روھڙي
روھڙي Rohri | |
---|---|
شھر | |
برطانوي دور جي لينس ڊائون پل ۽ ايوب پل جيڪي روھڙي کي سکر سان درياه سنڌ تي ملائن ٿيون جو منظر | |
جاگرافي بيهڪ: 27°40′59″N 68°54′00″E / 27.68306°N 68.90000°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | سکر ضلعو |
يونين ڪاؤنسلون | 11 |
حڪومت | |
• قسم | ٽائون ڪائونسل |
پکيڙ[1] | |
• ڪل | 1,319 ڪ.م2 (509 ميل2) |
بلندي | 62 ميل (203 ft) |
آبادي (2002)[1] | |
• ڪل | 224,362 |
روھڙي (انگريزي: Rohri) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سکر جو هڪ شھر ۽ روهڙي تعلقو جو صدر مقام آھي جتي پاڪستان جو سڀ کان وڏو ريلوي پليٽ فارم ۽ جنڪشن آھي. ھي شھر درياء سنڌ جي ڪناري تي واقع آهي. درياء جي ٻئي ڪپ تي ان جو جوڙيوار شھر سکر واقع آهي.[2]
روھڙي جو بنياد ڪيئن پيو
[سنواريو]سکر وانگر سنڌ جي سري ۾ روهڙي به قديم آهي، جنهن جي قدامت جي باري ۾ ڪي شيون درياه جي پيٽ مان 1875ع ۾ هٿ لڳيون، اهي شيون پٿر واري دور سان تعلق رکندڙ هيون. اهڙو بيان رائل انجنير مسٽر ٽويملو ۽ مسٽر جان ٽيٽ جي ٻن مضمونن مان معلوم ٿيو جيڪي جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ بيان ڪيل سال ۾ شايع ٿيا هئا. ائين معلوم ٿو ٿئي ته ٽڪريءَ تي پنجاه فوٽن جي بلنديءَ تي هي شهر ڪيترا دفعا آباد ٿي ۽ پوءِ مٽندو رهيوref></ref>.[3]. سنڌ گزيٽئر ۾ شهر جو نالو ”لوهڙي“ ڄاڻايل آهي. ڪپتان اي – ويسٽ ميڪاٽ 1841ع ۾ جرنل ايشياٽڪ سوسائٽي بنگال ۾ شهر جو نالو ”لوهر ڪوٽ“ لکندي ڄاڻايو هئائين ته اهو شهر جو قديم نالو هيو. ريوٽي صاحب ”مهراڻ “ ۾ روهڙي جو قديم نالو ”روڙپورا“ يا ”روڙا ننگرا“ لکيو آهي.[3] [4]. روڙي سنسڪرت لفظ آهي معنيٰ ٽڪريءَ وارو شهر. روهڙي جي به ساڳي معنيٰ آهي. روهه معنيٰ جبل روهڙي معنيٰ ٽڪري. اڄ تائين پنجاب ۽ هندوستان وارا هن شهر کي ”روڙي“ سڏين ٿا. هاڻوڪي شهر متعلق سنڌ جي پهرين گزيٽئر ۾ مسٽر اي – ڊبليو هيوز صاحب ڄاڻايو آهي ته 696ھ 1297ع ۾ سيد رڪن الدين تعمير ڪرايو. يعني سلطان علاو الدين خلجي جي ڏينهن ۾، جڏهن علاؤ الدين خلجي رضوي سيدن لاءِ ڪوٽ تعمير ڪرايو هو. جي – ايڇ ڪزنس صاحب ”سنڌ جي آثار قديمه“ ۾ لکيو آهي ته هي شهر مخدوم رڪن الدين بن صدر بن مخدوم بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني تعمير ڪرايو، جنهن کي سلطان فيروز شاه تغلق اخلاص خان جو لقب ڏنو هو.[3][5] . ڪزنس صاحب جو بيان غلط آهي ڇو ته مخدوم ابو الفتح رڪن الدين 735ھ ڌاري سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ وفات ڪئي هئي ۽ سلطان فيروز شاه تغلق 752ھ 1351ع ۾ تخت تي ويٺو هو.[3][6] . فيروز شاه ملڪ رڪن الدين کي بکر جو نواب مقرر ڪيو هو. سيد ڪو نه هو، ٽڪري جنهن تي شهر ٻڌل هو، اها پنجاه فوٽ بلند آهي. اڳ درياه جي طغياني وقت پاڻي ٽڪريءَ سان لڳي وهندو هو ۽ پاڻيءَ جي چاڙهه جا نشان اڄ تائين موجود آهن. درياه جي کاٻي ڪپ تي هئڻ ڪري هن شهر ستت واپار ۽ زراعت ۾ ترقي ڪئي ۽ چوڌاري باغات ۾ ميويدار وڻن ڪري ”چمن – سنڌ“ ڪوٺجڻ لڳو ۽ شهر ۾ سوا لک پير ابدي ننڊ ۾ آهن، جن جي ڪري ”روهڙي شريف“ ڪوٺجي ٿو. غرض ته سکر ۽ روهڙي علم، هنرن ۽ روحاني فيض ڪري تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.[3].
تاريخ
[سنواريو]ھن شھر جي اوڀر ۾ 10 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اروڙ يا الور جو قديم شھر واقع ھيو.[7].عربن جي اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ۾ آمد کان اڳ واري تاريخ جي باري ۾ جن علائقي متعلق رڪارڊ تمام گھٽ آھي,[8] پر الور ان وقت اتر سنڌ جي راء ۽ پوء برھمڻ خاندان جو گاديءَ جو هنڌ ھيو ۽ 711 ۾ محمد بن قاسم ان تي قبضو ڪيو[9]962 ۾ زلزلي جي ڪري درياء سنڌ جو وھڪرو بدلجي ويو جنھن سان الور ڦٽي ٿيو. [10] ان بعد الور جو روھڙي جي صورت ۾ ٻيھر بنياد پيو [11] تيرھين صدي عيسويءَ ۾ روھڙي درياء سنڌ جو ھڪ مصروف بندر ھيو ۽ زرعي جنسن جي واپار جو مرڪز ھيو. [11]
روهڙي شھر سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھرن مان ھڪ آھي. ھي سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪناري تي اڏيل آھي، ھتي تمام جھونيون، وڻندڙ ۽ تاريخي عمارتون آھن، جن ۾ ڪنھيا لال ڪاٽيج تمام مشھور ۽ ڏسڻ وٽان آھي ۽ لئنسڊائون پُل تان لھندي سامھون تمام خوبصورت ڏيک ڏيندي آھي. ھي شھر، بکر کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪري ٿو. ھن جي ڀر سان درياءُ جي ٻيٽن ۽ ٽڪرين مان قديم زماني جون شيون ھٿ آيون آھن، جن کي ڏسي قديم آثارن جي ماھر ليفٽيننٽ ٽيوملر اندازو لڳايو آھي تہ ھي شھر تمام قديم ۽ پٿر واري دور ۾ بہ آباد ھيو. قديم آثارن جي ھڪ ٻئي ماھر ڊاڪٽر بلئم فورڊ انھن شين کي ڏسي اندازو لڳايو ھو تہ ھندوستان جي ٻين علائقن مان لڌل شين جي ڀيٽ ۾ ھتان جون شيون وڌيڪ سھڻيون آھن.
ھي شھر زماني جي لاھين چاڙھين سبب ڪيترا ئي دفعا آباد ۽ غير آباد ٿيندو رھيو آھي. جيتوڻيڪ ھي قديم شھر آھي، پر ھاڻوڪو شھر گھڻو پراڻو نہ آھي. عربن جي سنڌ تي ڪاھ وقت ھن شھر جو نالو نشان ئي ڪونہ ھيو ۽ اروڙ سنڌ جي گادي جو ھنڌ ھيو، پر پوءِ درياءُ جي ڦير سبب اروڙ جو شھر آھستي آھستي ڦٽڻ لڳو ۽ روھڙي جو شھر آباد ٿيڻ لڳو.
شاھ بيگ ارغون، سنڌ جي فتح کان پوءِ بکر جي قلعي کي مضبوط ڪرڻ وقت، بکر جي سيدن ۽ قاضين کي ھن شھر ۾ زمين ڏيئي آباد ڪيو، ان ڪري ھي شھر وڌڻ لڳو. ابن ھوقل، ادريسي، ٻين عرب مورخن، ابوالفضل ۽ يورپي سياحن، روھڙي جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، درياءُ جي مڇي، خاص ڪري پلي، ۽ بندر جي وڻج واپار جي پڻ ساراھ ڪئي آھي.
ھن شھر کي خاص اھميت، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي ڪري آھي. وار مبارڪ، ھڪ سوني جواھرن سان جڙيل دٻليءَ ۾ رکيل آھي. چيو وڃي ٿو تہ وار مبارڪ وارو روضو، ايران جي بادشاھ نادر شاھ ٺھرايو ھو. وار مبارڪ جي روضي جي ڀر سان ھڪ عاليشان مسجد پڻ ٺھيل آھي جا سن 1545ع ۾ جڙي راس ٿي. روھڙي ۾ ھڪ ٻي عاليشان جامع مسجد به وار مبارڪ واري روضي جي ڀر سان ٺھيل آھي جيڪا شھنشاھ اڪبر جي گورنر فتح خان 1583ع ۾ تعمير ڪرائي، اھا مسجد وڻندڙ ڳاڙھين سرن سان ٺھيل آھي، جنھن تي ٽي عاليشان گنبذ آھن، پر اھا ھن وقت زبون حالت ۾ آھي. ٽين عاليشان مسجد عيدگاھ آھي جنھن کي ٽي قبا آھن، جا سن 1593ع ۾ مير معصوم بکري ٺھرائي، انھن کان سواءِ ھڪ ٻي مسجد به آھي جيڪا مير يعقوب علي شاھ جي آھي ۽ 1677ع ۾ جڙي راس ٿي. ھي مسجد تمام وسيع آھي ۽ قلعي وانگي اڏيل آھي.
سيدن کان سواءِ ھت ٻيا بہ ڪيترائي بزرگ، عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آھن. سنڌ جو ھڪ وڏو شاعر قادر بخش ”بيدل“ ۽ سندس فرزند محمد محسن ”بيڪس“ بہ ھن ئي سرزمين ۾ دفن ٿيل آھن. ذوالقعد جي مھيني ۾ بيدل جو ۽ رمضان شريف ۾ بيڪس جو ميلو لڳندو آھي. سنڌ جو مھان تاريخدان، ۽ عوامي ليکڪ، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڊراما نويس امر جليل بہ ھن شھر سان واسطو رکي ٿو.
روھڙي جو شھر اوڻيھين صديءَ تائين علم ۽ فضل جو مرڪز رھيو. ھن شھر جي ڏکڻ ۾ درياءُ جي ڪناري تي ستين جو ٿان نالي ھڪ جاءِ آھي جيڪا عام طور ستين جو آستان جي نالي سان مشھور آھي. جنھن بابت مختلف روايتون آھن. ان جي موجوده عمارت بکر جي گورنر مير ابوالقاسم نمڪين جوڙائي، مٿس صفہ صفا نالو رکيو. ھو ان وڻندڙ جاءِ تي اونھاري جي راتين ۾ ويھي ڪچھريون ڪندو ھو. روھڙي جي سامھون درياءُ ۾ بکر جي ٻيٽ جي ڀر سان ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي، جنھن کي خواجہ خضر جو آستان سڏيو ويندو آھي. ھن ٻيٽ تي ھڪ مسجد ھوندي ھئي جيڪا بکر جي نواب سعد خان سن 1011ع ۾ جوڙائي، جيڪا ڪجهه وقت اڳ ۾ ڊھي ختم ٿي وئي آھي. بکر جي ٻيٽ جي ڀر سان ھڪ ٻيٽ تي ھندن جو تاريخي مندر آھي جنھن کي ساڌ ٻيلو، سکر ساڌ ٻيلو يا ساڌو ٻيلو چيو ويندو آھي، اتي جڏھن ميلو لڳندو آھي تہ دنيا جي مختلف علائقن مان عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آھن.
روھڙي ۾ ھڪ وڏو سيمينٽ جو ڪارخانو پڻ آھي، ۽ ھتي پاڪستان جي وڏين ريلوي جنڪشنن مان ھڪ جنڪشن پڻ آھي جنھن کي روھڙي جنڪشن چئبو آھي، جنھن تي ايندڙ ويندڙ ھر ريل گاڏي بيھندي آھي. ھي شھر سکر سان ٻن پلين جي ذريعي ڳنڍيل آھي، ھڪ پل جو نالو لئنسڊائون پل آھي جيڪا 1888ع ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ٻي پل 1962ع ۾ تعمير ٿي جنھن جو نالو ايوب پل آھي. ٻنھي پلين جا ٻه ٻه حصا آھن ڇا ڪاڻ تي وچ تي بکر ٻيٽ آھي. روھڙي طرف واري طرف ٻنھي پلين ڪو بہ ٿنڀو ڪونھي البت سکر طرف ٻنھي پلين کي ٿنڀا آھن. لئنسڊائون پل تان اڳ ۾ گاڏيون ۽ ريل گاڏيون لنگھنديون ھيون پر ايوب پل کي ريلوي پل جي حيثيت سان تعمير ڪري لئنسڊائون پل تان ريل جي پٽڙي ختم ڪئي وئي. لئنسڊائون پل اڄڪلھ ھلڪين گاڏين جي اچ وڃ لاءِ مخصوص ڪئي وئي آھي. ٻنھي پلين جا سکر طرف وارا حصا سادا آھن پر روھڙي طرف وارا حصا انجنيئرنگ جو شاھڪار آھن ۽ ستين جي آستان کان ھڪ دلڪش نظارو پيش ڪن ٿا. ايوب پل پاڪستان جي واحد Semi Suspension Bridge يعني جزوي لڏندڙ پل آھي، ۽ ھڪ اڌ گول ڪمان تي رسين جي ذريعي لٽڪيل آھي.
ٻين شھرن وانگر، آبادي جي واڌ جي ڪري روھڙي شھر ۾ بہ رھائش، تعليم، صحت ۽ صفائي جا مسئلا موجود آھن.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي تہ: "لوهري يا روهڙيءَ جو مٿي اشارو ڏنو ويو آهي ته ڪيئن اروڙ جي ڦٽڻ ڪري اتي جي ماڻهن اچي اهو شهر ٻڌو۽ آن جو نالو بہ گهڻو ڪري رور مان پيو ۽ هاڻ سڏ جي بہ روهڙي ٿو. اهو وار مبارڪ ۽ ان جي قديم مسجد جي ڪري مشهور هو. اها مسجد سنہ 954 هجري (=1545ع) ڌاري جڙي ۽ وار مبارڪ بہ تڏهين آيو. اهو وار حضرت صلعم جن جي سونهاري جو چوڻ ۾ ٿو اچي ۽ عبدالباقي نالي شخص اتي آندو. جو شيخ نظام الدين جو ناٺي هو ۽ اهو شيخ حضرت ابوبڪر جي اولاد مان هو ۽ لوهريءَ ۾ اچي رهيو هو. اهو هڪ انچ جو چوٿين پتي جيترو مس آهي ۽ سوني قلمدان ۾ رکيل آهي ۽ حج جي ڏينهن ماڻهو انهيءَ جي زيارت ڪندا آهن.
روهڙي جي ٻي مشهور عمارت جامع مسجد آهي. جا اڪبر بادشاه جي زماني ۾ فتح خان حاڪم سنہ 1583ع ڌاري ٺهرائي هئي. ڏهاڪو ورهيه انهيءَ کان پوءِ عيد گاھ ٺهي. ٻي جهوني مسجد مير يعقوب علي شاه جي آهي، جو ڪوٽائي سيدن مان هو. اها سنہ 1677ع ۾ جڙي هئي. شهر جي ڏکڻ ڏي هڪڙيءَ ٽڪري تي درياھ جي بنھ ڪناري تي هڪڙو مقام آهي. جنهن کي ستين جو ٿان چوندا آهن. اتي گهڻيون ئي قبرون آهن. انهن ۾ مکيہ قبر آهي. مير قاسم سبزواري سيد جي. جنهن تي سنہ 1018ع/ھ لکيل آهي. انهيءَ تي اڃا بتي ٻرندي آيه ۽ انهي کي قاسم شاھ جو ٿان چوندا آهن. انهي سيد جو ذڪر بکر ۾ آيو آهي. اتي ٻيون به ڇهه مکيه قبرون آهن، جنهن ڪري اڳي ستين جو ٿان چئبو هو، پوءِ ماڻهن ستين جو ٿان ڪيو ۽ چوڻ لڳا تہ اتي ستيون يا پاڪ ڪنواريون بيبيون حق بخشي اچي انهن ڪوٺين ۾ رهڻ لڳيون ۽ اتي ئي مري ويون.
انهيءَ جي سامهون روهڙي ۽ بکر جي وچ ڌاري درياھ ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي هڪڙي ننڍڙي مسجد بہ آهي. انهي کي خواجہ خضر جو ٿان چوندا آهن. جتي پوءِ هندو اچي ڏيو ٻاري پوڄا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا تہ زنده پير آهي. يعني درياھ شاھ يا اڏيرو لعل. مسلمانن جي قول موجب شاھ حسين نالي دهلي جو هڪڙو سوداگر پنهنجي نياڻي سميت ٻيڙي تي چڙهيل اچي درياهه تان لنگهيو ۽ حج تي ٿي ويو. اروڙ وٽ دلوراء بادشاھ هن کي روڪيو ۽ زور سان سندس ڌيءَ کسڻ ٿي گهريائين. پر انهي خدا کي مدد لاءِ سوال ڪيو. خواجه خضر هڪدم اچي حاضر ٿيو ۽ درياه الور ڇڏي بدلجي اتان روهڙي وٽان وهڻ لڳو ۽ ٻيڙي صحيح سلامت لنگهي ويئي. انهيءَ جي يادگيري لاءِ شاھ حسين اتي هڪڙي مسجد جوڙائي، جيڪا تاريخ اتي اڪريل آهي ۽ جا لفظ” درگاھ اعليَ“ مان ٿي نڪري، سا سنہ 341ھ آهي، يعني 952ع، پر شڪ آهي تہ اهو پهڻ پوءِ ٺاهي اتي هنيو ويو آهي، جن ٻين پهڻن کان پوءِ جو ٿو ڏسجي. مسجد تي تاريخ سنہ 1011ھ (=1602ع) جي آهي.[12]
روھڙي ريلوي جنڪشن
[سنواريو]
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "Sukkur's History". Sukkur District Government. حاصل ڪيل 2007-11-28. [مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Taluka Municipal Administration Rorhi آرڪائيو ڪيا ويا 2008-10-13 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ جي – ايڇ ريورٽي: مهراڻ ص 494 – وقت جي شاعرن روهڙي جي تعريف ڪندي شهر جو نالو ”لُهري“ پنهنجن قصيدن ۾ ڏيکاريو آهي، جيئن شاعر عبدالقادر ”بيدل“ جو مشهور قصيدو آهي. ڏسو عبدالحسين شاه موسوي جو ديوان بيدل ص 14 – 16 سنڌي ادبي بورڊ، 1961ع حيدرآباد سنڌ.
- ↑ جي – ايڇ ڪزنس: سنڌ جا آثار قديمه بيان روهڙي ڪلڪتو 1929ع.
- ↑ سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم صوفيا ص 273.
- ↑ Nadiem, Ihsan H (2004). Forts of Pakistan. Lahore: Al-Faisal Publishers. p. 54. ISBN 9695033520.
- ↑ Hughes, Albert William (1876). A Gazetteer of the Province of Sind. https://books.google.com/books?id=QZ8IAAAAQAAJ&pg=PA677&lpg=PA677&dq=aror+rohri&source=bl&ots=QboUCMUXCz&sig=Y-gXMCmGsRpJRQ9f89XUvnvNh3M&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwixvM6b5pXYAhVGh1QKHXWZD-4Q6AEIXTAM#v=onepage&q=aror%20&f=false. Retrieved 19 December 2017.
- ↑ Smyth, J W (2005). Sukkur District. Lahore: Sang-e-Meel Publications. pp. 41-43. ISBN 9693517296.This word taken from old word Rohari
- ↑ "Where the city of Aror once stood in glory". Dawn. https://www.dawn.com/news/1152687. Retrieved 19 December 2017.
- ↑ 11.0 11.1 <Bowden, Rob (2004). Settlements of the Indus River. Heinemann-Raintree Library. ISBN 1403457182. https://books.google.com/books?id=N3JKeIBYmoMC&dq=sukkur+established+by+british&source=gbs_navlinks_s. Retrieved 19 December 2017.
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.