مواد ڏانھن هلو

مٽياري تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تعلقه مٽياري
تعلقو
مٽياري
مٽياري ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان مٽياري تعلقو
مٽياري ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان مٽياري تعلقو
تعلقه مٽياري is located in Pakistan
تعلقه مٽياري
تعلقه مٽياري
تعلقه مٽياري is located in سنڌ
تعلقه مٽياري
تعلقه مٽياري
سنڌ۽ پاڪستان ۾ مقام
متناسقات: 25°45′N 68°30′E / 25.750°N 68.500°E / 25.750; 68.500
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو مٽياري ضلعو

مٽياري تعلقو(انگريزي: Matiari Taluka) , پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جو ھڪ تعلقو جنھن جو صدر مقام مٽياري شھر آھي[1] ھن تعلقي ۾ واقع ننڍن شھرن جا نالا اڏيرولال اسٽيشن، اڏيرولال وليج، سيکاٽ، خيبراڻي، پليجاڻي ۽ شاھپور درپور آھن. ھتان جي معيشت زرعي آھي. ڪمند، ڪپھ ۽ ڪيلو جام ٿئي ٿو. ان کان سواءِ فاروان (ڦاروا) ۽ انب بہ ڪثرت سان ٿيندا آھن. مٽياري شھر کان ٿوري فاصلي تي مٽياري شگر مل واقع آهي، جيڪا ماڻھن جي روزگار جو ذريعو آهي.

تاريخ

[سنواريو]

ھي علائقو صوفين جي سرزمين آھي. مٽياري جا سيد سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور آھن جن مان سيدن جو کوڙ شاخون سڄي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر ڦھليون جن مان وڏا نالي وارا بزرگ ۽ دانشور پيدا ٿيا . جي. ايم سيد جي خاندان يا سن جي سيدن جو بہ اصل تعلق مٽياري جي سيدن سان آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي بہ انھن جي شاخ مان پيدا ٿيو ھو.

ديھون

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ مطابق مٽياري تعلقي ۾ ڪل 49 ديھون واقع آهن.

مٽياري تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1ابڙيجاڻي2آرائين3ٻاريچاڻي4بائوديرو
5ڀاڻوڪي6ننديرو7اڏيرولال8ڀورڪو
9 ٻھريون10ڇارائو11ڍانڍو12گڻنگ جاگير
13گڻنگ ريئتي14ھڪڙا15جھيڪي16جيئندل ڪوٽ
17جاکري جاگير18جاکري ريئتي19جاکري جويا20ڪيٽي
21کورکاڻي22کڏي23کيبراڻي24ڪوھيڪي
25لتڙيون26مري27مٽياري28مبارڪ واھ
29پليجاڻي30پنھوارڪي31پنو32پوراٺ
33ريڇل34سدري35سعيدپور36صاحب سمن
37ستار38سيکاٽ39شاھپور40سپڪي جاگير
41سپڪي ريئتي42سوھيڪي43سومرا44سلطان پور
45تاجپور46ٿاڻو47ٺوڙھا48ويسرو
49وساڻ

حوالا

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

Official website Edit this at Wikidata سانچو:Tehsils of Sindh