تعلقو(انگريزي: Latifabad Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي حيدرآباد جو تعلقو آهي جنھن جو صدرمقام لطيف آباد ٽائون آهي. ھن تعلقي جو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي رکيو ويو.ھن تعلقي ۾ لطيف آباد جا 12 يونٽ ۽ ان جي پسگردائيءَ واري ٻھراڙيءَ اچي وڃن ٿا. ان جي يونٽ نمبر 7 ۽ 8 ۾ مرڪزي بازارون واقع آھن. ھن تعلقي جي آبادي جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن تي مشتمل آهي ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي سنڌي ڳالهائيندڙ رھن ٿا.

نالو[سنواريو]

تاريخ 4 جنوري 1954ع تي گورنر جنرل ملڪ غلام محمد مھاجرن لاء لطيف آباد ڪالوني جو افتتاح ڪيو ھو[1]. لطيف آباد ڪالوني تي اھو نالو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي رکيو ويو ھو.

لطيف آباد جون يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

  1. يو سي لطيف آباد 1
  2. يو سي لطيف آباد 2
  3. يو سي لطيف آباد 3
  4. يو سي لطيف آباد 4
  5. يو سي لطيف آباد 5
  6. يو سي لطيف آباد 6
  7. يو سي لطيف آباد 7
  8. يو سي لطيف آباد 8
  9. يو سي لطيف آباد 9
  10. يو سي لطيف آباد 10
  11. يو سي لطيف آباد 11
  12. يو سي لطيف آباد 12
  13. يو سي لطيف آباد 13
  14. يو سي لطيف آباد 14
  15. يو سي لطيف آباد 15
  16. يو سي لطيف آباد 16
  17. يو سي لطيف آباد 17

ديھون[سنواريو]

لطيف آباد تعلقي ۾ ڪل 10 ديھون واقع آهن.

لطيف آباد تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 ٻوڙا ريئتي 2 گنجو ٽڪر 3 گدو بندر 4 گوندر
5 کاتڙ 6 لکي ڪيٽي 7 ملھ 8 مھراڻي
9 ميٽ خان 10 ناريجا

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪريو [18] [Pakistan Milestone, Chronology: March 1940 to August 2010; By Professor Muhammad Yusuf; 1st edition, 2011 ]}
  2. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]