سلطان محمود خان
سلطان محمود خان | |
---|---|
ٺٽي جو مغل گورنر | |
۱۱۳۴ ھ کان ۱۱۳۵ ھ تائين | |
پيشرو | مھابت خان بھادر |
جانشين | عبدالسميع خان |
ريجنٽ | محمد شاھ |
مذھب | اسلام |
سلطان محمود خان (انگريزي: Sultan Mahmood Khan)نهنجي پيءُ جو جانشين ٿيو ۽ سندس سڀ ڪم رضي محمد نائب جي صورت ۾ ڪندو هو. 1135هه ۾ سيف الله خان ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ عبدالسميع ان جي نائب جا فرض انجام ڏيندو رهيو.[1].ان کانپوءِ مهابت خان جي پٽ سلطان محمود کي ٺٽي جو ناظم ڪيو ويو پر انتظام نه هلائي سگهيو ۽ سڄو مالياتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، تنهن ڪري ماڻس 1036هه تي رضي محمد خان کي ڪم ڪار هلائڻ لاءِ موڪليو پر ٻئي سال ئي سلطان محمود کي ان عهدي تان لاٿو ويو ۽ نواب سيف الله کي ٺٽي جي صوبيداري ڏني ويئي. نواب سيف الله پنهنجي پاران سانور قوم جي عبدالسميع کي نائب ڪري ٺٽي موڪليو ۽ هو 1137هه تائين حڪومت هلائيندو رهيو[1].