مواد ڏانھن هلو

قديم آثار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسپين ۾ هڪ آثار قديمه واري هنڌ، اٽاپيورڪا ۾ کوٽايون

آثار قديمه جو مطالعو (Archaeology) انساني سرگرمين جو مطالعو آهي، جيڪا مادي ثقافتن جي بحالي ۽ تجزيي ذريعي ڪيو ويندو آهي. آثار قديمه واري رڪارڊ ۾ نوادرات، فن تعمير، حياتياتي يا ماحولياتي نمونا ۽ ثقافتي لينڊاسڪيپ شامل آهن. آثار قديمه کي ٻئين نظمن، سماجي سائنس ۽ بشريات جي هڪ شاخ سمجهي سگهجي ٿو.[1][2][3] ان کي عام طور تي هڪ آزاد تعليم جو ميدان سمجهيو ويندو آهي، پر اها علم الانسان، تاريخ يا جاگرافي جي حصي طور تي پڻ درجه بندي ڪيو ويندو آهي.[4] هن تعليمي نظم ۾ ماضي بابت وڌيڪ سکڻ لاءِ سروي، کوٽائي ۽ آخرڪار گڏ ڪيل ڊيٽا جو تجزيو شامل آهي. وسيع دائري ۾، آثار قديمه ٻين النظمياتي تحقيق تي ڀاڙي ٿو.

قديم آثار (Archaeological sites) زماني جي لاهين چاڙهين جو شڪار ٿيل وسندين، ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ کنڊرن کي سڏيو وڃي ٿو. هن جي مطالعي ۾ قديم آثارن جي آڌار تي منظم تحقيق ڪري قديم ماڻهن ۽ انهن جي سماجي حيثيت جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، هن علم لاءِ خاص طور تي ماڳن جي کوٽائيءَ مان لڌل شين ۽ لکتن جو خصوصي طور تي مطالعو ڪيو ويندو آهي.

آثار قديمه جا ماهر پراگيتاريڪ دور جي انساني تاريخ ۽ پوء جي انساني تاريخ (اوڀر آفريڪا ۾ لومڪوي ۾ 33 لک سال اڳ جي پهرين پٿر جي اوزارن جي ترقي کان وٺي تازن ڏهاڪن جي تاريخ) جو مطالعو ڪن ٿا. [5] آثار قديمه پيليونٽولوجي، فوسل باقيات جي مطالعي، کان مختلف آهي. قديم آثار جو مطالعو خاص طور تي قبل از تاريخ سماجن بابت سکڻ لاءِ، جن لاءِ، تعريف جي لحاظ کان، ڪو به لکيل رڪارڊ موجود ناهي، اهم آهي. قديم آثار جي مطالعي ۾ انساني ماضي جو 99 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو، قديم پٿر جي دور (Paleolithic) کان وٺي دنيا جي سماجن ۾ خواندگي جي آمد تائين، شامل آهي. قديم آثار جي مطالعي جا مختلف مقصد آهن، جيڪي ثقافت جي تاريخ کي سمجهڻ کان وٺي ماضي جي زندگي گذارڻ جي طريقن جي تعمير نو کان وقت سان گڏ انساني سماجن ۾ تبديلين کي دستاويز ڪرڻ ۽ وضاحت ڪرڻ تائين آهن.[6] يوناني مان نڪتل اصطلاح، آرڪائيولاجي جو مطلب "قديم تاريخ جو مطالعو" آهي.[7]

آثار قديم جو مطالعو 19هين صدي دوران يورپ ۾ قديم آثارن جي نوادرات کي گڏ ڪرڻ جي شوق مان ترقي ڪيو ۽ هن وقت کان دنيا ۾ رائج ٻيئن تعليمي نظمن سان گڏ هڪ بڻجي چڪو آهي. آثار قديمه کي قومي رياستن پاران ماضي جي لاڳاپيل خاص نظرين کي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.[8][9] ان جي شروعات کان وٺي، آثار قديم جي مطالعي جا مختلف مخصوص ذيلي شعبا ترقي ڪيا آهن، جن ۾ سامونڊي آثار قديمه، نسائي آثار قديمه ۽ فلڪياتي آثار قديمه جو مطالعو شامل آهن ۽ آثار قديمه جي جاچ ۾ مدد لاءِ ڪيتريون ئي مختلف سائنسي تيڪنڪون اختيار ڪيون ويون آهن. تنهن هوندي به، اڄ، آثار قديمه جا ماهر ڪيترن ئي مسئلن، جهڙوڪ آثار قديمه جا جعلي نوادرات (Pseudoarchaeology),[10][11] آثار ثار قديمه جي ڦرلٽ، عوامي دلچسپي جي کوٽ ۽ انساني باقيات جي کوٽائي جي مخالفت، کي منهن ڏين ٿا.

سنڌو ماٿريءَ جا قديم آثار

[سنواريو]

سنڌو ماٿريءَ جو مورثي سرمايو به انهن دڙن ۽ ڀڙن ۾ پوريل آهي، جن مان ڪي ٿورا کوٽائيءَ جي ڪري نڪري نروار ٿيا آهن. اها کنڊر ۽ دڙا سڄي سنڌ بلڪ سنڌو ماٿري ۾ پکڙيل آهن، جن ۾ مهرڳڙھه، موهن جو دڙو، هڙپا، چانهونءَ جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، آمري جا آثار، رني ڪوٽ، جهڪر جو دڙو، سيوهڻ جو قلعو، ڀنڀور، ديبل، ٺل رڪڻ، ٺل ڏيپر، گهانگهر جا دڙا، منصوره، ڌونرا هنڱورا، شاھه بندر، وغيره اچي وڃن ٿا.[12]

موئن جو دڙو جا موجوده آثار سنڌ، پاڪستان

حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Renfrew_Bahn1991
  2. Sinclair, A. (2016). "The Intellectual Base of Archaeological Research 2004–2013: A visualisation and analysis of its disciplinary links, networks of authors, and conceptual language". Internet Archaeology (42). doi:10.11141/ia.42.8. 
  3. Sinclair, A. (2022). "Archaeological Research 2014 to 2021: an examination of its intellectual base, collaborative networks and conceptual language using science maps". Internet Archaeology (59). doi:10.11141/ia.59.10. 
  4. Kristiansen, Kristian (2009). "The Discipline of Archaeology". The Oxford Handbook of Archaeology. Oxford University Press. ISBN 978-0-19-174344-3. https://academic.oup.com/edited-volume/27983/chapter-abstract/211656821. 
  5. Roche, Hélène; Kent, Dennis V.; Kirwa, Christopher; Lokorodi, Sammy; Wright, James D.; Mortlock, Richard A.; Leakey, Louise; Brugal, Jean-Philip et al. (May 2015). "3.3 million-year-old stone tools from Lomekwi 3, West Turkana, Kenya". Nature 521 (7552): 310–315. doi:10.1038/nature14464. ISSN 1476-4687. PMID 25993961. Bibcode2015Natur.521..310H. 
  6. "What is archaeology? – Archaeology definition". Live Science. وقت 21 December 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 August 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. The Oxford Encyclopedia of Mesoamerican Cultures. Oxford University Press. 2001. ISBN 978-0-19-510815-6. https://www.oxfordreference.com/view/10.1093/acref/9780195108156.001.0001/acref-9780195108156. Retrieved 22 July 2020. 
  8. "Archaeology as a Central Issue in the Creation of Identity". Encyclopédie d'histoire numérique de l'Europe. حاصل ڪيل 2022-12-22. 
  9. Bueno, Christina (2016). The Pursuit of Ruins: Archaeology, History, and the Making of Modern Mexico. Albuquerque: University of New Mexico Press. pp. 25 ff. 
  10. Markin, Pablo (10 April 2017). "A special issue of Open Archaeology on non-professional metal-detecting". de Gruyter. http://openscience.com/a-special-issue-of-open-archaeology-on-non-professional-metal-detecting/. 
  11. Banning, Edward B. (29 May 2019). "The archaeological impacts of metal detecting". Open Archaeology 5 (1): 180–186. doi:10.1515/opar-2019-0013. ISSN 2300-6560. 
  12. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.