شاهه عنايت شهيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

صوفي شاھ عنايت شھيد(انگريزي: Sufi Shah Inayat Shaheed)صوفي شاهه عنايت شهيد دڪن ۾ شاهه عبدالملڪ جي هٿ تي تصوف ۽ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. ظاهري علم ,,لاء شاهجهان آباد ۾ شاهه غلام محمد وٽ ويو، جنهن کي پاڻ تصوف جي رازن کان واقف ڪيائين ۽ اها محبت غلام محمد کي ٺٽي وٺي آئي پر شيخ اڳيان ادب ۾ سجدي ادا ڪرڻ تي مٿس عالمن جي تنقيد ٿي جنهن ڪري شاهه صاحب کيس واپس وڃڻ جو چيو[1]. شاهه عنايت الله صوفي پٽ مخدوم فضل الله ڪامل درويش ۽ وطن پرست انسان هو. سندس وڏا پڻ درويش صفت انسان هئا جيڪي اصل ۾ نصريه جا ويٺل هئا. اهو ڳوٺ بنوري جي پرڳڻي ۾ ٿي گذريو آهي. شاهه عنايت پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا سير سفر ڪيا. سندن ڳوٺ اصل متعاوي سيدن جو هو، جن مان پهريون سيد عبدالڪريم شاهه بلڙي وارو مخدوم فضل الله جي پڙڏاڏي مخدوم صدوءَ جو مريد هو[2][3][4] صوفي شاهه عنايت شهيد 1656ع يعني 1066 هجريءَ ۾ جنم ورتو[5].

تعليم ۽ تربيت[سنواريو]

شهيد جي ولادت 1165هه ۾ ٿي. ٽي ڀائر هئا، جن مان شاهه عنايت وچون هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد مخدوم فضل الله کان حاصل ڪيائون. ان کان پوءِ حق جي تلاش ۾ سير سفر تي نڪتا. ميان محمد امين نقشبندي، شاهه حمزو ۽ ميان ابراهيم ڪاتيار سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. سير سفر ڪندي ملتان آيا ۽ سال کن شيخ شمس الدين ملتاني جي خدمت ۾ رهيا. ان کانپوءِ ٻيا گهڻائي شهر گهمندي آخر حيدرآباد دکن ۾ شاهه عبدالملڪ جيلاني جا مريد ٿيا. اتي مرشد جي ارشاد موجب بانس جي ٻيلن ۾ خوب رياضتون ڪيائون. مرشد مٿن گهڻو مهربان ٿيو ۽ مٿن ايتري ته فيض جي پالوٽ ڪيائون جو ڪمال جي درجي کي رسيا. نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي مرشد کان وطن ورڻ جي اجازت گهريائون. شاهه صاحب کين اجازت ڏني ۽ سندن آڏو ٽي سوکڙيو رکيائون ته هنن مان ڪا به هڪ کڻو. اهي هيون ترار، تسبيح ۽ ڪونرو، پاڻ ترار کنيائون. تنهن تي سندن مرشد فرمايو ته ”ان جو اجورو وڏو آهي“. شاهه عنايت جواب ۾ عرض ڪيو ته ”سر حاضر آهي“ پوءِ کين هدايت ڪيائون ته ”ماٺ ۽ صبر ڪري سر ڏجو“ مرشد کان موڪلائي وطن موٽي آيا. واٽ تي گهڻائي سندن مريد ٿيا. انهن مان پنج سئو مريد ساڻن گڏ آيا، جيڪي وري واپس هندستان نه ويا[6][7].

خاندان[سنواريو]

شاهه شهيد چار شاديون ڪيون هيون. پهرين پنهنجي چاچي مخدوم محمد عمر جي نياڻيءَ سان، جنهن مان کين اولاد ڪو نه ٿيو. ٻي ڪڇ جي راجا جي خاندان مان ڪيائون، جنهن مان کين هڪ فرزدند ڄائو، جنهن جو نالو شاهه خليل الله هو. جيڪو شاهه عنايت جي شهادت وقت پنهنجي ناناڻن ۾ هو. جتان پوءِ ايران ويو. ٽين شادي ٺٽي جي مخدوم اسماعيل جي ڀيڻ سان ڪيائون، ان مان کين ڪو اولاد ڪو نه ٿيو. چوٿين شادي ٺڪرن سوڍن جي گهراڻي مان ڪيائون، جنهن مان کين ٻه فرزند ٿيا. پير عزت الله شاهه ۽ پير سلام الله شاهه. والد[8] جي شهادت وقت پير عزت الله شاهه موجود نه هو ۽ پير سلام الله شاهه مهيني سوا جو معصوم ٻار هو. سندن ولادت شهادت واري سال ٿي هئي.[6].شاهه صاحب کي ٽي فرزند هئا؛ الهرکيو شاهه، مير قلندر علي شاهه ۽ مير منور علي شاهه، فقيري واري امانت مير قلندلر علي شاهه کي ملي.[6]وڏي فرزند شاهه خليل الله جو ڪي قدر احوال ڏٺو ويو آهي. هتي سندن بي اولاد جو مختصر احوال ڏنو وڃي ٿو؛ شاهه عزت الله شاهه شهيد جو وچون فرزند هو. جهوڪ واري سانحي وقت ميران پور ۾ موجود نه هو[6].

شاھ عنايت جي تحريڪ[سنواريو]

شاهه عنايت ڳوٺ جهوڪ عرف ميران پور غاريا يا گاجيا واهه ڀرسان ميرپور بٺوري ۾ رهي ڪري علم ۽ عرفان جي ڦهلائڻ ۾ لڳي ويو. شاهه صاحب جي فيض ڪري پري پري کان ماڻهو اچي سندس مريد ٿيڻ لڳا ۽ هر هنڌ هاڪ وڌڻ لڳي.، جنهن جي ڪري هڪ ته بلڙي وارن سيدن جي پيري مريدي گهٽجڻ لڳي ۽ ٻيو اوسي پاسي وارن زميندارن جو اثر گهٽجڻ لڳو جنهن ۾ نور محمد پليجو ۽ حمل خان جت شامل هئا.[1]. شاهه عنايت هندستان ۾ وڃي برهانپور شهر ۾ عبدالمالڪ جي صحبت حاصل ڪئي ۽ پنج ورهيه انهن جي نظرداريءَ ۽ تربيت هيٺ رهيو. ظاهري علم جي حاصلات شاهه جهان آباد جي شاهه غلام محمد وٽ ڪيائين ۽ انهن جو مريد ٿيو. شاهه عبدالمالڪ کان اجازت وٺي ٺٽي ۾ آيو. نيٺ ٺٽي مان لڏي ميرانپور جي ڳوٺ ۾ آيو جنهن کي جهوڪ چيو ويندو آهي. اُتي خانقاهه بڻائي ويٺو ۽ هزارين مريد ٿيڻ لڳس..تحفة الڪرام مطابق بلڙي وارن سيدن مان سيد عبدالواسع بن سيد عبدالغني بن سيد عبدالدليل بن سيد دين محمد،. شاهه عنايت جي مخالفت ۾ اڳڀرو هو ۽ جنهن وڃي ان وقت جي ٺٽي جي ناظم لطف علي خان کي شڪايت ڪئي. لطف علي خان بنا پڇا ڳاڇا ۽ معلومات وٺڻ جي بلڙي سيدن کي شاهه عنايت سان پاڻ نبرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙي اجازت ملڻ بعد انهن جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي خانقاهه مٿان حملو ڪيو ۽ شاهه صاحب جي ڪيترن ئي مريدن کي ماري وڌو. قتل ٿيندڙن جا وارث جڏهن حڪومت وٽ فرياد کڻي ويا ته حڪومت قاتلن جون زمينون انهن کي ورهائي ڏنيون[1]شاهه عنايت جڏهن دکن مان موٽيو ته هن الله جي عبادت سان گڏو گڏ خلق جي خدمت کي پنهنجو شيوو بڻايو. پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏنائون. پير حسام الدين شاهه راشدي لکيو آهي ته ”سندس اهل خاندان ۽ سندس مريد يا هاري ناري گڏجي زمين ۾ هر ڪاهيندا هئا،“ آمدني ۽ پيداواري تي سڀني جو گڏيل حق هو ۽ ونڊڻ وقت هر ڪو هڪ جيترو ان ورهائي کڻندو هو. [6].“ (.1128هه (1716ع) ۾ لطف علي خان جي جاءِ تي نواب اعظم خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو ته شاهه عنايت جي دشمنن سندس ڪن ڀريا ۽ ان شاهه عنايت جي خانقاهه وارين زمينن جي ڍل وٺڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا اڳ ۾ معاف ٿيل هئي. شاهه عنايت، اعظم خان کي چيو ته بادشاهه طرفان اها اڳ ۾ ئي معاف ٿيل آهي. تنهنڪري اوهان ان جو مطالبو ڇو ٿا ڪريو! شاهه عنايت جي اهڙي جواب تي اعظم خان ڪاوڙجي پيو ۽ بادشاهه فرخ سير ڏانهن لکيائين ته شاهه عنايت ۽ سندس مريد ڍل نٿا ڏين ۽ بغاوت لاءِ بيٺا آهن. اتان حڪم آيو ته انهيءَ فتني جي پاڙ پٽي وڃي. جنهن تي اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي پنهنجون پنهنجون فوجون وٺي اچي جهوڪ شريف کي گهيرو ڪيو، شاهه عنايت جا مريد رات جو سرڪاري فوج مٿان ڇاپا هڻي ڪيترائي سپاهي ماريندا رهيا. اهڙي طرح چئن مهينن تائين شاهه عنايت جي خانقاه جو گهيرو رهيو. نيٺ مقالات الشعراءِ مطابق 8 ذوالقعد 1129هه (31 آڪٽوبر 1717ع) تي جنگ شروع ٿي.[1] 9 سفر 1130هه (پهرين جنوري 1718ع) تي يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ، شاهه عنايت کي صلح ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. ان ٺاهه ۾ اهو فيصلو ٿيو ته درويشن جي جان ۽ مال کي ڪو نقصان نه پهچايو ويندو. انهيءَ ٺاهه کان پوءِ شاهه عنايت، اعظم خان وٽ پهتو ته خبر پيس ته اهو ٺڳي جو ٺاهه هو[1].نواب اعظم خان شاهه عنايت کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 15 صفر 1130هه (7 جنوري 1718ع) تي شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو[1].

اهڙي وايو منڊل کي ڏسي شاهه ڪريم پوٽا سيد سندس حاسد ٿيا ۽ دهلي جي حاڪم تائين مٿس فرياد کڻي ويا ته فساد ٿو برپا ڪري. ٺٽي جي حاڪم نواب اعظم خان به انهن جي پٺڀرائي ڪئي. آخر بادشاهه جي حڪم سان هڪڙو وڏو لشڪر آيو ۽ سن 1130هه ۾ شاهه عنايت کي شهيد ڪيو ويو. شاهه عنايت صوفيءَ جو احوال سنڌ جي تاريخن ۾ آيل آهي. جي ايم سيد پڻ شاهه عنايت صوفيءَ جو مفصل احوال پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جا سورما“ ۾ ڏنو آهي. شاهه عنايت جا سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترائي مريد هئا. سيد جانشاهه روهڙيءَ وارو پڻ سندن مريد ۽ خليفو هو.

شاهه عنايت عالم، فاضل ۽ شاعر هو. سندس فارسي ۽ سنڌي شعر موجود آهن. شاهه عنايت کي سنڌ جي صوفي بزرگن جو سرتاج پڻ چيو ويندو آهي. سائين جي ايم سيد طرفان کيس سورمو قرار ڏيڻ بعد سندس مزار تي هزارين نوجوان پڻ هر سال وڃي کيس سلامي ڏيندا آهن.

ان دور ۾ شاهه عنايت صوفي هڪ منظم سياسي اُڀار واري تحريڪ هلائي جنهن کي ”جيڪو کيڙي سو کائي“ واري نعري تحت ياد ڪيو ويندو آهي[9]. سندس نعرو ان وقت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور ٿي ويو، هزارين سنڌي لڏي اچي جهوڪ ۾ سندس پناهه ۾ ويهڻ لڳا. ظاهر آهي ته اهڙي سمڪ جڏهن حاڪمن کي پئي هوندي ته انهن اندروني طور ڪيتريون ئي رڪاوٽون کڙيون ڪيون هونديون، پر هي سيدزادو هر مشڪل مان پار پوندو ويو.

جنگ[سنواريو]

سندن فقيري انسان دوستي ۽ هن نئين زرعي نظام سبب ڪيترائي مسڪين هاري پنهنجي زميندارن کي ڇڏي اچي گڏيل ملڪيت ۾ شريڪ ٿيا. تَر جي پيرن جا ڪيترائي مريد پنهجن مرشدن کي ڇڏي، اچي شاهه عنايت جا مرد ٿيا، تنهن ڪري پيرن، مرشدن زميندر، جاگيردارن ۽ مذهبي اڳواڻن سندن خلاف سازش سٽي. نتيجي ۾ جهوڪ واري جنگ لڳي.[6].ان وقت سندن 24 هزار جان نثار مريد هئا. پنهنجن مريدن جو جوش ڏسي کين چيائون ته، ” بابا محبوب حقيقي ناز ڪيو آهي، ”اسان نياز ڪنداسون.“ تڏهن خليفن عرض ڪيو ته قبلا ! اسان کي به اجازت ڏيو ته شهيد ٿيون.“ تنهن تي مير جان الله شاهه کي حڪم ڪيائون ته توهان روهڙي وڃـو. خواجه عبيدالله کي اجمير واپس وڃڻ جو ارشاد ٿيو. شاهه عبداللطيف ٺٽوي کي ٺٽي وڃڻ جو حڪم مليو ۽ محمد اسماعيل کي پڻ ٺٽي وڃڻ جو امر ٿيو. ڪن ٻين کي پڻ اجازت ڏنائون ته پنهنجي پنهنجي شهر هليا وڃن. باقي 24 هزار مريدن ۾ سليمان هندي پڻ شامل هو، جيڪو هندوستان کان ساڻن گڏ آيو هو. انهن فقيرن ما ٻه هزار چار سئو تاج پهريل هئا. جهوڪ واري جنگ ۾ اهي سڀ فقير شهيد ٿيا، جن کي ستن کوهن ۾ دفنايو ويو. انهن کوهن کي ” گج شهيدان“ سڏيو ويندو آهي.[6]. تاريخ جي ورقن مان ڄاڻ پوي ٿي ته جڏهن دشمنن لاءِ ٻيو ڪو چارو نه رهيو ته ڳالهين ۽ ٺاهه بهاني کيس گهرائي قتل ڪيو ويو. جڏهن جهوڪ جهريو ته شاهه عنايت جي مريدن جو پڻ قتل عام ڪيو ويو. ڪيترئن مريدن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو. پر شاهه عنايت جي فڪر ۽ سندس لازوال نعري ”جيڪو کيڙي سو کائي“ کي ڪوبه شڪست نه ڏئي سگهيو.

جنگ کان پوءِ[سنواريو]

شاهه شهيد جو وچون فرزند هو. جهوڪ واري سانحي وقت  ميران پور ۾ موجود نه هو. شاهه شهيد جي شهادت کان پوءِ پڙهو گهمرايو ويو هو ته ؛ جتي به ڪو صوفي ڏسو ته ان کن قتل ڪري سر کڻي اچو ۽ انعام حاصل ڪريو. هن سلسلي ۾ مير علي شير قائع لکي آهي ته ؛ ان  کانپوءِ ( شهادت کانپوءِ) نواب شهر ۾ پڙهو گهمرائي ڇڏيو هو ته ڪو به ماڻهو ( يا الله) جو نعرو نه هڻي، جيڪو حڪم عدولي ڪندو، تنهن کي ترار جي ڌار تي رکيو ويندو.  اهي ڳالهيون ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويون. جڏهن اجمير واري خليفي خواجه عبدالله عرف حاميد کي ان سانحي جي خبر پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس، دهلي جو هاڪم سندس معنق هو، هن ان وٽ وڃي پنهنجي مرشد جي لاءِ سفارش ڪئي، بادشاهه کي قائل ڪري صوفين جي سر وڍڻ وارو حڪم منسوخ ڪرايئين ۽ سنڌ اچي شاهه عزت الله کي گاديءَ تي وهاريائين، شاهه عزت الله سنه 1182ع ۾ وصال ڪيو[6].

شاھ عنايت جا خليفا[سنواريو]

شھيد شاھ عنايت جا 40 خليفا هئا، جن مان 14 گهڻو مشهور آهن، سڀني ۾ وڏو مير جان الله شاهه رضوي هو، هتي انهن مان ۽ خليفن جو مختصر ذڪر ڪيو وڃي ٿو.

مير جان محمد شاهه[سنواريو]

وڏو عابد زاهد هو. بهترين خطاط هو، قرآن مجيد لکي ان جي اجوري مان گذر سفر ڪندو هو، سندن هزارين مريد هئا، جن مان ميان باقر علي شاهه بڪار وارو ۽ شاهه عبدالنبي گندا واهه وارو غلام رسول پٺاڻ ۽ شاهه عبدالوهاب شاهه گهڻو مشهور آهن: فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو، سندن ديوان، ديوان مير، ۽ سندن پوٽي جان الله شاهه عاشق جو ديوان عاش، سندن پوين وٽ محفوظ آهن.[6]

شاھ عبداللطيف ٺٽوي[سنواريو]

هيءُ پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، شاهه اسماعيل صوفي ۽ علامه محمد معين ٺٽوي جو گهرو دوست هو، موسيقي جو ماهر هو، فارسي زبان جو سٺو شاعر هو،” مشهوري کان ڀڄندڙ ۽ وڏين ڪرامتن جو مالڪ هو“[10] شاهه سلام الله ٿر ڌڻي کي هن فقير فيض پهچايو هو.[6].

عبدالڪريم ٺٽوي[سنواريو]

هن خليفي شهه شهيد جو روضو مبارڪ جوڙايو، روضي جو ڪم گهڻو ڪري رات جو هلندو هو، اهل بيت پڻ عقيدت مان چولي جون تغاريون ڍوئيندا هئا، اهي سيد ٺٽي ۾ صوفي سيد سڏبا آهن[6][11] .

محمد اسحاق[سنواريو]

هيءُ فقير نصرپور جو ويٺل هو، روحل فقير ڪنڊريءَ وار سندن اولاد مان آهي[6].

محمد صدي ڀيڏن وارو[سنواريو]

هيءُ ذات جو لاکو هو ۽ هالا تعلقي جو ويٺل هو، ميڙي جي شروعات هن خليفي جي رٿ سان ٿي، پوءِ هر سال ميلو لڳندو رهيو، جيڪو اڃا تائين لڳندو اچي[6].

خواجه عبدالله عرف حاميد[سنواريو]

هيءُ اجمير وارن بزرگن مان هو، هن خليفي دهلي جي حڪمران کان پروانو وٺي صوفين جي مارڻ ۽ ( يا الله) چوڻ واريون پابنديون ۽ قهري قانون منسوخ ڪرايا، سنڌ اچي شاهه عزت الله شاهه کي گاديءَ تي ويهاريو[6].

سليمان هندي[سنواريو]

هيءُ خليفو پنج سئو هندي فقيرن سان حضرت صوفي صاحب سان گڏ هند کان سنڌ آيو هو ۽ سليمان هدي سڏبو هو، وڏو بهادر انسان هو، رياضتون ڪري وڏي مقام تي پهتو، 1130 هه ۾ پنهنجي مرشد سان گڏ شهيد ٿيو[6].

اڊن اوراهه وارو[سنواريو]

هيءُ ذات جوڳ سمون هو، وڏيون رياضتون ڪيائين، اڪثر ٻڪريءَ جي تازي کل وٺي بدن تي پائي ڇڏيندو هو، اٺ ڏينهن اها کل چڙهي پئي هوندي هيس[6].

شاهه اسماعيل ٺٽوي[سنواريو]

سندن اصل نالو اسد الله هو، حضرت صاحب جو پيارو خليفو هو، صوفي صاحب کي پنهنجي ڀيڻ جو سنگ ڏنو هئائين، مقلات الشعراءَ ۽ تحفته الڪرام ۾ سندس احوال آيل آهي، مولانا وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو آهي ته ؛ شاهه اسماعيل وقت جو هڪ وڏو بزرگ ڪرامتن ۾ وڏي ڪرامات جو مالڪ هو. شاهه عنايت الله صوفي جهوڪ واري سان دوستي ۽ اخلاص جا گهاٽا تعلقات هوس[6].

ورثو[سنواريو]

اڄ جڏهن به شاهه عنايت صوفيءَ جي جنم ڏينهن تي جهوڪ ۾ ميلو لڳندو آهي ته سندس هزارين عقيدتمند سان گڏ سنڌ جا وطن پرست نوجوان يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ مختلف شهرن مان گاڏيون ڪاهي اچي جهوڪ ۾ ڳاهٽ ٿيندا آهن. شاهه عنايت صوفي سنڌ سان محبت ۽ وفا جو اهڃاڻ آهي، نوجوان کيس ڀيٽا ڏئي پنهنجي لاءِ اتساهه حاصل ڪندا آهن.

عرس[سنواريو]

سندس عرس هر سال ملهايو ويندو آهي.[12][13]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  2. http://awamiawaz.com/%D8%B5%D9%88%D9%81%D9%8A-%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87-%D8%B9%D9%86%D8%A7%D9%8A%D8%AA-%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF-%D8%AC%D9%87%D9%88%DA%AA-%D9%88%D8%A7%D8%B1%D9%88/
  3. جو کيڙي سو کائي جو فڪر ۽ شاهه عنايت شهيد جي انقلابي جدوجهد
  4. http://awamiawaz.com/%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87-%D8%B9%D9%86%D8%A7%D9%8A%D8%AA-%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF-%D8%AC%D9%88-%DA%A9%D9%8A%DA%99%D9%8A-%D8%B3%D9%88-%DA%A9%D8%A7%D8%A6%D9%8A-%D8%AC%D9%88-%D8%B9%D8%B8%D9%8A%D9%85/
  5. http://indusnews.net/2013/12/21/%D8%B5%D9%88%D9%81%D9%8A-%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87-%D8%B9%D9%86%D8%A7%D9%8A%D8%AA-%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF-%D8%AC%D9%8A-%D9%85%D8%B2%D8%A7%D8%AD%D9%85%D8%AA%D9%8A-%D8%AA%D8%AD%D8%B1%D9%8A%DA%AA-%DB%BD/
  6. 6.00 6.01 6.02 6.03 6.04 6.05 6.06 6.07 6.08 6.09 6.10 6.11 6.12 6.13 6.14 6.15 6.16 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  7. انيس المساڪين(قلعي) قاضي غلام مهدي ص -9 ۽ 10، 1340هه/ 1932 ع
  8. انيس المساڪين(قلعي) قاضي غلام مهدي ص -9 ۽ 10، 1340هه/ 1932 ع
  9. Daily Kawish - Sindhi News Paper
  10. تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٽيون، مولانا وفائي،ص 82 سنڌي ادبي بورڊ سن 1986
  11. انيس المساڪين قاضي غلام مهدي(قلفي) ص 65
  12. http://www.onlineindusnews.com/2015/11/%D8%AC%D9%88-%DA%A9%D9%8A%DA%99%D9%8A-%D8%B3%D9%88-%DA%A9%D8%A7%D8%A6%D9%8A-%D9%86%D8%B8%D8%B1%D9%8A%D9%8A-%D8%AC%D9%8A-%D8%A8%D8%A7%D9%86%D9%8A-%D8%B5%D9%88%D9%81%D9%8A%D9%86-%D8%AC/
  13. sindhnewsonline - Sindh News Online
  • ڪتاب، ”سڌ جا سورما“ ليکڪ: سائين جي ايم سيد
  • ڪتاب، ”قديم سنڌ جا ستارا“ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ