مواد ڏانھن هلو

حيدرآباد ٻهراڙي تعلقو

(حيدرآباد ٻهراڙي کان چوريل)
حيدرآباد تعلقو
تعلقو حيدرآباد ٻھراڙيءَ
Taluka Hyderabad
حيدرآباد ضلعي جو نقشو
حيدرآباد ضلعي جو نقشو
حيدرآباد تعلقو is located in سنڌ
حيدرآباد تعلقو
حيدرآباد تعلقو
حيدرآباد تعلقو is located in Pakistan
حيدرآباد تعلقو
حيدرآباد تعلقو
جاگرافي بيهڪ: 25°24′36″N 68°28′44″E / 25.41000°N 68.47889°E / 25.41000; 68.47889
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو حيدرآباد ضلعو

حيدرآباد تعلقو(انگريزي: Hyderabad Taluka) يا حيدرآباد ٻھراڙيءَ وارو تعلقو (انگريزي: Hyderabad Rural Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي حيدرآباد جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام حيدرآباد، پاڪستان ۾ آھي[1] هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ اندازي مطابق 2 لک 84 هزار ھئي. ھن تعلقي ۾ کوڙ ننڍڙا شھر واقع آھن جن ۾ ھٽڙي، ٽنڊو قيصر، ٽنڊو ڄام، مسو ڀرڳڙي ۽ موسيٰ کٽياڻ شامل آهن.سنڌ جي سڀ کان وڏي زرعي يونيورسٽي پڻ ھن تعلقي ۾ ٽنڊي ڄام ۾ واقع آهي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جنم جو ھنڌ ڳوٺ ڀينءَ پور ھن تعلقي ۾ موجود آھي. مشھور صوفي شاعر محمد فقير کٽياڻ جي مزار ھن تعلقي جي ڳوٺ سليمان خان کٽياڻ ۽ محمود فقير کٽياڻ جي مزار ڳوٺ موسيٰ کٽياڻ ۾ واقع آھي.

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

حيدرآباد ٻھراڙيءَ ۾ 20 يونين ڪاؤنسلون آهن[1] .

يونين ڪائونسل نالو آبادي 2011 آبادي 2017
يو سي-1 ھٽڙي 29197
يو سي-2 مسو ڀرڳڙي 23841
يو سي-3 موسي کٽياڻ 28803
يو سي-4 سانوڻ خان گوپانگ 23494
يو سي-5 ٽنڊو قيصر 28289
يو سي-6 ٽنڊو حيدر 23441
يو سي-7 يو سي ھوسڙي 26841
يو سي-8 مولان 22362
يو سي-9 يو سي ٽنڊو فضل 27782
يو سي-10 يو سي سيري 23745
يو سي-11 يو سي ٽنڊو ڄام 26341

ديھون

[سنواريو]

حيدرآباد تعلقي ۾ ڪل 70 ديھون واقع آهن

حيدرآباد تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آبڙي 2اگھيماڻي3عالماڻي4عالڻي
5عاملپور6ٻاريچاڻي7بارھام8ڀنڊو جاگير
9ڀنڊو ريئتي10ڀنپور11بلوري12ٻوھڪي
13ٻوڇڪي جاگير14ٻوڇڪي ريئتي15بخشو لغاري16چاچا ڏيٿا
17چکي18ڏاچراپور19ڊالي ننڍي20ڊالي وڏي
21دمانچاڻي جاگير22دمانچاڻي ريئتي23ڳليون24گھوٽاڻا
25گجڻ26گل محمد ٺورڙو27ھاليپوٽا28ھٽڙي
29ھوتڪي30حسين خان ٺوڙو31ڪاجھر32ڪاٿڙي
33ڪاٺڙو34خانپوٽا35کنجيجاڻي36ڪنڙ
37لاشاري38ليار جاگير39ماٽي40مياڻو
41موھارو42مولڻ43موري جاگير44موري ريئتي
45ملڪي46ناريجاڻي47نورائي جاگير48نورائي ريئتي
49پنھواري50پاسائکي51پٽڀاري52پاٽوڙو
53رئيس54راھوڪي55راڄپري56رڪڻ پور
57سھتا58سنھوار59سيري جاگير60سيري ريئتي
61سپڪي جاگير62سپڪي ريئتي63سکپور64تڪيو جيوڻ شاھ جاگير
65تڪيو جيوڻ شاھ ريئتي66ٽنڊو فضل67ٽنڊو قيصر68ٿھيم
69ٿيٻا70وڍ

تاريخي ماڳ

[سنواريو]
  • مقبرو سيد مراد شاه، ٽنڊو قيصر

پوليس جو نظام

[سنواريو]

حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ سنڌ پوليس جي ٽنڊو ڄام سب ڊويزن ڪم ڪري ٿي، جنهن ۾ هيٺيان پوليس ٿاڻا آهن.

  1. ٽنڊو ڄام ٿاڻو
  2. هوسڙي ٿاڻو
  3. هٽڙي ٿاڻو

مشھور شخصيتون

[سنواريو]
  • محمد فقير کٽياڻ، صوفي شاعر
  • محمود فقير کٽياڻ، سرائڪي ٻوليءَ جو شاعر
  • سيد صالح محمد شاھ، ريڊيو ۽ ٽي وي جو مشھور صداڪار
  • آسي زميني، مشھور شاعر ۽ اديب
  • قيصر خان نظاماڻي، مشھور اداڪار ۽ ھدايتڪار
  • ميوو خان ڪليري، مشھور مرثيہ خوان ۽ راڳيندڙ

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Taluka Municipal Administration Hyderabad (Rural), اصل کان 10 ڊسمبر 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 سيپٽمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]