ڪوٽڙي تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوٽڙي تعلقو
تعلقو ڪوٽڙي
تعلقو
Kotri
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
سنڌ جي نقشي ۾ ڄامشورو ضلعو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل
ڪوٽڙي تعلقو is located in سنڌ
ڪوٽڙي تعلقو
ڪوٽڙي تعلقو
ڪوٽڙي تعلقو is located in Pakistan
ڪوٽڙي تعلقو
ڪوٽڙي تعلقو
جاگرافي بيهڪ: Kotri Taluka 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39مڪانيت: Kotri Taluka 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E / 25.2; 68.39
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ڄامشورو
پکيڙ
 • ڪل 1,276 ڪ.م2 (493 ميل2)
بلندي 17 ميل (56 ft)
آبادي (2017)
 • ڪل 437,561

ڪوٽڙي تعلقو (انگريزي: Kotri Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام ڪوٽڙي شھر آھي. هن تعلقي جا وڏا شهر ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو آهن.

مردم نگاري[سنواريو]

ھن تعلقي جي پھرين مارچ 1998 ۾ آبادي 207574 ھئي جيڪا 15 مارچ 2017 واري آدمشماريءَ ۾ وڌي 437561 تي پھتي. تعلقي جي پکيڙ 1276 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان نسبتن سان آبادي جي گھاٽائي 342.9 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر ۾ رھندڙ آھن. 2017 ۾ شھري آبادي 293778 ۽ ٻھراڙيءَ جي آبادي 143783 ھئي.اھڙي طرح شھري آبادي 67.1 ۽ ٻھراڙيءَ واري آبادي 32.9 سيڪڙو ھئي. شھري آبادي ڪوٽڙي شھر ۽ ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي ۾ رھندڙ آھي[1].

تعليم[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ سنڌ جا وڏا نالي وارا تعليمي ادارا آھن جن ۾ سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي شامل آهن.ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ ڄامشورو ڪاليج آف نرسنگ شامل آهن.

ڄامشورو ڪاليج آف نرسنگ جو مونوگرام
سنڌ يونيورسٽي

صحت[سنواريو]

ھن تعلقي ۾ ڪوٽڙي شھر ۾ سول ھاسپيٽل، بھار ڪالوني ۾ گورنمينٽ چيسٽ ھاسپيٽل، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچنگ ھاسپيٽل واقع آھن جتي روز ھزارين ماڻھن جو علاج ٿئي ٿو.

يونين ڪاؤنسلون[سنواريو]

ڪوٽڙي تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
نمبر يونين ڪائونسلون آبادي (1998) آبادي (2017)
1 يو.سي.ڪوٽڙي(شھر)
2 يو.سي. نانگو لين(شھر)
3 يو.سي. حاجي مانجھو شورو(شھر)
4 يو.سي.سون ولھار I
5 يو.سي. سون ولھار II
6 يو.سي. سون ولھار III
7 يو.سي. الله بچايو شورو
8 يو.سي. ڄامشورو
9 يو.سي. موڙھو جبل
10 يو.سي. انڙپور (پيٽارو)

ديھون[سنواريو]

ڪوٽڙي تعلقي ۾ ڪل 26 ديھون واقع آهن.

تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 اَنڌِي جي ڪَسي 2 بڊا جاگير 3 بڊا ريئتي 4 ٻيلو گھگھ
5 ڇِٻ 6 ڊڀون 7 ڪانڌ وِنگو 8 ڪڙو کوھو
9 خانپور 10 ڪوٽڙي 11 مانجھو جاگير 12 مانجھو ريئتي
13 موڙھو جبل 14 مولاس 15 ننڍي بھڻي 16 پيٽارو جاگير
17 پيٽارو ريئتي 18 رَاھِڙ 19 رئلو 20 سالوئي
21 سون ولھار 22 تانگو 23 تڙبند 24 اکري ڪس
25 وِئِي 26 وڳڻ واڙي

حوالا[سنواريو]