مواد ڏانھن هلو

بلڙي شاھ ڪريم تعلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو
تعلقو
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي تعلقو پڻ واقع آهي
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي تعلقو پڻ واقع آهي
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو is located in سنڌ
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو is located in Pakistan
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو
بلڙي شاھ ڪريم تعلقو
متناسقات: Shah Karim 25°00′N 68°19′E / 25.0°N 68.32°E / 25.0; 68.32
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
آبادي
  ڪل 1,65،283

بلڙي شاھ ڪريم تعلقو(انگريزي: Bulri Shah Karim Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هڪ تعلقو آهي جنھن جو صدر مقام بلڙي شاھ ڪريم شھر آھي. ھن شھر جو نالو سنڌ جي مشھور بزرگ ۽ شاعر شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي نالي تان پيو جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڏاڏو ھيو.

جاگرافي

[سنواريو]

ھي تعلقو ٽنڊو محمد خان ضلعي جو پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو تعلقو آهي. ان جي اتر ۾ حيدرآباد ضلعو، اتر اولھ ۾ ٺٽو ضلعو جتي ٻنھي جي حد تي سنڌو ندي واقع آهي.اولھ ۾ سجاول ضلعو، ڏکڻ ۾ بدين ضلعو، اوڀر ۾ ٽنڊو محمد خان تعلقو ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقو واقع آهن.

آبادي

[سنواريو]

هن تعلقي جي آبادي 2011 ۾ انداز مطابق پوڻا ٻه لک ھئي. 2017ع جي آدمشماري مطابق ھن تعلقي جي آبادي 2,36,913 ھئي جنھن مان 2,30,531 ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙ ۽ 6,382 شھري ھئي[1].

ديھون

[سنواريو]

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ مطابق بلڙي شاھ ڪريم تعلقي م 78 ديھون واقع آهن. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ مطابق انھن جو ڪل تعداد 76 آھي. ديھ صديق پور ۽ ديھ آبڙي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي رڪارڊ م ظاهر آھن پر سنڌ بورڊ آف روينيو ٻنھي ديھن کي ھن تعلقي ۾ ظاھر نہ ٿو ڪري.

بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جون ديھون[2]
سرڪل تپو ديھون ايراضي
(ايڪڙ)
1. بلڙي سرڪل1. بلڙي تپو1.بلڙي2779.03
2.کياري3117.19
3.بھرام پور [3] يا بھرانپور[4]2503.27
4.پکيارڪي3090.13
2.رائن تپو1.رائن 6210.37
2. ڪنڊڙ 6025
3.اميد علي جت3894.23
4.ساندڪي2512.23
3. ڪينجھر تپو1.ڪينجھر6400.37
2.لوڻليلو 2421.16
3.اميرڪي 4348.25
4.شورڪي 9421.03
4. علو ڪاتيار تپو1.علو ڪاتيار2655.07
2.قاناداڻي 3142.25
3.ڍاٽ 3062.34
4. ڪاٺوڙ 2277.14
5.عبدو مھيندو 3131.05
5 ڍانڊي تپو1.ڍانڊي 1970.04
2. خلاصي 1296.26
3.سومرڪي1323.09
4.دادوڻڪي1862.09
5.ڀاھيرا1804.32
6.آريپوٽا2536.06
6.کيرسر1. کيرسر1917.19
2.سميجاڻي2564.13
3.ڇوڙڪي جاگير 3622.21
4.خالصو194.13
5. ڇاڙي1483.15
2.سعيدپور سرڪل1.سعيدپور تپو1.سعيدپور3311
2.دودي2915.01
3. ديگي 3626
4.پاکڙو2829
5.بيھراڻ 2741
6.ڄامڙڪي1222
7. پٽڳاھي 3956.09
2.علي پور تپو1. علي پور2483.15
2. قبولپور 22359.35
3.سومرا2242.03
4.ريئتي شورو2857.19
5. سونھاري2892.23
3.ملاڪاتيار تپو1.ڪاتيار2006.28
2.کوکر2166.18
3.ڪامارو2176.21
4.ٽِکَڙ2808.23
4.ميران پور تپو1.ميران پور1416.39
2.ھيران جاگير 3127.22
3.پيرواھ 2288.04
4. سميپوٽاڻي 1707.03
5. ٻارچاڻي تپو1.ٻارچاڻي2525.04
2.حاجي پور2592.28
3.ڍنڊابو2776.04
4. ڪاس3533
3.لال محموداڻي سرڪل1.لال محموداڻي تپو1.سورجاني2776.17
2.کاڍو 1357.04
3. ھومڪي 2574.25
4.ڏھرڪي2933.29
2. دينپور تپو1.دينپور2918.17
2.کوسڪي4081.23
3.سھراڻي5401.25
4. ڪولاب ريئتي 1432.24
3. جادو لغاري تپو1. جادو لغاري 2505.27
2.لڌاڻ1172.16
3. ڪمب3206.12
4. جلالاڻي 2030.07
4.ناڪرجي تپو1.ناڪرجي 4263.18
2.سن2316.25
3. گھنگھياري 1994.36
4.ڀنبري1645.18
5. قبولپور تپو1.قبولپور3222.35
2.آباد3189.02
3.صديق پور*2055.26
4. آبڙي*2926.33
5.فتح پور7474.04
6. چئوديرو تپو1. چئوديرو2550.26
2.ڀلال2228.28
3. ساٺيار1863.04
4.دولتپور691.07
5.نارڪي2793.20

يونين ڪاؤنسلون

[سنواريو]

شاه ڪريم تعلقي ۾ 5 يونين ڪا‏ؤنسلون آهن.

'شاه ڪريم تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون ۽ آبادي
يونين ڪاؤنسل آبادي (2011) آبادي (2017)
1بلڙي شاه ڪريم؟[5]
2الهيار تُرڪ33,022
3سعيد متو29,909
4جِنهاڻ سومرو35,350
5ملاڪاتيار36,192
6سعيدپور30,810
ڪل1,65,283

حوالا

[سنواريو]

{{حوالا|2}

  1. › sindhPDFWeb resultstando muhammad khan summary - DISTRICT AND TEHSIL LEVEL ...
  2. [ http://web.ndma.gov.pk آرڪائيو ڪيا ويا 2021-04-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. › De...PDFDevelopment Profile District Tando Muhammad Khan]
  3. {نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي مطابق}
  4. {سنڌ بورڊ آف روينيو مطابق}
  5. {تصديق جي ضرورت آھي}