مواد ڏانھن هلو

باغ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باغ اھڙي جڳھ کي چيو ويندو آهي جتي باقائدا منصوبابندي سان تفريح لاء گل، ٻوٽا ۽ وڻ پوکيا ويندا آهن. اهو زمين جو ٽڪرُ، جنھن تي ڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي جمالياتي ذوق مطابق وڻ، ٻوٽا ۽ ساوڪ پوکي سينگاريو هجي. ننڍي باغ کي ”باغيچو“ چوندا آهن. اها زمين، جنھن ۾ ميون وارا گهڻا وڻ ۽ گل ٻوٽا پوکيل هجن، اُن کي گلزار ۽ چمن جي نالن سان بہ سڏيندا آهن.[1]

باغ

نالا

[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي، فارسي ۽ هندي ٻولين جا ڪيترائي نالا آهن، جيڪي سڄي باغ يا باغ جي ڪنھن بہ حصي جي ترجماني ڪندڙ آهن، جيئن: ’چمن‘، ’گلزار‘، ’مرغزار‘، ’گلستان‘، ’بوستان‘، ’روضہ‘، ’جنت‘، ’فردوس‘ ۽ ’حديقہ‘. ’چمن‘ باغ جي انھيءَ مرڪزي حصي کي چوندا آهن، جتي ويھڻ جو انتظام هجي، ڇٻر يا ساوڪ سان سڌا ٻارا ٺاهي، پاسن کان گل ڦل پوکيل هجن. ’گلزار‘ اهو هنڌ، جتي قدرتي طرح پاڻمرادو گل ڦل ڦُٽا هجن يا پنھنجي ڪوشش سان گل پوکجن. ’مرغزار‘ قدرتي چراگاھ ۽ وِيءَ، جتي ساوڪ هجي. ’گلستان‘، جنھن هنڌ گل پوکيل هجن. هن کي ’بوستان‘ بہ چئبو. ’بوستان‘، هيءُ عربي لفظ ”بُستان“ آهي، جنھن کي ’حديقہ‘ جو مترادف قرار ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ عام استعمال ۾ وسيع معنيٰ رکي ٿو. باغ کي بہ بوستان جي بدران استعمال ڪندا آهن. ’جنت‘ لفظ جو مادو ’”جِن“ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڍڪڻ، پھرڻ (پوش). ’جنت‘ ان باغ کي چوندا آهن، جنھن جي وڻن زمين کي ڍڪي ڇڏيو هجي. انھن گهاٽن وڻن کي بہ ’جنت‘ سڏيندا آهن، جن زمين کي ڍڪي ڇڏيو هجي. ’فردوس‘ عربي لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي باغ، بستان، سرسبز وادي، روضو. ’الزجاج‘ جي لکڻ موجب فردوس اُها جاءِ آهي، جتي اُهي سڀ شيون جمع هجن، جيڪي بُستانن ۾ ٿينديون آهن. خاص ڪري انگورن جي باغ کي بہ ’فردوس‘ چيو وڃي ٿو. ’حديقہ‘ ميويدار وڻن واري هنڌ کي چئبو آهي. ڪن جو چوڻ آهي تہ حديقہ اهو وڻن وارو باغ آهي، جنهن جي چؤڦير ڀت آيل هجي. خصوصاً انگورن ۽ کجور جي باغ کي حديقہ چوندا آهن. ٻني ٻاري جي معنيٰ ۾ بہ حديقہ استعمال ڪندا آهن.[1]

تاريخ

[سنواريو]

باغن جو سلسلو قديم زماني کان هلندو اچي ۽ انساني تھذيب ۾ باغن کي هميشہ اهميت حاصل رهي آهي. آدم جي ظھور سان گڏ اسان کي باغ جو ذڪر ملي ٿو: وَ قُلْنَا يٰٓا آدَمُ اسْکُنْ اَنْتَ وَ زَوْجُكَ الْجَنَّةَ وَكُلَا مِنْهَا رَغَدًا حَيْثُ شِئْتُمَا (البقره) ۽ پڻ ڏسو ڪتاب ”پيدائش“ جتي لکيل آهي ”۽ خداوند خُدا عدن ۾ يورپ ڏانهن هڪڙو باغ لڳايو ۽ آدم کي، جنهن کي هن ٺاهيو هو، اُتي رکيو... ۽ عدن مان هڪ ندي باغ کي آباد ڪرڻ لاءِ نڪتي“. دنيا جي قديم ترين باغن جي وجود جو ثبوت اسان کي مصر ۽ چين ۾ ملي ٿو. مصر جي هڪ ديوار تي باغ جو نقشو واضح آهي، جنهن ۾ حوض بہ آهي، جنھن ۾ بدڪن، ٻين آبي جانورن، ولين ۽ ٻوٽن جا نقش نگار چٽا ڏنل آهن. انھيءَ حوض جي چؤگرد ميويدار وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا بہ ترتيب سان نقش ٿيل آهن. چين ۾ باغ عام طرح قدرتي پيداوار آهن، جن جو نقشو چيني مصوريءَ جي نموني ۾ ملي ٿو. چين جي باغن، جاپانين کي بہ متاثر ڪيو آھي. يونان ۾ سڪندر جي زماني ۾ بہ اُتي باغن جو وسيع سلسلو نظر اچي ٿو. رومن قوم بہ (اٽليءَ ۾) يوناني باغن جي طرز تي باغن کي ترقي وٺائي.[1]

اسلام ۾ باغ

[سنواريو]

اسلامي دور ۾ بہ مسلمانن باغات کي گهڻي ترقي وٺائي، جو اهي قرآني جنت جي تصور کان متاثر هئا. اڪثر آيتن جو مفھوم آهي تہ: نيڪ اعمالن جي جزا جنت جي شڪل ۾ ملندي آهي، اها نجات ۽ امن جي جڳھ آهي، ان جا پاسبان دعا ۽ سلامن سان جنت ۾ ايندڙن جو استعمال ڪندا آهن. ڪافور ۽ زنجيل مليل چشما، وهندڙ نھرون، وڻڪار واريون واديون، شاهاڻا شان شوڪت، قيمتي وڳا، اعليٰ زيور، موتين وانگر پکڙيل سھڻا ٻارڙا، سون ۽ قيمتي جواهرات جا جڙادار اُچا تخت، قطارن ۾ صندلن تي سينگاريل گاديلا، باغن ۾ طبقا ۽ ڏاڪا، باغ ۾ وڃڻ لاءِ بيشمار دروازا، بي انتھا وسعتون، دعوتن جو اهتمام، سون چانديءَ ۽ جواهرات جا محلات، والدين، زال ۽ اولاد جي صحبت، محبت ۽ مسرت ۾ هڪٻئي سان جُهڪيل خوش گفتاري. مطلب تہ جنت ۽ باغ جي لفظ سان جنسي ۽ روحاني، ٻنھي قسمن جي نعمتن سان ڀرپور خوشيءَ واري زندگي مراد آهي، جنھن ۾ نہ ڏک آهي نہ ڏاکڙو ۽ نہ خوف آهي، نہ خطرو، جتي هر قسم جون خوشيون ۽ نعمتون ڪثرت سان موجود آهن ۽ هر تمنا پوري ٿيندي آهي. قرآن شريف جي جنت واري باغ جي تصور سان، مسلمان حڪمرانن پنھنجي پنهنجي دور ۾ باغات کي بارونق بنائڻ ۾ خاص ڌيان ڏنو. وچ مشرق، مشرق ۽ يورپ ۾ مسلمانن جي باغبانيءَ جي شوق جي سلسلي جا ڪيترائي ڪارناما تاريخ جي زينت بڻيل آهن.[1]

سنڌ ۾ باغ

[سنواريو]

سنڌ پرڳڻو، قديم تھذيب جو مرڪز رهيو آهي ۽ سنڌو درياھ، سنڌ لاءِ قدرت جو تحفو آهي. هتي نھرون، واھ، ڪڙيا ۽ ڪسيون جام آهن، تنھنڪري سڄو ملڪ ڄڻ تہ باغ مثل آهي. هر هنڌ وڻڪار آهي. ساوڪ ۽ سبزي جو انت نہ آهي. اسلام جي فتوحات وقت بہ سکر، بکر، سيوهڻ، منصوره ۽ ديبل ڄڻ تہ گلزار بڻيل هئا. عربن جي فتح کان پوءِ جيڪي سياح سنڌ ۾ آيا، تن سنڌ جي سرسبزيءَ، خوشحاليءَ ۽ امن امان متعلق ساراھ جا ڍڪ ڀريا آهن، ويندي ٽالپر اميرن جي دور تائين سنڌ کي جنت نشان بنائڻ ۾ مسلمانن جو وڏو هٿ رهيو آهي. سنڌ، سمن جي دور ۾ باغات کان مشھور هئي، ايتري قدر جو ماتليءَ وارو سڄو تعلقو ’فتح باغ‘ جي نالي سان مشھور هو. ان کان سواءِ گهڻيون ديھون ۽ ڳوٺ اڃا بہ ”باغ“ جي نالي سان مشھور آهن. جيئن ’ٻاروچو باغ‘ ۽ ’باغ يوسف‘ وغيره. انگريزن جي دور ۾ جڏهن مسلمانن کان زمينون ۽ جاگيرون کسي اُنھن کي سمورن معاشي وسيلن کان محروم ڪيو ويو، تڏهن هندو سيٺين بہ ڪن شھرن ۾ انگريزن جي مدد سان پنھنجن نالن سان باغ باغيچا ٺھرايا. جھڙوڪ: ’مکي باغ‘ ۽ ’ڍولڻداس جو باغ‘، تجر باغ وغيره. انگريزن پنھنجي دور ۾، سرڪاري (ميونسپل جي طرفان) خرچ تي هر هنڌ باغ ٺھرايا. ڪراچيءَ ۾ ’گانڌي گارڊن‘، ’جمشيد نسروانجي باغ‘، ’کوڙي گارڊن‘ ۽ ’رام باغ‘ وغيره. حيدرآباد شھر ۾ انگريزن جي دور جا هيٺان سرڪاري باغ موجود آهن: ’داس گارڊن‘ جيڪو موهنداس ڪرمچند گانڌيءَ جي نالي سان مشھور آهي. ٻيو ’راڻيءَ وارو باغ‘ جيڪو راڻي وڪٽوريا جي نالي تي ميونسپل جي خرچ تي قائم ڪيو ويو.

سنڌ ۾ عام روايت آهي تہ هن ڪائنات جو پھريون انسان حضرت آدم عليه السلام هو، جيڪو جنت مان تڙيو ويو تہ سندس نزول واديءِ سنڌ ۾ ٿيو. هڪ ٻيءَ روايت موجب آدم، سلون (سرانديپ) ۾ ”جبل آدم“ تي لٿو، هن واري روايت جي تصديق طور چيو وڃي ٿو تہ ڪڇ واري علائقي ۾ حضرت آدم جي ٻني، اڃا موجود آهي، جيڪا ڏاڏي آدم جي ٻنيءَ جي نالي سان مشھور آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]