شاھ بيگ ارغون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
شاھ بيگ ارغون
شاھ شجاع
سنڌ جو حاڪم
1528 کان
پيشرو ڄام فيروز
جانشين شاھ حسن بيگ ارغون
نسل شاھ حسن بيگ ارغون
مڪمل نالو
شاهه بيگ ارغون بن امير ذوالنون بن امير بصري
خاندان ارغون
شاھي خاندان ارغون گھراڻو
والد امير ذوالنون
وفات ۱ شعبان ۹۲۸ ھ
تدفين پھريون امانت طور مڪلي م پوء مڪي شريف ۾
مذھب اسلام

شاھ بيگ ارغون(انگريزي: Shah Beg Argun)شاهه بيگ پنهنجي والد امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ، اتفاق راءِ سان قندھار حڪومت تي ويٺو. هر اهو شخص جيڪو امير ذوالنون جي حياتيءَ ۾ پنهنجي منصب تي فائز هو، سو سابقه دستور مطابق، ائين ئي رهيو. شاهه بيگ هميشه، علماء ۽ طلباء علم، جي صحبت ۾ گذاريندو هو.[1]يرزا شا بيگ، لقب شاهه شجاع ابن امير ذوالنون،(1) سنڌ جو پهريون ارغون بادشاهه هو. امير ذوالنون شروع کان ئي، ميرزا شاهه حسين بايقرا هرات جي حاڪم پاران (884هه-913هه) قنڌار جو گورنر هو ۽ ان کان پوءِ شال (ڪوئيٽا)، مستونگ، سيوي تي سندس قبضو رهيو. ميرزا شاهه بيگ ارغون هرات ۾ ڄائو هو ۽ اتي پنهنجي والد جي تربيت ۾ علم حاصل ڪيائين. ڦوهه جواني ۾ علمي ڪمالات ۽ آداب حاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهي، ڪافي وقت عبادت ۽ طاعت ۾ گذاريندو هو. شروع ۾ جڏهن پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ هرات جي تختگاهه ۾ رهندو هو، تڏهن هميشه هرات جي عالمن جي مجلس ۾ ويندو هو ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا علمائن کي پنهنجي جاءِ تي دعوت ڪري گهرائيندو هو. مطلب ته هي بذات خود پاڻ به عالم هو ۽ سندس دربار هميشه عالمن، شاعرن سان مزين هئي.[1]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

جڏهن محمدخان شيباني، سموري ولايتِ خراسان تي قبضو ڪيو ۽ فرهه جي آسپاس پهچي، قنڌار کي تابع ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن فرهه گرم سير، جي حد ۾ پهچڻ بعد، شاهه بيگ، ايلچين کي محمدخان شيباني ڏانهن موڪلي، پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو وعدو ڪيو. جنهن بعد محمدخان راضي ٿي واپس هليو ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ 915هه ۾، شاهه اسماعيل صفوي ثاني، ولايت خراسان، کي قبضئه اقتدار ۾ ڪري ورتو ۽ محمدخان شيباني، انهي جنگ ۾ مارجي ويو[1].

سيوي جي فتح[سنواريو]

بابر جي ڪابل تي قبضي بعد خطرو محسوس ڪندي سيوي (سبي) فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين.، 917هه ۾ قنڌار کان شال جي طرف اڳتي وڌيو پر شال ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي وري شال مان ڪوچ ڪري سبيءَ ڏانهن وڌيو ۽ سبيءَ جي آسپاس پهچي قلعي کي پنهنجي گهيري ۾ ڪيائين. سلطان برولي برلاس، جو اولاد هتي جو حاڪم هو، تنهن ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر گڏ ڪري حملو ڪيو، شديد لڙائي لڳي. نيٺ شاهه بيگ جي فتح ٿي ۽ سيوي جي لشڪر کي شڪست آئي. ڪيترائي قتل ٿيا ۽ ڪيترائي سنڌ ڏي هليا ويا. شاهه بيگ سيوي ۾ آيو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي قيام ڪيائين. باغن ۾ عمارتن جو بنياد رکيائين. قلعي کي تعمير ڪرايائين ۽ پوءِ ڪجهه لشڪر سان، ميرزا عيسيٰ ترخان کي، جيڪو سندس وڏن اميرن مان هو، تنهن کي سبيءَ جي حڪومت سپرد ڪري پاڻ قنڌار هليو ويو[1]

ٺٽي جي فتح[سنواريو]

.تاريخ 15 ماهه محرم الحرام 926هه جي، شاهه بيگ پنهنجي لشڪر سان درياء پار ٿي، ٺٽي جي نزديڪ پهتو. ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان، ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ ڇڏي وڏو لشڪر ساڻ ڪري لڙائي لاءِ آيو. فريقين ۾ سخت لڙائي لڳي، آخرڪار فتح ۽ ڪاميابي شاهه بيگ کي ٿي. درياء خان پنهنجي ساٿين ۽ سمن جي لشڪر سميت شهيد ٿي ويو .ڄام فيروز کي جڏهن اها خبر ملي، تڏهن يڪدم ڀڄي ويو ۽ پيرار (پير پٺي) تائين غمگين صورت ۾ ڪٿي به نه ترسيو. تاريخ 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي، ڦري لٽي ۽ اتي جي رهاڪن کي ذليل ڪيائون. ڪيترن ئي ماڻهن جا اهل و عيال قيد ٿيا. آخر قاضي قاضن، جيڪو ان عهد جو فاضل هو، تنهنجي ڪوشس ۽ سفارش سان غضب جي باهه ٿڌي ٿي ۽ پوءِ منادي ڪرائي وئي ته ٺٽي جي ماڻهن جي مال ۽ عيال کي ڪوبه هٿ نه لائي[1]

سيوستان جي فتح[سنواريو]

ان وقت شاهه بيگ پنهنجي اميرن ۽ مصاحبن سان صلاح ڪئي ته مملڪتِ سنڌ وسيع آهي. جنهن جي ذميداري اسان کان نه ٿي سگهندي. تنهنڪري مناسب آهي ته اڌ ملڪ ڄام فيروز جي حوالي ڪريون ۽ ٻيو اڌ پنهنجن اعتماد جوڳن جي سپرد ڪريون. نيٺ سڀني جي راءِ اها ٿي ته لڪي جو جبل جيڪو سيوهڻ جي نزديڪ آهي، تنهن کان وٺي ٺٽي تائين، ڄام فيروز جي ماتحتي ۾ ڏنو وڃي ۽ باقي ڪوهه لڪي کان بالائي سنڌ تائين وارو حصو، شاهه بيگ جي حڪومت ۾ رهندو. انجامن ۽ اقرارن جي قائدن کي پوري ڪرڻ کانپوءِ، شاهه بيگ منزلون ڪندو سيوستان ۾ پهتو. جيڪي ماڻهو سيوستان ۾ هئا، سي شاهه بيگ جي لشڪر پهچڻ کان اڳ، ٽلٽي ڏي ويا. سهتن ۽ سوڍن جي ماڻهن، اُتي حاضر ٿي، جنگ جي صورت اختيار ڪئي. فريقين ۾ نهايت سخت لڙائي لڳي. جنهن ۾ سهتا ۽ سوڍا شڪست ياب ٿيا. سيوستان جو قلعو شاهه بيگ جي تصرف ۾ آيو[1].شاهه بيگ اندروني ۽ بيروني قلعي جي مضبوطي کي ڏسي پنهنجي امرائي عظام مان، جهڙوڪ ميرعليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوستان جي قلعي تي متعين ڪري، هرهڪ امرائي عظام کي حڪم ڏنائين ته قلعي ۾ پنهنجون حويليون ٺهرايو. ان کانپوءِ بکر ڏي، رخ ڪري ۽ منزل به منزل سفر ڪندو سکر جي ميدان ۾ اچي لٿو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ شاهه بيگ بکر جي قلعي ۾ آيو ۽ شهر جي جاين ۽ محلاتن کي ڏسي سپاهين ۽ اميرن ۾ تقسيم ڪيائين. قلعي کي ماپي حصا ڪري اميرن جي حوالي ڪري چيائين ته يڪدم الور جو قلعو جيڪو پهريون تختگاهه هو، تنهن کي به ڊهرائي، ان جون سرون بکر ۾ آڻي ۽ بکر جي آسپاس جيڪي ترڪن ۽ سمن جون جايون هيون سي به گهڻيون ڊاهي قلعي جي اڏاوت ۾ ڪم آڻجن ۽ نهايت ٿوري وقت ۾ قلعي جي عمارت کي مڪمل ڪيو وڃي. ميرزا شاهه حسن ۽ ٻين اميرن کي خاص جايون مليون. اهڙي طرح مير فاضل ڪوڪلتاش ۽ سلطان محمد مهردار وغيره کي به خاص جايون مليون. هڪ سال گذرڻ بعد، قلعي جي ٺهرائڻ ۽ رعيت جي ضروري انتظام کان تسلي بخش ٿي، 928هه ۾ پائينده محمدخان کي بکر جي حڪومت تي مقرر ڪري، هڪ ڪثير لشڪر سان گجرات فتح ڪرڻ نڪتو وچتو خبر پئي ته بابر بادشاهه، بهره ۽ خوشاب جي آسپاس پهتو آهي ۽ کيس هندستان جي فتح ڪرڻ جو ارادو آهي. تنهن تي حاضرينِ مجلس کي چيائين ته بابر بادشاهه سنڌ ۾ به اسان کي پنهنجي حال تي ڪونه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ (سنڌ) به اسان کان يا اسان جي اولاد کان کسي وٺندو. تنهنڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون. انهي ڳڻتي ۽ ويچار ۾ پوڻ ڪري سندس پيٽ ۾ ناگهاني درد ٿيو ۽ گهڻائي علاج ڪيائون ۽ دوائن ڏيڻ ۾ به ڪافي ڪوشش ڪيائون پر فائدو نه ٿيو. شاهه بيگ گجرات پهچڻ کان پهرين ماهه شعبان 928هه ۾ آخرت ڏي سفر ڪيو. ”شهر شعبان“ هن جي تاريخ وفات آهي. شاهه بيگ جي حڪومت جو سمورو عرصو پندرنهن سال آهي[1].

وفات[سنواريو]

شاهه بيگ هڪ سال جو مختصر عرصو، سنڌ تي حڪومت ڪئي. تاريخ 11 ماهه محرم الحرام 927هه/1520ع جي، هي سنڌ داخل ٿيو ۽ تاريخ 22 ماهه شعبان 930هه/1523ع جي وفات ڪيائين

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو