مواد ڏانھن هلو

راڻيپور، سنڌ

بيھڪ: 27°17′20″N 68°30′16″E / 27.28889°N 68.50444°E / 27.28889; 68.50444
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راڻي پور
Ranipur
درازا، راڻي پور ۾ واقع سچل سرمست جي مزار
درازا، راڻي پور ۾ واقع سچل سرمست جي مزار
راڻي پور is located in سنڌ
راڻي پور
راڻي پور
جاگرافي بيهڪ: 27°17′20″N 68°30′16″E / 27.28889°N 68.50444°E / 27.28889; 68.50444
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو خيرپور
Area
 • Total
45 ڪ.م2 (17 ميل2)

راڻي پور (اردو: رانيپور) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي خيرپور جي سوڀو ديرو تعلقي جي ھڪ ننڍو شهر ۽ ٽائون ڪاميٽي آهي جيڪا نيشنل ھاء وي 5 تي واقع آھي.

ھن شھر جي ڀرسان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ درازا واقع آهي، جتي سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست جو مقبرو آهي. هن کان علاوه ھن شھر ۾ مختلف پيرن فقيرن جا مقبرا پڻ آھن جن م صالح شاھه، درگاہ حضرت سید حاجنہ شاھه ۽ سخی بودلا بخاری شامل آهن. شھر ۾ يادگار علامتي دروازا پڻ آھن جن ۾ باب دستگير، باب سچل سرمست، باب بودلا، باب صالح شاھه، باب عبدالجبار شاھ ۽ باب ڇتن شاھه بادشاھ شامل آهن. ھي شھر راڻي پور ھڪ عورت جي نالي سان مشهور آهي جنهن جي مزار درگاہ حضرت سید حاجنه شاہ سچي بودلا رح جي روضي ۾ موجود آهي. ھن شھر ء ان جي پسگردائيءَ وارن ڳوٺن ۾ مختلف ذاتين جا سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو رھن ٿا، جن ۾ ننگريجا، راڄپر، عباسي، سيد، ڪلھوڙا، سولنگي، ڄامڙا، وطني، جوڻيجا، ثڳڙ، بروھي، ڀيلار، شاھاڻي، وساڻ، سھتا، پیرزادہ، ھڱورا ۽ گھانگھرا وغيرہ شامل آھن. ھتي راڻي پور شوگر مل ھڪ اھم صنعتي يونٽ آھي.

تعليم

[سنواريو]

ھڪ ننڍڙو شھر ھوندي بہ ھي تعليم ۾ اڳڀرو رهيو آهي. ھتي گورمينٽ پرائمري اسڪول 1892 ۾ قائم ٿيو. گورنمينٽ ھاء اسڪول جو قيام 1939 ۾ عمل ۾ آيو. ان وقت راڻي پور ميرن جي رياست خيرپور جو حصو ھيو. ھن وقت اتي گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول، سچل سرمست بوائيز ڊگري ڪاليج،گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ، مھراڻ ھائر سيڪنڊري پبلڪ اسڪول، بحريہ فائونڊيشن ڪاليج ۽ ٻيا کوڙ سارا پرائيويٽ اسڪول موجود آهن پر ھن شھر کي تعليم جي حوالي سان مظھر مسلم ماڊل ھائر سيڪنڊري اسڪول راڻي پور جي ڪري وڌيڪ مشھور آھي جنھن جو باني انجنيئر ممتاز علي چنو آھي. ھن اسڪول ۾ بورڊنگ واري سھولت پڻ موجود آهي ۽ پري پري جا علائقن جا شاگرد ھتي تعليم پرائين ٿا.


حوالا

[سنواريو]