مواد ڏانھن هلو

خيرپور ناٿن شاه تعلقو

خيرپور ناٿن شاھ تعلقو
ڪي اين شاھ تعلقو
تعلقو
K.N.Shah
دادو ضلعي جي نقشي ۾ تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
دادو ضلعي جي نقشي ۾ تعلقو خيرپور ناٿن شاھ ڳاڙھي رنگ سان ڏيکاريل
خيرپور ناٿن شاھ تعلقو is located in سنڌ
خيرپور ناٿن شاھ تعلقو
خيرپور ناٿن شاھ تعلقو
خيرپور ناٿن شاھ تعلقو is located in Pakistan
خيرپور ناٿن شاھ تعلقو
خيرپور ناٿن شاھ تعلقو
متناسقات: Khairpur Nathan Shah Taluka 27°03′N 67°26′E / 27.05°N 67.44°E / 27.05; 67.44
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو دادو
حڪومت
  صوبائي اسيمبلي جو ميمبر عزيز جوڻيجو


خيرپور ناٿن شاه تعلقو(انگريزي: Taluka Khairpur Nathan Shah) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو ضلعي دادو جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام خيرپور ناٿن شاھ شھر آھي. ان جو نالو ناٿن شاھ نالي پير تان پيو جنھن جو مقبرو اتي واقع آهي جتي ان جي عرس جي ڏينهن ميلو لڳندو آھي. ھن تعلقي جا مکيہ ننڍا شھر ڪڪڙ، گوزو، سيتا، خانپور جوڻيجو، چوکنڊي آھن. شهرخيرپور ناٿن شاه شهر ضلعي دادو جو ٻيون نمبر وڏو تعلقو به آهي.[1][2]هن جي اوله ۾ صوبو بلوچستان آهي، اتر ۾ تعلقو ميهڙ ۽ ضلعي قمبر-شهداد ڪوٽ جو تعلقو قمبر آهي. ڏکڻ ۾ تعلقو جوهي ۽ اوڀر ۾ تعلقو ميهڙ ۽ سنڌ درياھ آهي.

ديھون

[سنواريو]

خيرپور ناٿن شاھ تعلقي م ڪل 94 ديھون واقع آهن.

خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جون ديھون[3]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1آباد جاگير2آھوري جاگير3آھوري ريئتي4آخر ناڙي
5بھادرپور6بئد7باليندرا جاگير8باليندرا ريئتي
9ڀنڀيون10بواڻ11بيگوديرو12ڀڳڻا
13ڀنگر14ٻوڙي 115ٻوڙي 216ٻورڙي
17بُگَ18ٻرڙا جاگير19ٻرڙا ريئتي20ٻُٽڙا
21ڇنڊڻ22ڇڄاپور جاگير23ڇڄاپور ريئتي24چوکنڊي
25ڏنگر26ڌڱاڻو27ڊوگر28ڊرٻ تولان
29درمحمد30فتح پور31ڦيکراٽو32گاٻڙجي
33ڳچل34گاڏھي35گھارو36ڳجھاپور جاگير
37ڳجھاپور ريئتي38گوزو39عيسو ماڇي40عيسو ناريجو جاگير
41عيسو ناريجو ريئتي42جکرو43ڪَڪَڙ44ڪنڊي چکي
45ڪڙيو غلام الله46ڪڙيو مٺو زنگيجو جاگير47ڪڙيو مٺو زنگيجو ريئتي48کڏھڙ
49خيرپور جاگير50کنڀھڻ نانگڻ51خانپور52کرڙو ڪنارو
53کاٽ لشڪر54کاٿڙي55کربي 156کربي 2
57کوھ مصري58ڪور ٻڍو59ڪور حسين60ڪرڪٽ جاگير
61ڪرڪٽ ريئتي62لاڏو ديرو63ماڏو جاگير64ماڏو ريئتي
65ماھا66مکي سروي67مکي غيرسروي68مالام 1
69مالام 270ماڙي71ميرمحمد72ميرو ڪلھوڙو
73پئي74پئي جيھو75پسيا76قمبر جاگير
77قمبر ريئتي78قومي چارو79راھوجا80رپ
81رپ ڪائنچي82ريڊي سروي ٿيل83ريڍي اڻسروي ٿيل84سالاري 1
85سالاري 286سالاري 387سالاري 488سالاري 5
89سير آباد90شيھ ويڙھو91سکپور92ٿلھو
93وائجي94وسائي

مشھور شخصيتون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]