مواد ڏانھن هلو

نيرون ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندو راجائن جي راڄ ۾ هت به، ٻين وڏن شهرن وانگر، هڪڙو قلعو هوندو هو، جنهن کي ڪافر قلعو ڪري ٿا سڏين نيرون ڪوٽ درياھ جي ڪناري تي واقع هو، پر دريا ان جي اڀرندي کان وهندو هو. اها خبر ڪانه آهي ته هن شهر جي بنياد ڪڏهن پيئي. پر چند تاريخ جي ڪتابن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اتي نيرون سمني نالي راجا راڄ ڪندو هو، ان جي پٺيان هن شهر جو نالو پيو. فتحنامي ۾ آيل آهي ته جنهن ٽڪريءَ تي هي قلعو ٻڌايل هو، ان جو نالو نيرون هو، ان ڪري هن کي نيرون ٽڪريءَ وارو قلعو _(قلع نيرون) سڏبو هو. ان بعد هي قلعو مقامي طور (نيرون ڪوٽ) جي نالي سان مشهور ٿيو. هي ديبل کان 25 فرسخ، يعني اٽڪل 75 ميلن جي مفاصلي تي هو. مسلمانن جي اچڻ کان اڳ هن شهر جو حاڪم به هڪ سمني هو. ڪتابن مان هي به ظاهر آهي ته هي صاحب ٻڌ ڌرم جو پرچارڪ هو. جڏهن هندن جو راءِ گهراڻو سنڌ جي حڪومت تي فائز هو ته هي شهر ديبل، لوهاڻا, لاکا ۽ سما وانگر برهمڻ آباد جو باجگذار هو. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته، "اصل هندو راجائن جي راڄ ۾ نيرون سمني نالي اتي حاڪم هوندو هو ۽ اتي به هڪڙو ڪوٽ هوندو هو. جڏهين محمد بن قاسم آيو. تڏهين هنن قلعي جا در کولي هن کي ڏنا ۽ معافي ملين. نيرون ڪوٽ درياهه جي ڪناري تي هو، پر درياهه ان جي اڀرندي کان وهندو هو. سنه 1182ھ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نئون قلعو اتي جوڙايو، جو اڃا قائم آهي. اڳي اتي فقط هڪڙو ڳوٺ هو، پوءِ وڏو شهر ٿيو. نئين ٻڌل شهر جو نالو حيدرآباد رکيو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ اهو شهر سنڌ جو تخت گاهه ٿيو. آسپاس ٽڪرين تي اڃا تائين گهڻن بزرگن جون قبرون رهيل آهن، جن مان هڪڙي شيخ محمد مڪيءَ جي آهي. جنهن جو قبو شهر جي اُلهندي ڏي مٽيءَ جي ڪوٽ اندر آهي. جو پڻ ميان غلام شاهه وڏي ڪوٽ جي حفاظت لاءِ ٺهرايو هو. اهو شيخ عربن جي فتح ٿيڻ کان پوءِ اتي حاڪم ڪري رکيو ويو هو. وڏن اوليائن مان شمار ڪيل آهي. شهر جي ڏکڻ ڏي گنجو ٽڪر آهي. جنهن تي گهڻا نامور ماڻهو دفن ٿيل آهن."[1]ڪيترن ڏاهن گنجي ٽڪر ۽ سندس ڀرپاسي جي کوجن کان پوءِ اُتان قبرن مان لڌل لاش، ماپيل مفاصلن، چراگاهه، تلاءَ ۽ درياهه جي موجودگي کان سواءِ ٽڪري تي کنڊرن جي نشانن ۽ ٽُٽل ڪوٽ جي ڍير لهڻ بعد، تاريخ جي صفحن تي انهيءَ هنڌ تي نيرون جو ڪوٽ جوڙي بيهاريو آهي، جتي اڄ حيدرآباد جو پراڻو شهر آباد آهي. ’تاريخ ريگستان‘ ۾ رائيچند چواڻي: ”نيرون ڪوٽ 400 ق. م ۾ هندن جو قلعو هو. “ محب الله بکري ’مختصر تاريخ‘ (قلعي نسخو) ۾ لکي ٿو: ”نيرون شهر جو بنياد نبوت ۽ هجرت جي وچواري پنجين سال پيو هو.“ هڪ روايت موجب جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ نيرون يا نيروڻ نالي هڪ هندو راجا راڄ ڪندو هو، ان زماني ۾ عربستان ۾ خلافت راشديه مان حضرت علي ڪرم الله وجه جي خلافت جو دؤر هو. حضرت علي رضه سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ هڪ لشڪر به موڪليو هو. ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع لکيو آهي: ” حضرت علي رضه جي زماني ۾ مسلمانن جي فوج خشڪي رستي سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. وچ ۾ جابلو علائقن ۾ دشمن مقابلو ڪيو، پر مسلمان نعرا هڻندا ڌوڪيندا اڳتي وڌندا رهيا.“ ’فتحنامه‘ مان ظاهر آهي، ته نيرون ڪوٽ جو قلعو اسلام کان اڳ يعني سنڌ جي راءِ خاندان جي حڪومتي دور ۾ به موجود هو. ’تاريخ سنڌ‘ ۾ اعجاز الحق قدوسي ٻڌائي ٿو: ” راجا سهيرس پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهايو هو، جنهن ۾ هن صوبيدار مقرر ڪيا هئا. (1) برهمڻ آباد جو صوبو: جنهن ۾ نيرون، ديبل، لوهاڻا، لاک ۽ سما شامل هئا؛ (2) سيوستاني صوبو: هن ۾ جنڪارن، رونجهاڻ ۽ ڪوهه پايه کان وٺي مڪران جي سرحد جو علائقو شامل هو؛ (3) اسڪلنده صوبو: جنهن ۾ ڀاٽيا، تلواڙ، چچ پور ۽ ديوهه پور جي ڪجهه زمين هئي؛ ۽ (4) ملتان صوبو: هڪه، برهم پور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيد کان وٺي ڪشمير تائين ڦهليل هو. ’چچ نامي‘ ۾ نيرون ڪوٽ جو ذڪر هن ريت آهي، ته بديل (ابن طنبه البجلي) ٽي سئو جنگي جوانن سان روانو ٿيو. عبدالله پاڻ ان سان عمان جو سمنڊ ٽپي اچي ديبل جي قلعي وٽ پهتو..... جيسينه بن ڏاهر نيرون ۾ هو.... ڏاهر، جيسينه کي چار هزار سوار اُٺ ۽ هاٿي ڏيئي جلد روانو ڪيو، جيڪو اچي بديل جي سامهون ٿيو. عبدالرحمان بن عبدربه کان روايت آڻين ٿا، ته جڏهن بديل قتل ٿيو، تڏهن ڪوٽ نيرون جا ماڻهو اچي ڊنا، ته عرب جو لشڪر هن ظلم جي بدلي وٺڻ لاءِ ضرور ايندو ۽ اسين سندن لنگهه تي آهيون..... انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم سُندر نالي هڪ شمني هو.... هن ڏاهر کي اطلاع کان سواءِ پنهنجا معتبر ماڻهو حجاج جي خدمت ۾ موڪلي امان نامو گهُريو ۽ پاڻ تي ڍل مقرر ڪئي. امير حجاج انهن کي امان جو پروانو لکي ٿو. محمد بن قاسم لشڪر سان منزلون ڪاٽي اچي قلعي وٽ پهتو، جيڪو نيرون ٽڪري تي آهي. ان جي ويجهو هڪ تلاءُ آهي، جنهن جو پاڻي عاشقن جي اکين کان وڌيڪ صاف، جنهن جا چراگاهه ارم باغ کان وڌيڪ وڻندڙ آهن.... سپاهي خريد فروخت لاءِ قلعي ۾ ويا..... ٻئي ڏينهن تي محمد بن قاسم گهوڙي تي سوار ٿي مکيه شخصن سان گڏجي قلعي ۾ آيو ۽ بتڪده جي جاءِ تي مسجد ٺهرائي، ان ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين. محمد بن قاسم جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي، جو هن هر منزل ۽ موقعي تي پنهنجي مربي ۽ محسن حجاج بن يوسف کان مشورو پئي ورتو. محمد بن قاسم جڏهن نيرون پهتو ته حجاج بن يوسف هن ڏي لکيو: ”تون نيرون جي ماڻهن سان مهرباني سان پيش اچ ۽ هر طرف انهن جي ڀلائي جي ڪوشش ڪر ۽ انهن کي اسان جي سرپرستي جي اميد ڏيار، جيڪو توکان امن گهري اُن کي امن ڏي، جيڪي معززين ۽ اڪابر تو وٽ اچن، انهن کي خلعت ۽ انعام اڪرام سان نواز، انهن جي مرتبي مطابق مدارت ڪر، عقل ۽ دانا کي پنهنجو رهبر بڻاءِ، جنهن سان واعدو ڪري ان کي پورو ڪر، جيئن امير ۽ اڪابر تنهنجي واعدي تي ويساهه ڪن.“ مشهور جاگرافي نويس علامه ابن حوقل، جيڪو 350ھ ۾ سنڌ ۾ آيو هو، تنهن جيڪو سنڌ جو نقشو ڏنو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته نيرون شهر، ديبل ۽ منصوره جي وچ ۾ آهي. ’چچ نامي‘ ۾ مختلف هنڌن تي ذڪر مان نيرون ڪوٽ جي ڪيفيت ظاهر ٿئي ٿي، اها الادريسي جي ٺاهيل نقشي مطابق آهي. هن عرب جاگرافيدان سنڌو جو وهڪرو مناسب ڏيکاريو آهي. پر سندس غلطي اها آهي، ته هن منصوره کي سنڌو جي کٻي وهڪري جي ساڄي پاسي بلڪل ڪناري مٿان ڏيکاريو آهي. ايلفنسٽن پنهنجي لکت ۾ ڄاڻائي ٿو: ”نيرون ڪوٽ منصوره کان پنجيتاليهه ميل پري بيٺل هو ۽ تاريخ نويس هن ڳالهه تي متفق آهن، ته نيرون ڪوٽ بيشڪ هاڻوڪو حيدرآباد آهي.“ ايلفنسٽن پنهنجي لکت ۾ ڄاڻائي ٿو: ”نيرون ڪوٽ منصوره کان پنجيتاليهه ميل پري بيٺل هو ۽ تاريخ نويس هن ڳالهه تي متفق آهن، ته نيرون ڪوٽ بيشڪ هاڻوڪو حيدرآباد آهي.“ .[2] سن 92ھ : 71ع ۾ جهن سرانديپ _(سلون) سريلنڪا جي راجا جا دمشق ۽ عراق جي درٻارين ڏانهن موڪليل تحفا ديبل بندر وٽ ڦرجي ويا ۽ حجاج بن يوسف واليءِ عراق جي خط موڪلڻ تي به راجا ڏاهر چور هٿ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن حجاج بن يوسف بديل کي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ موڪليو. هو صاحب سمنڊ رستي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي نيرون ۾ منزل انداز ٿيو. هن کي هارون واليءَ مڪران وٽان به ٽن هزار سپاھ جي ڪمڪ ملي. ان بعد بديل ديبل تي ڪاهيو، پر ڏاهر جي پٽ جئسين هٿان شڪست کاڌائين ۽ مارجي ويو. انهيءَ وقت نيرون جو حاڪم به هڪ سمني هو، جو بانيءِ نيرون سمنيءَ جي اولاد مان پيو ڀائنجي. هن سمني ڊپ وچانن حجاج کان خط ذريعي معافي ورتي، جا ان کي ملي. پر پوءِ جلد ئي حجاج غازي محمد بن قاسم کي سنڌ وٺڻ لاءِ موڪليو. 93ھ : 711ع ۾ جڏهن ابنِ قاسم ديبل ورتو، تڏهن ديبل جو حاڪم ڀڄي اچي نيرون ۾ جئسين وٽ رهيو.. جئسين، ڏاه جي حڪم تي، سمنيءَ کي نيرون ۾ ڇڏي، پاڻ برهمڻ آباد ڏانهن رخ رکيو ۽ اتي جي نظام کي مضبوط ڪيائين. محمد بن قاسم ديبل هٿ ڪري، پنهنجي ساز سامان سوڌو نيرون ڏانهن رخ ڪيو. پر سمني ڪوٽ جا دروازا کولي اچي پيش پيو ۽ نذرانا به خدمت ۾ آندائين. محمد بن قاسم قلعو ورتو ۽ اتي پنهنجو نائب مقرر ڪري، هڪ مرڪزي مقام تي مسجد ٺهرائي، شهر لاءِ امام مقرر ڪري، پاڻ سيوستان طرف راغب ٿيو. سيوستان سر ڪري، وري به حجاج جي حڪم مطابق اچي نيرون ۾ مقيم ٿيو ۽ سمني سندس خدمت ۾ چڱا فرض بجا آندا. محمد بن قاسم حجاج جي مشوري سان، سمنيءَ جي آبرو جي خلعت به بخشي، ۽ نيرون جو حاڪم به مقرر ڪيائين، ان لاءِ ته مسلمانن جي لشڪر کي رسد ۽ رسائل پهچندو رهي. برهمڻ آباد وٺڻ بعد محمد بن قاسم وري نيرون ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ اتي هڪ نظم و نسق واري شهر جي سٽا ڪئي، ۽ ٺاھ جوڙ به ڪئي. ابن حوقل جڏهن سنڌ ۾ آيو ته هن ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ عربن جون مکيه بيٺڪون منصوره،n ملتان، ديبل ۽ نيرون ۾ هيون، ۽ اتي جامع مسجدون به ٺهيل هيون.

سنڌ جي قديم ۽ متواتر روايات مطابق، موجوده حيدرآباد جو شهر نيرون جي قديم بستيءِ تي آباد ڪيل آهي. محب الله بکريءَ پنهنجي مختصر تاريخ (قلمي) جي ٻئي باب ۾ لکيو آهي ته ”حيدرآباد دراصل نيرون جي نالي سان مشهور آهي. شهر جو بنياد نبوت ۽ هجرت جي درمياني عرصي ۾، پنجين سالن رکيو ويو. پوءِ هالن جي فتح کان پوءِ هي شهر حيدرآباد جي نالي سان مشهور ٿيو، ڇوته حيدر قلي (شايد ارغون) هن شهر کي ازسر نو تعمير ڪرايو.“ هت محب الله جي بيان جو آخرين حصو درست نه آهي، ڇوته هن شهر جو نالو ”حيدرآباد“ سنڌ جي ڪلهوڙي حڪمران ميان غلام شاھ، 1182ھ : 1768ع ۾، جڏهن هن صاحب حيدرآباد جو موجوده قلعو تعمير ڪرايو، رکيو هو. قلعي ڪي سنگِ تڪميل تي عربيءَ جي هي سٽ ڪُنده آهي : ”يارب اجعل هذا البلد آمنا“، جنهن مان ابجد طور 1182 سال نڪري ٿو. ڪوٽ جي تعمير مڪمل ٿيڻ کان هڪ سال پوءِ، يعني 1183ھ : 1769ع ۾، جنهن سال ميان غلام شاھ ڪلهوڙي سابق نيرون ڪوٽ ۾ اچي قدم رکيو ۽ ان کي ”حيدرآباد“ جو نالو ڏئي سنڌ جي گادي مقرر ڪئي، ته نيرون ڪوٽ جوحليو هٿ ڦري ”حيدرآباد“ جي قالب ۾ آيو.

حيدرآباد شهر جي لطيف آباد واري حصي سان لڳ گنجو ٽڪر ۡڪَر کنيو بيٺو آهي. جو سنياسين، سيارن ۽ الله وارن جو مقام هو. شاھ ڀٽائي رحه به هن کي سر کاهوڙيءَ ۾ ڏاڍو ساراهيو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ