مٽياري تعلقو
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
تعلقه مٽياري | |
---|---|
مٽياري | |
![]() پاڪستان جي نقشي ۾ مٿياري جو مقام | |
بيھڪ: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°Eمڪانيت: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | مٽياري ضلعو |
مٽياري تعلقو(انگريزي: Matiari Taluka) , پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جو ھڪ تعلقو جنھن جو صدر مقام مٽياري شھر آھي[1] ھن تعلقي ۾ واقع ننڍن شھرن جا نالا اڏيرولال اسٽيشن، اڏيرولال وليج، سيکاٽ، خيبراڻي، پليجاڻي ۽ شاھپور درپور آھن. ھتان جي معيشت زرعي آھي. ڪمند، ڪپھ ۽ ڪيلو جام ٿئي ٿو. ان کان سواءِ فاروان (ڦاروا) ۽ انب بہ ڪثرت سان ٿيندا آھن. مٽياري شھر کان ٿوري فاصلي تي مٽياري شگر مل واقع آهي، جيڪا ماڻھن جي روزگار جو ذريعو آهي.
تاريخ[سنواريو]
ھي علائقو صوفين جي سرزمين آھي. مٽياري جا سيد سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور آھن جن مان سيدن جو کوڙ شاخون سڄي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر ڦھليون جن مان وڏا نالي وارا بزرگ ۽ دانشور پيدا ٿيا . جي. ايم سيد جي خاندان يا سن جي سيدن جو بہ اصل تعلق مٽياري جي سيدن سان آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي بہ انھن جي شاخ مان پيدا ٿيو ھو.
حوالا[سنواريو]
- ↑ Tehsil Nazims & Naib Tehsil Nazims in the District of Matiari آرڪائيو ڪيا ويا 2012-03-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.