قاضي احمد تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قاضي احمد تعلقو
تعلقو قاضي احمد
تعلقو
Talku Qazi Ahmed
قاضي احمد تعلقو is located in Pakistan
قاضي احمد تعلقو
قاضي احمد تعلقو
قاضي احمد تعلقو is located in سنڌ
قاضي احمد تعلقو
قاضي احمد تعلقو
سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°18′N 68°06′E / 26.300°N 68.100°E / 26.300; 68.100مڪانيت: 26°18′N 68°06′E / 26.300°N 68.100°E / 26.300; 68.100
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو شھيد بينظيرآباد ضلعو
ڪل يونين ڪاؤنسلون 12
آبادي
 • ڪل 190,291,129


قاضي احمد تعلقو (انگريزي: Qazi Ahmed Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظيرآباد ڊويزن جي ضلعي شهيد بينظيرآباد جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام قاضي احمد شھر آھي.

قاضي احمد قومي شاهراهه جي وچ تي اڏيل شهر اڳ ۾ ڪنهن ٻئي نالي سان سڏبو هو ڪلھوڙن جي يا ميرن جي دور ۾ ھن شھر جو بزرگ ۽ درويش حضرت قاضي احمد قريشي ھتي قاضي جي منصب تي مقرر ٿيو[1]، جنھن کان پوءِ اھو شھر سندس نالي تي قاضي احمد نالي سان مشهور ٿيو. پھرين اھو شھر دولتپور تعلقي جو حصو ھيو بعد ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قاضي احمد کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو.

اھم شخصيتون[سنواريو]

روحاني توڙي طريقتي حوالي سان ھن شھر جي باني مباني حضرت قاضي احمد قريشي جي خاندان مان پير آف لواري شريف ۽ پير آف قاضي احمد پير محمد صادق قريشي نقشبندي جن ھتان جي اھم ۽ اعليٰ شخصيت آھن. جڏهن ته; سياسي حوالي سان ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي جان محمد ڏاهري خاندان جو اڄ تائين تمام گهڻو اثر رسوخ آهي. هن خاندان مان سردار گلڻ ڄام، سردار رضا محمد ڏاهري، سردار رضا محمد ڏاهري، رئيس مٺل خان ڏاهري، ڊاڪٽر بھادر ڏاهري، سردار خان محمد ڏاهري، ڊاڪٽر عاشق ڏاهري، سردار فقير رسول بخش، سردار ڄام تماچي، رئيس علي نواز انڙ، شير محمد انڙ، افتخار انڙ، اسماعيل ڏاهري، ڄام سيف الله خان انڙ، سيد مقبول شاھ، محمد حنيف چانڊيو ، غلام رباني ڏاهري، غلام مصطفي سومرو،، ڄام فيروز انڙ، بهار مري، رئيس علي نواز انڙ، علي محمد راهو، اي ڊي راهو، {عاقب راهو عرف عاقب شاه نوراني، جاويد سومرو، زاهد آرائين، عظيم انڙ ، علي دوست ملکاڻي، حاجي خان لاکو، ادبي حوالي سان پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، معشوق ڌاريجو، مرتضي شاهه، ڊاڪٽر خليل لاکو، ڊاڪٽر سرور خاصخيلي، شبير سيال،سردار علي گبول علي محمد راهو، شرجيل عبدالفتاح، شيطان فقير، عاجز ٻگهيو، ڊاڪٽر حافظ غلام محمد ڏاهري، مولانا ادريس ڏاهري، حڪيم غلام رسول لاکو، غلام عباس قادري، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، فيض جوکيو، مسڪين حاجي خان ملاح، ميان نور محمد ڪلهوڙو، غلام مصطفي ڏاهري، غلام محمد بگائي، اسلم لغاري، ايم ايس ڪورائي، مولائي ملاح ،شبن کوکر، مشهور راڳي عثمان فقير، امام بخش زرداري، غلام حسين زرداري، انور زرداري، لطيف چانڊيو، مولا بخش مري، اعجاز ماڇي، علي اڪبر ماڇي، شاهنواز خاصخيلي، پيرل شاهه، ڪامران چانڊيو، مشهور صحافي نبن شاھ، محبوب جوکيو، بھاول لاکو، عظيم انڙ، رجب جتوئي. يوسف رند، روشن سومرو، قادر بخش راهو ۽ ٻيا آهن.

تاريخي ماڳ[سنواريو]

آثار قديمه مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙو، ٺل مير رڪن، جتوئي جو مقبرو، قاضي احمد قريشي، دمائي ناز باغ موجود آهن. تعلقي اندر مشهور درگاهن ۾ جمن شاھ جهانيان، درگاھ پير شھمير، درگاھ فيض هاشمي، درگاھ حق مدينه، درگاھ پير نالي وڏو، درگاھ پير صادق، درگاھ صالح فقير لڳ کڙ، نانگوشاه موجود آهن

ٻيلا[سنواريو]

تعلقي قاضي احمد جي اولهه طرف ڪيٽي جمن شاھ، ثن جاڳر، ثن ريتي، سک پور ۾ تمام وڏا ٻيلا موجود هئا، جتي شڪار، سير ۽ تفريح ٿيندي هئي، پر بد قسمتي سان انهن ٻيلن کي ڪٽي جهنگلي جيوت ، قدرتي سونهن کي ختم ڪيو ويو آهي، هاڻي انهن ٻيلن واري زمين تي قبضا ڪري زمينون آباد ڪيون ويون آهن.

ثقافت[سنواريو]

ثقافتي ۽ تفريحي حوالي سان تعلقي اندر جهانيان جو ميلو، نانگي شاهه جو ميلو، پير شهمير جو ميلو، مير متارو ميلو، قاضي احمد جو باغ ڏسڻ وٽان آهن. نواب ولي محمد ويجهو خاص ڪري عورتن لاءِ ڳوٺ تاجر ٻگهيو وٽ ميان محمد سائين تي هر سال هڪ ڏينهن لاءِ ميلو لڳندو آهي، جمال شاهه جو ميلو، کوڙ سارن ڳوٺن ۾ بزرگن جا ڏهاڙا فقير علي جهانيان جو ڏهاڙو ڳوٺ باغ ماڻڪ ۾ ملهايو ويندو آهي. ميلن ۾ چوڏول سرڪس ملاکڙا، اهم هوندا آهن. تعلقي اندر ملهه پهلوانن ۾ نواب هوٿيپوٽو، عارف راهو، الهداد راهو، صالح هوٿيپوٽو، بوسڪي علي گل، حمزو رند مشهور رهيا آهن. مشهور اداڪار صديق پرهيار موسا ڪليم راهو. تعلقي دولت پور جا سگهڙ شيطان فقير، سومر خان چانڊيو، ميانداد چانڊيو، جعفر لاکو، علي گل ڀٽي ياسين جوکيو ۽ ٻيا آهن. مزاح جي حوالي سان آچر پاڪستاني تعلقي قاضي احمد جو مشهور ڪردار رهيو آهي.

ڳوٺ[سنواريو]

تعلقي جي اوڀر زرخيز زمينون ۽ ڳوٺ آباد آهن. اتر ۾ نواب ولي محمد، دولت پور، شاهپور جهانيان، آهن ڏکڻ ۾ سڪرنڊ شگر مل، مشائخ، سڪرنڊ آباد آهن. تعلقي جي مشهور ڳوٺن ۾ ڪوٽ ڄام ڪريم علي انڙ، بچل پور، اسماعيل ڀنڊ، جهونجهاڻ، ڳوٺ سردار علي گبول سعيد ڪنڊو، علي آباد،ڊٻائي راهو ڪريم آباد، سک پور، پٻجو، پير شهمير، دوڙ شاهه، کڙ، گلڻ ڄام ڏاهري، ماروجه، مٺا خان جوکيو، منهڙومقيم ڏاهري، سرڪاري کوهه، سن ساوڙي، هبيري،ماکنڊ، ڪاٺڙي،خوشحال خان ڏاھري، علي محمد ڏاھري، شيرپوريان، سارنگ ڏاھري، نبي بخش ڏاھري، صوڀو ڏاهري، چوٽيهه هزار موري، لونگ سومرو، احسان راهو، سوڍو خاصخيلي، عاقلاڻي راهو، ڪوٽ مقبول شاهه، بهادر چانڊيو، سونو چانڊيو، محمد چانڊيو، طوطي، ڪشور پور، عبدالرزاق سيٺر، مٺو ڏيٿو، باغ ماڻڪ ، قبول راهو، علي خان فج، سلطان راهو، نواب بهاول، حمل ڪلوئي، ماڪوڙو، پڊ، خارجاڻي ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ مشهور آهن.

معيشت[سنواريو]

صنعتي حوالي سان النور شگر مل شاهپور جهانيان، قاضي احمد ،دولت پور ويجهو، فٽين ٽاڻڻ جا ڪارخانا، نواب ولي محمد ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي بهه جي منڊي موجود آهي، زرعي جنسن جي واپار کانسواءِ قاضي احمد ۾ مال جي تمام وڏي پڙي هر خميس تي لڳندي آهي. قاضي احمد جي ملاحن جون رليون، لونگ سومرو جو ڀرت ، ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ عورتون پيش جو واڻ پڻ وٽين ٿيون.

صحت[سنواريو]

تعلقي اندر هڪ اسپتال، 2 آر-ايڇ-سي، 10 بنيادي مرڪز، لاتعداد گورنمينٽ ڊسپينسريون، ايم-سي-ايڇ سينٽر صحت جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن. قاضي احمد ۽ دولت پور ۾ ٽاما سينٽر، زير تعمير آهي. ان کانسواءِ ڪيتريون ئي ڊسپينسريون زيرِ تعمير آهن.

تعليم[سنواريو]

تعليم جي لحاظ کان قاضي احمد دولت پور ۾ ٻه ڊگري ڪاليج ڪيترائي هاءِ ، مڊل بوئز ۽ گرلس اسڪول، پرائمري بوائز ۽ گرلس اسڪول ۽ ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول تعليم ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته سردار مشتاق راهو جي تعاون سان جڙيل ٽي سي ايف پبلڪ اسڪول لائق راهو پڻ شامل آھي

يونين ڪائونسلون[سنواريو]

تعلقي جي ڪل آبادي، 297047 آهي، 12 يونين ڪائونسل ، قاضي احمد1، قاضي احمد2، احمد ٻگهيو، ٺٽ، سعيد ڪنڊو، هبيري، ساوڙي، منهڙو کڙ، شاهپور جهانيان، دولت پور ۽ مرزا باغ تي مشتمل آهي. هن تعلقي ۾ هيٺيون يونين ڪاؤنسلون آهن.

  1. قاضي احمد 1
  2. قاضي احمد 2
  3. احمد ٻگهيو
  4. ٺٺ
  5. سعيد ڪنڊو
  6. دولتپور
  7. شاھپور جھانيان
  8. کڙ
  9. ساوڙي
  10. سن
  11. منهڙو
  12. مرزا باغ
  13. هبيري

ديھون[سنواريو]

قاضي احمد تعلقي ۾ ڪل 65 ديھون واقع آهن.

قاضي احمد تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آباد ماکنڊ 2 احمد ٻگھيو 3 الله کائي 4 اميرجي
5 بمڀئي 6 بمڀئي جاگير 7 بيت سافان 8 ڀيلارو
9 بوگري 10 چاريوڙو 11 دولتپور 12 ديران
13 ڏم 14 ڊگھ 15 غيرآباد ماکنڊ 16 ھبيري
17 ھوٿيپوٽا 18 جاڙي 19 جارکويارو جاگير 20 جارکويارو ريئتي
21 جڳپال 22 جونيھان 23 ڪاڪا 24 ڪانڌڙي
25 ڪچو ٺٽ 26 ڪيٽي حسن شاھ 27 کمڀرو 28 کار
29 کرڙو 30 ڪنڊاھ ننڍو 31 ڪنڊاھ وڏو 32 کرجاڻي
33 ڪُنگو 34 ڪُنرو 35 مالواہ 36 مانھارو
37 مھراب وائي 38 مھراڙو 39 ميرمحمد جوڻو 40 مير رڪڻ
41 مرزا باغ 42 مرزاپور جاگير 1 43 مرزاپور جاگير 2 44 نورمحمد
45 اولاھي امير جي 46 پڊ 47 پٽ پيرل 48 ڦليلي
49 پبجو 50 قاضي احمد 51 راجا واھ 52 ھوٿيپوٽا 2
53 سعيد ڪانڌو 54 سرماڻ ڪنڊي 55 ساوڙي 56 سينڍل ڪمال
57 سيرچجا 58 شاھپور 59 سکپور 60 سن
61 ٽالھي 62 ٺٽ جاگير 1 63 ٺٽ جاگير 2 64 ٺٽ ريئتي
65 اتر ساوڙي

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:معارف حضرت قاضي احمد, مرتب: عبدالغفار سومرو
  2. resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]