شاھ بيگ ارغون
| شاھ بيگ ارغون | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| شاھ شجاع | |||||
| سنڌ جو حاڪم | |||||
| 21ھين ڊسمبر 1520 کان 26 جون 1524 | |||||
| پيشرو | ڄام فيروز | ||||
| جانشين | شاھ حسن بيگ ارغون | ||||
| نسل | شاھ حسن بيگ ارغون | ||||
| |||||
| گهراڻو | ارغون | ||||
| شاھي گھراڻو | ارغون گھراڻو | ||||
| پيءُ | امير ذوالنون | ||||
| جنم | 1465 | ||||
| لاڏاڻو | 1 شعبان 928ھ (26 جون جون 1524) اگھم (موجوده اگھم ڪوٽ)، سنڌ | ||||
| تدفين | پھريون امانت طور مڪلي م پوء مڪي شريف ۾ | ||||
| مذھب | اسلام | ||||
شاھ بيگ ارغون(انگريزي: Shah Beg Argun) لقب شاھ شجاع والد جو نالو امير ذوالنون ارغون، سنڌ جو پهريون ارغون حڪمران هو. هو پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ اتفاقِ راءِ سان قنڌار جي حڪومت تي ويٺو. امير ذوالنون جي حياتيءَ دوران جيڪي عملدار ۽ امير پنهنجن عهدن تي مقرر هئا، سي اڳئين دستور موجب شاھ بيگ جي دور ۾ به برقرار رکيا ويا، جنهن سان حڪومت ۾ تسلسل قائم رهيو[1].
ابتدائي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]شاھ بيگ ارغون هرات ۾ ڄائو، جتي هن پنهنجي والد جي سرپرستيءَ هيٺ تعليم حاصل ڪئي. نوجوانيءَ ۾ هو علمي ڪمالات، آداب، عبادت ۽ طاعت ڏانهن خاص لاڙو رکندڙ هو. هرات ۾ رهائش دوران، جڏهن هو پنهنجي والد سان گڏ تختگاھ ۾ هوندو هو، تڏهن باقاعدي هرات جي عالمن جي مجلسن ۾ شرڪت ڪندو هو ۽ هفتي ۾ ٻه ڀيرا عالمن کي پنهنجي رهائشگاهه تي دعوت ڏئي علمي مذاڪرن جو اهتمام ڪندو هو[1].
علمي ۽ مذهبي رُجحان
[سنواريو]تاريخي بيانن موجب، شاهه بيگ پاڻ به علم سان شغف رکندڙ هو ۽ سندس درٻار هميشه عالمن، فاضلن ۽ شاعرن سان آباد رهندي هئي. هو علماءَ ۽ طلباءِ علم جي صحبت کي ترجيح ڏيندو هو، جنهن سبب سندس درٻار کي علمي ۽ مذهبي مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي[1].
سياسي پسمنظر
[سنواريو]امير ذوالنون ارغون شروعات کان وٺي هرات جي حڪمران سلطان حسين بايقرا جي دور ۾ (884هه–913هه) قنڌار جو گورنر رهيو. ان کان پوءِ شال (ڪوئيٽا)، مستونگ ۽ سيوي تي به سندس اقتدار قائم رهيو. شاهه بيگ ارغون انهيءَ سياسي ۽ انتظامي ورثي کي اڳتي وڌائيندي، بعد ۾ سنڌ ۾ ارغون اقتدار جو بنياد وڌو[1].
قندھار جي صورتحال
[سنواريو]ترخان نامي موجب، جڏهن محمد خان شيباني سڄي ولايتِ خراسان تي قبضو قائم ڪري فرهه جي علائقي تائين پهتو ۽ قنڌار کي به پنهنجي تابع ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، تڏهن ارغون حڪمران شاهه بيگ ارغون پنهنجي سياسي حيثيت کي خطري ۾ محسوس ڪيو. جڏهن شيباني لشڪر فرھ گرم سير جي حدن تائين پهتو، شاهه بيگ ارغون سفير (ايلچي) محمد خان شيباني ڏانهن موڪليو ۽ پنهنجي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو اظهار ڪيو. ان سياسي قدمن کان پوءِ محمد خان شيباني مطمئن ٿي قنڌار تي سڌي ڪارروائي ڪرڻ کانسواءِ واپس هليو ويو[1]. ڪجهه عرصي کان پوءِ 915هه ۾ صفوي حڪمران شاھ اسماعيل ثاني خراسان تي قبضو ڪري ورتو. ان دوران ٿيل جنگ ۾ محمد خان شيباني مارجي ويو، جنهن سان خراسان ۾ شيباني اقتدار جو خاتمو ٿيو ۽ صفوي اثر رسوخ مضبوط ٿيو.[1].
سيوي (سبي) جي فتح
[سنواريو]بابر جي ڪابل تي قبضي کان پوءِ، ارغون حڪمران شاھ بيگ ارغون کي پنهنجي اتر اولھ سرحدن بابت خطرو محسوس ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن سيوي (موجوده سبي) تي قبضو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ترخان نامي موجب، هي فوجي مهم 917هه ۾ شروع ٿي. شاھ بيگ قنڌار کان شال (ڪوئيٽا) ڏانهن روانو ٿيو، جتي ڪجهه ڏينهن قيام ڪرڻ بعد شال مان ڪوچ ڪري سيويءَ ڏانهن اڳتي وڌيو[1]. سيويءَ جي ڀرسان پهچي شاھ بيگ ارغون قلعي کي گهيري ۾ آندو. ان وقت سيويءَ جو حڪمران سلطان برولي برلاس هو، جيڪو مقامي حڪمران خاندان سان تعلق رکندو هو. سلطان برولي، ارغون حملو روڪڻ لاءِ لڳ ڀڳ ٽي هزار بلوچن ۽ ٻين فوجي دستن کي گڏ ڪري مقابلو ڪيو. ٻنهي ڌرين وچ ۾ شديد جنگ ٿي. ترخان نامي جي بيان مطابق، نيٺ ارغون فوج کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ سيويءَ جو لشڪر شڪست کاڌي. جنگ دوران ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڪجهه مقامي فوجي ۽ رهواسي سنڌ جي طرف لڏي ويا. فتح کان پوءِ شاھ بيگ ارغون سيويءَ ۾ داخل ٿيو ۽ ڪجهه وقت اتي قيام ڪيو. هن شهر ۽ باغن ۾ عمارتن جا بنياد رکيا ۽ قلعي جي تعمير ۽ مضبوطيءَ تي ڌيان ڏنو[1]. انتظامي لحاظ کان، شاهه بيگ ارغون سيويءَ جي حڪومت پنهنجي اهم امير مرزا عيسيٰ ترخان جي حوالي ڪئي، جيڪو بعد ۾ ترخان خاندان جي حڪمرانيءَ جو بنياد بڻيو. ان کان پوءِ شاهه بيگ ارغون پاڻ قنڌار واپس هليو ويو[1].
ٺٽي جي فتح (1519ع لڳ ڀڳ)
[سنواريو]شاهه بيگ ارغون 15 محرم الحرام 926هه تي پنهنجي لشڪر سان درياھ پار ڪري ٺٽو جي ويجهو پهتو. ان وقت سما حڪمران ڄام فيروز سمو شهر اندر موجود هو، جڏهن ته سندس سپھ سالار دريا خان وڏي لشڪر سان ارغون فوج کي روڪڻ لاءِ اڳتي وڌيو[1]. ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت جنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ارغون فوج کي ڪاميابي حاصل ٿي. جنگ دوران دريا خان سمو لشڪر سميت مارجي ويو، جنهن سان سما مزاحمت ٽٽي پئي. دريا خان جي شهادت جي خبر ملڻ تي ڄام فيروز ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو ۽ پير پٺي (پيرار) تائين وڃي پهتو[1]. فتح کان پوءِ، 20 محرم تائين ارغون لشڪر طرفان ٺٽي ۾ ڦرلٽ ۽ سختيون ٿيون، جن دوران ڪيترن ئي رهواسين جا مال متاع لٽيا ويا ۽ ڪجهھ ماڻهن جا اهل و عيال قيد ڪيا ويا. بعد ۾، ان دور جي نامياري عالم ۽ قاضي قاضي قاضن جي سفارش ۽ ڪوششن سان ارغون حڪمران جو رويو نرم ٿيو، ۽ شهر ۾ عام اعلان ڪرائي ماڻهن جي جان، مال ۽ اهل و عيال کي نقصان نه پهچائڻ جو حڪم ڏنو ويو[1].
سيوستان جي فتح
[سنواريو]ٺٽي جي فتح کان پوءِ، شاهه بيگ ارغون سنڌ جي وسيع علائقي جي انتظام بابت پنهنجي اميرن ۽ مصاحبن سان صلاح مشورا ڪيا. ترخان نامي موجب، فيصلو ڪيو ويو ته سڄي سنڌ جو انتظام هڪ هٿ ۾ رکڻ مشڪل آهي، تنهنڪري ملڪ کي انتظامي لحاظ کان ورهايو وڃي. ان موجب، لڪي جبل (سيوهڻ ڀرسان) کان ٺٽي تائين وارو علائقو سما حڪمران ڄام فيروز جي ماتحتي ۾ ڏنو ويو، جڏهن ته لڪي جبل کان مٿي (مٿين سنڌ) وارو علائقو شاهه بيگ ارغون جي حڪومت هيٺ رکيو ويو. معاهدن ۽ اقرارنامن جي تڪميل کان پوءِ شاهه بيگ سيوستان ڏانهن روانو ٿيو[1]. شاهه بيگ جي لشڪر جي اچڻ کان اڳ سيوستان جا ڪيترائي رهواسي ٽلٽي ڏانهن هليا ويا. ان وقت سهتا ۽ سوڍا قبيلن جا ماڻهو گڏ ٿي ارغون فوج جي مقابلي لاءِ تيار ٿيا. ٻنهي ڌرين وچ ۾ نهايت سخت جنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سھتا ۽ سوڍا شڪست کاڌي ۽ سيوستان جو قلعو شاھ بيگ ارغون جي قبضي ۾ آيو[1]. فتح کان پوءِ شاھ بيگ سيوستان جي اندرين ۽ ٻاهرين قلعي جي مضبوطيءَ کي ڏسي، پنهنجي اهم اميرن، مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان، کي سيوستان ۾ مقرر ڪيو ۽ کين حڪم ڏنو ته قلعي اندر پنهنجون حويليون تعمير ڪرائين[1].
ٽلٽيءَ وٽ شاھ بيگ ارغون ۽ سنڌي مزاحمت (1510ع لڳ ڀڳ)
[سنواريو]سما سلطنت جي زوال کان پوءِ سورهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ سنڌ سياسي بي يقينيءَ جي حالت ۾ هئي. انهيءَ دور ۾ ارغون سردار شاھ بيگ ارغون سيوهڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ هيٺين سنڌ ڏانهن اڳتي وڌيو. هن پيشقدمي دوران ٽلٽيءَ جي علائقي ۾ مقامي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، جتي سما دور سان لاڳاپيل قوتون اڃا سرگرم هيون. تاريخي ماخذن موجب، ٽلٽيءَ وٽ ارغون فوج جي مقابلي لاءِ مقامي سردارن ۽ سما دور جي وفادار اڳواڻن لشڪر ترتيب ڏنو. انهن ۾ ڄام سارنگ سهتو ۽ رڻمل سوڍو جهڙا نالا نمايان ملن ٿا. هي مزاحمت ارغون اقتدار جي توسيع خلاف علائقائي اقتدار ۽ روايتي حڪمراني جي بچاءَ جي ڪوشش طور ڏٺي وڃي ٿي. ڪجهه روايتن ۽ بعد جي ادبي بيانن ۾ مخدوم بلاول کي به ارغونن جي مخالفت ڪندڙ شخصيت طور پيش ڪيو ويو آهي. تاريخي ماخذن مان اها ڳالهه پڪ سان معلوم ٿئي ٿي ته مخدوم بلاول ارغون حڪمراني جو مخالف هو ۽ بعد ۾ شهيد ڪيو ويو، پر ٽلٽيءَ جي جنگ ۾ سندس سڌي فوجي ڪردار بابت تفصيلي ۽ قطعي بيان دستياب نه آهي. ارغون فوج درياھ پار ڪري ٽلٽيءَ تي حملو ڪيو. شروعاتي مقابلي کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جي پاڻ لشڪر سان پهچڻ سبب ارغونن کي فوجي برتري حاصل ٿي ۽ شهر تي قبضو ڪيو ويو. تاريخي بيانن موجب، ان دوران شهر کي شديد نقصان پهتو ۽ ڪيترائي مقامي اڳواڻ ۽ سپاهي مارجي ويا. انهن ۾ ڄام سارنگ سهتو ۽ رڻمل سوڍو جا نالا گهڻو ڪري ذڪر ٿين ٿا، جڏهن ته دولھ درياهه خان جي پٽن محمود ۽ مٺڻ جي مارجي وڃڻ بابت به روايتون ملن ٿيون. ٽلٽيءَ جي واقعي کي سنڌ جي تاريخ ۾ ارغون قبضي خلاف اهم مزاحمتي باب طور ڏٺو وڃي ٿو. هي ٽڪراءُ جديد قومي تصور جي معنيٰ ۾ “قوميت” تي ٻڌل نه هو، پر مقامي سياسي خودمختياري، سماجي ڍانچي ۽ روايتي اقتدار جي بچاءَ جي ڪوشش جو اظھار هو. مختلف سماجي ۽ مذهبي طبقن جي گڏيل ردعمل هن دور جي سنڌي سماج جي پيچيده ساخت کي ظاهر ڪري ٿو.
بکر ۾ ارغون اقتدار جو قيام
[سنواريو]سيوستان کان پوءِ شاهه بيگ ارغون بکر ڏانهن روانو ٿيو ۽ منزلون ڪندو سکر جي ميدان ۾ اچي لٿو. ٿوري عرصي بعد هو بکر جي قلعي ۾ داخل ٿيو. شهر جون جايون ۽ محلات ڏسي، انهن کي اميرن ۽ سپاهين ۾ ورهايو. قلعي جي تعمير ۽ مضبوطي لاءِ حڪم ڏنو ويو ته قديم الور جو قلعو، جيڪو اڳيون تختگاهه هو، ڊاهي ان جون سرون بکر آنديون وڃن، ۽ بکر جي آسپاس ترڪن ۽ سمن جون ڪجهھ عمارتون به ڊاهي قلعي جي اڏاوت ۾ استعمال ڪيون وڃن. ٿوري وقت اندر قلعي جي تعمير مڪمل ڪئي وئي[1]. هن انتظامي ورهاست ۾ مرزا شاھ حسن، مير فاضل ڪوڪلتاش، سلطان محمد مھردار ۽ ٻين اميرن کي بکر ۾ خاص جايون ڏنيون ويون. هڪ سال گذرڻ بعد، جڏهن قلعي جي تعمير ۽ رعيت جي انتظام بابت شاھ بيگ مطمئن ٿيو، تڏهن 928ھ ۾ پائينده محمد خان کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو[1].
جھالار جي جنگ
[سنواريو]شاهه بيگ ارغون جي سنڌ ۾ اڳڀرائي ۽ دريا خان جي وفات کان پوءِ سما حڪمراني اندر اختلاف پيدا ٿيا. ان پسمنظر ۾، ڄام صلاح الدين, جيڪو اڳ ڄام فيروز جي دور ۾ سياسي سببن ڪري ٺٽي جي تخت کان محروم ٿي گجرات ۾ رهيو هو, سنڌ جي سياسي صورتحال مان فائدو وٺندي ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي[2]. ڄام صلاح الدين جاڙيجن، سوڍن، سمن ۽ کنگهارن قبيلن مان لڳ ڀڳ ڏهه هزار ماڻهن تي مشتمل لشڪر گڏ ڪيو ۽ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. تاريخدان اعجاز الحق قدوسي مطابق، انهن قبيلن ڄام صلاح الدين جي حمايت ان ڪري ڪئي، جو هو سما خاندان جو فرد هو ۽ دريا خان جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز جي پاليسين سان مطمئن نه هئا[2].ان دوران ڄام فيروز، ارغون حڪمرانن سان سياسي صلاح مشورا ڪيا. ٻنهي ڌرين وچ ۾ سفارتي رابطن لاءِ قاضي قادن کي ذميواري ڏني وئي. نيٺ فيصلو ڪيو ويو ته ارغون لشڪر جي اڳواڻي هيٺ مرزا شاهه حسن کي ڄام صلاح الدين جي فوج سان مقابلي لاءِ موڪليو وڃي[2]. ٻنهي فوجن وچ ۾ جھالار جي پٽ ۾ سخت جنگ لڳي. جنگ دوران ڄام صلاح الدين، سندس پٽ هيبت خان ۽ هڪ ٻيو سما امير مارجي ويا. شديد نقصانن کان پوءِ ڄام صلاح الدين جي فوج کي شڪست آئي. بچيل لشڪر ڪڇ ۽ گجرات ڏانهن هٽي ويو[2]. هي جنگ سنڌ ۾ سما اقتدار جي آخري منظم فوجي ڪوششن مان هڪ سمجهي وڃي ٿي، جنهن کان پوءِ ارغون حڪمراني وڌيڪ مستحڪم ٿي وئي[2].
گجرات تي چڙھائي جي تياري
[سنواريو]ان کان پوءِ شاھ بيگ وڏي لشڪر سان گجرات فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، پر کيس خبر ملي ته بابر بادشاھ ڀيره ۽ خوشاب جي علائقي تائين پهچي چڪو آهي ۽ هندستان فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترخان نامي موجب، شاڻ بيگ هن صورتحال کي سنڌ لاءِ مستقبل جو خطرو سمجهيو. انهن ڳڻتين دوران هو اوچتو بيمار ٿيو ۽ علاج جي ڪوششن باوجود ماهه شعبان 928هه ۾ وفات ڪري ويو. ترخان نامي مطابق، شاھ بيگ ارغون جي حڪومت جو مجموعي عرصو لڳ ڀڳ پندرهن سال هو[1].
وفات
[سنواريو]شاهه بيگ هڪ سال جو مختصر عرصو، سنڌ تي حڪومت ڪئي. تاريخ 11 ماهه محرم الحرام 927ھ/1520ع جي، هي سنڌ داخل ٿيو ۽ تاريخ 22 ماهه شعبان 930ھ/1523ع جي وفات ڪيائين